اسحاق فقير ڪارو مڱڻهار

WhatsApp Image 2020 06 15 at 8.34.28 PMاسحاق فقير ڪارو مڱڻهار
اسحاق فقير ”ڪارو“ مڱڻهار: اسحاق فقير ”ڪارو“ 1932ع ۾ بدين جي ڳوٺ ”ماچوري“ ۾ ڄائو. هن 10 سالن جي عمر ۾ ڳائڻ شروع ڪيو. هن سيد سليمان شاهه جي وڏي ڀاءُ، سيد قاسم علي شاهه کان راڳ جي سکيا ورتي. بعد ۾ ٽولين سان گڏجي شادين مرادين ۽ ميلن ۾ ڳائڻ شروع ڪيائين. ان دور ۾ بغير لائوڊ اسپيڪر جي ڳائڻ جو رواج هوندو هو. اسحاق فقير جو گلو صاف، آواز جاندار ۽ سريلو هوندو هو. کيس 1978ع ڌاري مرتضيٰ شاهه ڏاڏاهيءَ ريڊيو تي متعارف ڪرايو، جتي هن پهريون ڪلام به مرتضيٰ شاهه ڏاڏاهيءَ جو پيش ڪيو. جنهن جا ٻول هئا ”تو نه لوئيءَ کي لڄايو، راڄ راڻي مارئي، سنڌ کي آ ناز توتي، سنڌياڻي مارئي“ ۽ اهو ڪلام بيحد مقبول ٿيو. اسحاق فقير لاڙ جي انهن ڪجهه مقبول ڳائڻن منجهان هو، جن جو پنهنجو انداز هوندو هو. هن ڪڏهن به نقل نه ڪيو. هميشه پنهنجون ڌُنون پاڻ ڪمپوز ڪندو هو. غزل کي سنڌي رنگ ۾ ڳائڻ جو سندس پنهنجو انوکو ۽ وڻندڙ انداز هو، سائين جي. ايم. سيد ۽ ڪريم بخش خان نظاماڻي سندس قدر ڪندا هئا. رئيس ڪريم بخش هن جو ذڪر پنهنجي مشهور آتم ڪٿا جي ڪتاب ”ڪيئي ڪتاب“ ۾ پڻ ڪيو آهي. سائين جي. ايم. سيد کي اسحاق فقير جي ڳايل، مرتضيٰ ڏاڏاهيءَ جي هن ڪلام تي اشڪبار ڏٺو ويو، جيڪو سائينءَ جي پسند جو ڪلام به هو: غمن ۾ به کلندي گذاري ڇڏيوسين، وهيو واپريو ڇا، وساري ڇڏيوسين، وساريان سي دوکا سڀئي دوستن جا، نه دشمن ٿياسين، ڪڏهن دشمنن جا، اڱڻ آيو جيڪو کيڪاري ڇڏيوسين. اسحاق فقير وڏي عرصي کان تعلقي ڊگهڙي جي ڳوٺ چيئو ڪلوئيءَ ۾ ڪٽنب سان رهندو هو. بيماري ۽ پيرسنيءَ سبب، ڳچ عرصي کان ڳائڻ ڇڏي ڏنو هئائين. اعليٰ اختيارين تائين پهچ نه هئڻ سبب سندس ڪنهن به طرح جو علاج يا مدد نه ٿي سگهي. ائين هن انتهائي غربت ۽ لاچاريءَ جي حالت ۾ 16 جون 2009ع تي پنهنجي ڳوٺ چيئو ڪلوئيءَ ۾ پنهنجا پساهه پورا ڪيا.

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي ٿورن سان

Good Wishes