مير اعجاز علي خان ٽالپر

" اعظم ڀٽي "

WhatsApp Image 2020 06 19 at 12.29.55 PMسنڌ جي برک بزرگ سياستدان مير اعجاز علي خان ٽالپر 10 فيبروري 1932ع تي جنم ورتو ، سندس والد جو نالو مير غلام علي خان ٽالپر هو ، هن شروعاتي تعليم ٽنڊو محمد خان ۽ بعد ۾ نور محمد هاءِ اسڪول مان حاصل ڪئي . زين پيٽرڪ هاءِ اسڪول ڪراچي ۽ اين جي وي هاءِ اسڪول ڪراچي مان انگريزي تعليم حاصل ڪيائين . لنڊن يونيورسٽي مان زراعت ۾ ڊپلوما ڪيائين . 1956ع ۾ عملي سياست جي دنيا پير پائي پهريون ڀيرو حيدرآباد لوڪل بورڊ جو ميمبر چونڊيو ، بعد ۾ ٻيهر 1960ع ۾ ان جو ميمبر چونڊيو . 1963ع ۾ مير غلام علي ٽالپر کي نااهل قرار ڏيڻ کانپوءِ کيس سنڌ اسيمبلي جو ميمبر چونڊرايو ويو . جنهن بعد 1965ع ، 1970ع ،1977ع ۾ قومي اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو ويو ۽ 1985ع ۾ ٻيهر غير جماعتي چونڊن ۾ سنڌ اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو . 1970ع ۾ سنڌ مسلم ليگ جو نائب صدر مقرر ٿيو . 1972ع ۾ پهرين ايريگيشن کاتي جو صوبائي صلاحڪار ۽ پوءِ ايريگيشن کاتي، ڪميونيڪيشن ورڪس ، روڊس ۽ بلڊنگس کاتي جو صوبائي وزير رهيو . 1973ع ۾ ذوالفقار علي ڀٽي جيڪو پاڪستان جو آئين پاس ڪرايو, ان تي قومي اسيمبلي جي ميمبر جي حيثيت ۾ سندس صحيح پڻ ٿيل آهي . 1977ع ۾ جڏهن جنرل ضياءَ الحق ذوالفقار علي ڀٽي جو تختو اونڌو ڪيو ته ان جي ڪجهه عرصي بعد ايم.آر .ڊي تحريڪ شروع ٿي, جنهن دوران کيس پهريائين ٻه مهينا حيدرآباد سينٽرل جيل ۽ بعد ۾ ٽي مهينا بلوچستان جي مچ جيل ۾ قيد ڪيو ويو . 1984ع ۾ کيس پلاننگ ۽ ڊويلپمينٽ کاتي جو صوبائي وزير بنايو ويو. 1985ع ۾ کيس فاريسٽ ، روڊس ، بلڊنگ کاتي سميت سنڌ جو سينيئر صوبائي وزير بنايو ويو . جنهن دوران هي سنڌ جي وڏي وزير غوث علي شاهه جي بيروني دوري سبب ڪجهه عرصو سنڌ جو قائم مقام وزير اعليٰ پڻ رهيو . 1987ع ۾ لوڪل گورنمينٽ ۽ وائيلڊ لائيف کاتي جو وزير ٿيو . 1987ع ۾ جڏهن جنرل ضياءِ اسيمبليون ٽوڙي ، محمد خان جوڻيجو جي حڪومت کي برطرف ڪيو ته ان کان پوءِ کيس ٻيهر روينيو ۽ سوشل ويلفيئر کاتي جو وزير ، بڻايو ويو . 1988ع ۾ جنرل ضياءَ جي موت بعد جوڙيل نگران سيٽ اپ ۾ سنڌ حڪومت ۾ نگران صوبائي وزير مقرر ٿيو. سياست جي دنيا ۾ مسلسل متحرڪ رھڻ ۽ وڏي اثر رسوخ سبب کيس "لاڙ جو شينهن " سڏيو ويندو هو , عمر جي تقاضا کي نظر ۾ رکندي هن پنهنجي وڏي فرزند مير عنايت علي خان ٽالپر کي پنهنجي سياسي جانشين طور اڳتي آندو , ائين ئي جيئن مير غلام علي ٽالپر کيس پنهنجي سياسي وارث طور اڳڀرو ڪيو , مير اعجاز علي خان ٽالپر جيئن مير غلام علي ٽالپر جو حقيقي, عملي ۽ متحرڪ سياسي جانشين ثابت ٿيو , اها ئي روايت مير عنايت علي خان ٽالپر به خۡوب نڀائي, ڀلي کڻي مير اعجاز ٽالپر سان ڪن حلقن کي اختلاف رهيا هجن , پر هۡن جي بۡردباري , دليري , خودداري ۽ پنهنجي علائقي ۽ ان جي ماڻهن سان انفرادي توڙي اجتماعي ڀلائي جي ڀيرن کان ڪير به انڪار نٿو ڪري سگهي, 2008ع جي چونڊن تائين هو مسلسل سياست جي ميدان ۾ نه رڳو متحرڪ رهيو پر پنهنجي سياسي جانشينن جي رهنمائي به ڪندو رهيو ته سندن مٿي تي شفقت جو هٿ به رکندو رهيو, ڇاڪاڻ جو سندس سياسي تجربو انهن لاء سياسي سکيا جو بهترين رستو هو , هن وقت هۡو پيرسنيء جي پهاڙ تي بيٺل آهي , سندس طبعيت متحرڪ سياست جي مزاج جهڙي ناهي رهي پر پوء به سندس چپر ۽ ڇانو´ سندس خاندان جي سياسي فردن لاء وڏي وٿ آهي . 88 سالن جو هي بزرگ سياستدان ڪيترائي گهاءۡ سيني ۾ سانڍيندي به سنڌ جي مۡني صدي جي سياسي تاريخ جو اکين ڏٺو گواهه به آهي ته پنهنجي وجود ۾ هڪ تاريخ به آهي.

Good Wishes