جيوڻي ٻاٸي


IMG 20240122 WA0065سنڌ جي ماضيءَ جي مشھور فنڪاره جيوڻي ٻائي 22 جنوري 1901ع تي ڦڪو گرگلو جي گهر ۾ راجستان ۾ جنم ورتو، سندس اصل نالو جيوي گرگلي ھو، ھن ننڍي عمر ۾ ئي راڄ جي ٻين ڇوڪرين سان گڏ ڳائڻ شروع ڪيو، سندس خاندان 1918ع ۾ لڏي اچي ملتان ڀيڙو ٿيو، جتي جيوڻيءَ جي ملاقات مشهور راڳي استاد امير خان سان ٿي، جنھن کيس پوتي پارائي ڌيءَ بڻايو ۽ کيس راڳ جي سکيا ڏيڻ ب شروع ڪيائين، استاد امير خان جي حوالي سان ئي جيوڻي ھنڌ سنڌ ۾ مشهور ٿيڻ لڳي، سنڌ آئي ته سندس ملاقات ننڍي کنڊ جي مشهور راڳي استاد خير محمد خان سان ٿي، ان ملاقات جيوڻي جي قسمت بدلائي ڇڏي، ملتان مان لڏو کڻي اچي سنڌ وسايائين ۽ راڳ جي وڌيڪ سکيا استاد خير محمد خان کان ورتائين، استاد خير محمد خان کيس ڪافي ڳائڻ ۽ ڪلاسيڪل راڳ جي سکيا ڏني، جيوڻي ڳائڻ کان سواءِ شاعري به ڪئي، جيوڻي اڪثر شاهه لطيف، سچل سرمست، پرسرام ضياء، ورند واڙي واري، حاجي شاهه وغيره جا ڪلام ڳائيندي هئي، ھن ميلن ملاکڙن ۾ پنهنجي استاد، استاد خير محمد خان جي رھنمائي ۾ ڳايو، جيوڻي ٻائي هز ماسٽرس وائس گراموفون رڪارڊ ڪمپنيءَ ۾ سئو کان وڌيڪ گراموفون رڪارڊ ڀرايا، جيڪي ڏاڍا مشهور ٿيا/آهن، ان ئي ڪمپنيءَ کيس ساڍن ڏهن تولن جو سونو تاج پارايو، ھن 1942ع ۾ لاڏاڻو ڪيو

Good Wishes