سترام روهڙا

سترام روهڙا
WhatsApp Image 2020 06 10 at 7.06.11 AMسترام روهڙا (راڳي): ڀارت ۾ رهندڙ ناميارو سنڌي گائڪ، ڪلاڪار ۽ فلم ڊائريڪٽر سترامداس روهڙا، 16 جون 1939ع تي سکر ۾ ڄائو. کيس ننڍپڻ کان اسٽيج تي اداڪاريءَ جو شوق رهيو. هي سٺو گائڪ به آهي. هن ڀارت ۽ پرڏيهه ۾ ڪافي سنگيت پروگرام ڏنا آهن.
هن ڪيترين سنڌي فلمن ۾ ڊائريڪشن ڏني، تن ۾ ’هل ته ڀڄي هلون‘ (1984ع)، ’شيرا ڊاڪو‘، ’جئه سنتوشي ما‘ وغيره شامل آهن.
سترام روهڙا ’جهوليلال‘ ، ’تن کي ساگر ٻوڙيندڙ‘، لاڏلي‘، ’هل ماريا گهوٽ پيءُ‘، ’سنڌؤَ جي ڪناري‘، ’سس منهنجي ساڙيلي‘، ’پئسي تي زمانو‘، ’هو جمالو‘ (فلم)، ’گهوٽ جو پيءُ نچي ڙي‘ ۽ همٽي ٽمٽي‘، ’شل ڌيئر نه ڄمن‘ (فلم)، ’جي تون جوان آهين‘، ’پهريون پيار‘، ’آيو بيهن وارو‘، ’کيل تماشو‘ ۽ آئي آئي رات مستاني‘ فلمن ۽ ناٽڪن ۾ گانا ڳاتا اٿس.
هن ’ڪلاڪار منڊل‘ جي بينر هيٺ ڀڳونتي ناواڻيءَ سان گڏجي ڪم ڪيو ۽ سنڌي ڀڳت جا البم به ٺاهيا.
سترام روهڙا جون ڳايل گيتن جون 3 ڪئسيٽون پڻ TIPS ڪمپنيءَ رليز ڪيون آهن.

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي ٿورن سان

Good Wishes