پروانو ڀٽي: 

facebook 1701433673765 71363300636085346381سنڌي ٻولي  جو ناليوارو اديب، شاعر ، ڪمپيئر ۽ جهونو صحافي
پروانو ڀٽي  16 فيبروري 1934ع ۾ دادو ضلعي جي ڦلجي اسٽيشن لڳ ڳوٺ پيارو آرائين ۾ پيدا ٿيو. سندس  اصل نالو ميوو خان ڀٽي هو ، سندس  والد جو نالوگل محمد خان ڀٽي هو جيڪو پوليس کاتي ۾ ملازم هو. پرواني ڀٽي جو خاندان سندس والد جي بدلي سبب 1950ع ۾ لڏي اچي ٽنڊو محمد خان  ۾ رهائش پذير ٿيو. ٻالڪپڻ کان لکڻ پڙهڻ جي چاهه منجهس لاتعداد صلاحيتون پيدا ڪيون. 1947ع کان صحافت جي شروعات ڪيائين ۽ ٽنڊو محمد خان ۾ عبرت جو نمائندو مقرر ٿيو ، 1950ع ۾ ڀٽ شاهه ۾ ادبي ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿي باقاعده ادبي سفر جي شروعات ڪيائين. گيت، غزل ، نظم ۽ لاتعداد قطعه لکي پنهنجي حيثيت مڃرايائين، 1954ع کان هفتيوار عبرت ۾ سندس قطعه ڇپجڻ لڳا. ان وقت اردو زبان جو بهترين شاعر  رئيس امروهي ”جنگ“ اخبار ۾ قطعه لکندو هو، اهو پڻ پرواني ڀٽي جي قطعن جي تعريف ڪندو هو، جنهن بعد هلال پاڪستان ۽ آفتاب اخبار ۾ به سندس قطعه شايع ٿيا. شاعري ۾ سندس استاد غلام محمد گرامي ۽ شيخ ابراهيم خليل هئا .پروانو ڀٽي 1957ع ۾ تپيداري جو امتحان پاس ڪري سرڪاري نوڪري ۾ لڳو پر ادب سان دلي لڳاءَ کيس نوڪري طرف مائل نه ڪري سگهيو ۽ هڪ سال بعد نوڪري ڇڏي وري اچي ادبي دنيا وسايائين . پروانو ڀٽي ڀلوڙ شاعر ، اديب ، صحافي ، ليکڪ ۽ ڪمپيئر  هئڻ سان گڏ بهرين اداڪار پڻ رهيو.  1953ع ۾ ميٺارام هاسٽل ۾ ” مجرم ڪون“ نالي سان ٿيل اسٽيج ڊرامي ۾ اداڪاري کانپوءِ شوبز جي دنيا سان به واڳيل رهيو. 1963ع ۾ سنڌي ادبي سنگت جو مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري ٿيو.  1970ع ۾ اي ڪيو پيرزاده جي سنڌي فلم ” محبوب مٺا “ ۾ سنڌي وڏيري جو ڪردار نڀايائين.ان بعد ” مارو “ ۽ ” مومل راڻو “ فلمن ۾ به اداڪاري ڪيائين جيڪي رليز ٿيڻ کان پهرين اڌ ۾ رهجي ويون . پرواني ڀٽي جا  ٻه ڪتاب پڻ ترتيب ڏنل آهن ، جيڪي 1968ع ۾ شايع ٿيا ، جن جا نالا  ” ٽڙندڙ مُکڙيون ۽ ”سرهاڻ“ آهن.   سياسي ، سماجي ، ادبي محفلن ۽ ريڊيو پاڪستان تي ڪمپيئرنگ جا بهترين فرائض سرانجام ڏنائين. ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي قيام کان وٺي ان سان لاڳاپيل رهيو.  حيدرآباد ۽ ٽنڊو محمد خان پريس ڪلبن جي بانيڪارن ۾ شامل رهيو. پريس ڪلب حيدرآباد ، پريس ڪلب ٽنڊو محمد خان ، سنڌي ادبي سنگت مرڪز سميت ڪيترن ئي ادارن جي ٿيندڙ چونڊن ۾ ڪيترائي ڀيرا اليڪشن ڪميٽين جو سربراهه ۽ سنڌي ادبي بورڊ  جي بورڊ آف گورنرس ۽ سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ جي نصاب ڪميٽي جو ميمبر پڻ  رهيو.سياسي ، سماجي ، علمي ،ادبي  ۽ ثقافتي ادارن پاران کيس لاتعداد مڃتا ايوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ ملي چڪا آهن. پرواني ڀٽي کي ٽن پُٽن ۽ چار  نياڻين جو اولاد ٿيو ، سندس  پُٽن ۾ انعام ڀٽي ، گل محمد ڀٽي ۽ اسد ڀٽي شامل آهن ، جن مان سندس وڏي نياڻي وفات ڪري وئي ۽ سندس هڪ پُٽ گل محمد ڀٽي ، 2003ع ۾ شهيد ٿي ويو هو، پرواني ڀٽي کي اڄ مغرب کان پوءِ ٽنڊو محمد خان جي پير شارفو قبرستان ۾ سپردخاڪ ڪيو ويندو. 
پرواني ڀٽي جي وفات تي سنڌ جي علمي ، ادبي حلقن ۾ ڏک جي لهر ڇائنجي وئي آهي ، سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان جي ضلعي رابطه سيڪريٽري  اعظم ڀٽي ، پرواني ڀٽي جي لاڏاڻي تي ٽي ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو آهي . ۽ سندس وڇوڙي کي سنڌي ٻولي ، علم ، ادب لاءِ هڪ وڏو نقصان قرار ڏنو آهي .

Good Wishes