ڪمار شاهاڻي
(7 ڊسمبر 1940 - 24 فبروري 2024)
لاڙڪاڻي ۾ جنم وٺندڙ ڀارتي فلم انڊسٽري جو مشهور فلمساز ڪمار شاهاڻي 83 ورهين جي ڄمار ۾ ڪلڪتي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. ڪمار شاهاڻي هندستاني متوازي سئنيما جي بانيڪارن مان هڪ هو.

7 ڊسمبر 1940ع تي پاڪستان جي شهر لاڙڪاڻي ۾ جنم وٺندڙ ڪمار شاهاڻي فلم اينڊ ٽيليويزن انسٽيٽيوٽ آف انڊيا ۾ تعليم حاصل ڪئي. شاهاڻي 1958ع کان 1962ع تائين پوليٽيڪل سائنس ۽ تاريخ جو اڀياس پڻ ڪيو. هن فرانس ۾ پڻ فلمسازي جي اعلا تعليم حاصل ڪئي، جتي هن کي جڳ مشهور فرينج فلم ساز رابرٽ برينسن ۽ اٽالين فلم ساز رابرٽو روسيليني سان ڪم ڪرڻ جا موقعا مليا. جن هن جي پروفيشنل مهارتن تي وڏا اثر ڇڏيا.
مشهور فلمساز ڪمار شاهاڻي به بالي ووڊ ۾ هڪ استاد ۽ سئنيما نظريه نگار جي حيثيت سان هڪ الڳ سڃاڻپ ٺاهي آهي. فلمسازي سان گڏوگڏ هن جي ھڪ دانشور واري حيثيت به ڄاتل، سڃاتل ۽ مڃيل آهي.
شاهاڻي پوىنرن ۾ پنهنجي گهر واري روشن شاهاڻي سوڳوار ڇڏي آهي. کين ٻن نياڻين جي اولاد آهي. سندن هڪ ڌيء ڊاڪٽر اترا شاهاڻي آڪسفورڊ يونيورسٽي ۾ پروفيسر آهي. ڏکڻ ايشيا، ورهاڱي وقت ٿيل لڏپلاڻ، بيٺڪي راڄ ۽ انکانپوء جون تبديل ٿيندڙ سرحدون ۽ سنڌي ڊائسپورا ڪميونٽي هن جي تحقيقي ڪم جا موضوع آهن. هن جا ڪيئي ريسرچ آرٽيڪل دنيا جي معتبر جرنلن ۾ ڇپبا رهن ٿا. ساڳي وقت ڊاڪٽر اترا عالمي سطح جي ڪانفرنسن ۾ پڻ شريڪ ٿي پنهنجو علمي ۽ تحقيقي ڪم پيش ڪندي رهندي آهي. سندن ٻي نياڻي رويتا شاهاڻي آرٽسٽ آهي، جنهن جي فن پارن جون نمائشون عالمي طور تي ٿينديون رهن ٿيون.