دادا سنڌي

WhatsApp Image 2020 07 05 at 7.22.26 PM

دادا سنڌي: سنڌي ٻوليءَ جي نامور اديب ۽ محقق دادا سنڌيءَ جو اصل نالو ڪريم بخش ولد محمد قاسم سومرو هو. سندس جنم 5 جولاءِ 1945ع تي ڳوٺ داد لغاري تعلقي ڏهرڪي، ضلعي گھوٽڪيءَ ۾ ٿيو.

سندس والد پوليس عملدار هو. دادا سنڌيءَ، ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ ورتي ۽ انگريزي تعليم ميرپورخاص مان حاصل ڪيائين. بي. اي سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪيائين. ان کان سواءِ بي. ايڊ ۽ ايم. اي (سوشيالاجي) جي ڊگري به حاصل ڪيائين.

دادا سنڌي تعليم کاتي ۾ پرائمري استاد جي حيثيت سان ملازمت شروع ڪئي ۽ بعد ۾ ترقي ڪندو، سترهين گريڊ ۾ سبجيڪٽ اسپيشلسٽ مقرر ٿيو. هو شاگردن کي نصابي سبقن سان گڏ تاريخ جون حقيقتون، حوالا ۽ سمجھاڻيون به ڏيندو هو. ملازمت مان 1994ع ۾ رٽائر ٿيو. دادا سنڌي ذاتي زندگيءَ ۾ نهايت ئي سادو، خوش مزاج، حساس دل ۽ کلمک ماڻهو هو. سندس پرورش علمي ۽ ادبي گهراڻي ۾ ٿي.

سندس ڀاءُ قادر بخش ۽ چاچي الهه بخش جي لائبرري هوندي هئي، جنهن ۾ ڪتابن جي مطالعي کان پوءِ سندس ادب ڏانهن لاڙو ٿيو. سندس پهريون مضمون روزاني ’مهراڻ‘ ۾ شايع ٿيو. کيس سنڌ جي تاريخ جي مطالعي جو شوق مشهور تاريخدان مولائي شيدائي ۽ رشيد ڀٽيءَ سان ملاقاتن کان پوءِ پيدا ٿيو.

هن پهريون تاريخي ۽ تحقيقي مضمون ون يونٽ تحريڪ دوران لکيو ۽ ان کان پوءِ ڪيترا مقالا ۽ مضمون لکيائين، جيڪي ماهوار ’نئين زندگي‘، ’پيغام‘، ٽه ماهي ’مهراڻ‘، ’نئين سوچ‘، ’اخبار تعليم‘ ۽ مختلف روزانين اخبارن ۾ لاڳيتو ڇپجندا رهيا. هن ريڊيو پاڪستان خيرپور لاءِ مختلف موقعن تي اسڪرپٽ پڻ لکيا.

سندس ڇپيل ڪتاب هن ريت آهن:
(1) ’ڏيئي ڏنڀ ڏڏن‘،
(2) ’سنڌين جي فوجي مهارت‘،
(3) ’سنڌ جون تاريخي ڪهاڻيون‘،
(4) ’1957ع جي جنگ آزادي ۽ سنڌ‘،
(5) ’سنڌ جي عالمن جا سونهري ڪارناما‘،
(6) ’اڳوڻن سنڌين جو ڏيساور سان واپار‘،
(7) ’سومرن جي دور جا سورما‘،
(8) ’تاريخي ماڻهو تاريخي ڳالهيون‘،
(9) ’مٺو محبوب ڌارين جي نظر ۾‘،
(10) ’سنڌ جا عوامي ڪردار‘ وغيره.
ان کانسواءِ سندس ڪيتريون اڻ ڇپيل تصنيفون موجود آهن.

دادا سنڌيءَ کي هڪ اديب، ليکڪ، محقق ۽ تاريخدان جي حيثيت سان مڃتا طور ڪجهه اوارڊ به مليا، جن ۾: سنڌي ادبي سنگت اوارڊ (1987ع)، سنڌالاجي اوارڊ (1987ع)، آل سنڌ ٻالڪ اوارڊ (1987ع)، آءِ. سي. آءِ ڪمپني اوارڊ (1988ع)، سنگت قلم اوارڊ (1993ع) ۽ سنڌ سڀيتا سوسائٽي اوارڊ (1993ع) شامل آهن.

سنڌ جو هي تاريخدان ۽ محقق، 11 جنوري 1998ع تي دل جي دوري پوڻ سبب وفات ڪري ويو.

#آصفجمالسومرو

Good Wishes