امتياز دانش ترتيب: مٺل جسڪاڻي

 86932282 538949610058055 4105992119410229248 nاوهان جو نالو؟

منهنجو نالو امتياز علي آهي. ادبي نالو امتياز دانش آهي.

والد جو نالو؟

والد جو نالو فيض محمد پٺاڻ

رهائشي پتو_ ڄمڻ جي تاريخ ۽ هنڌ؟

هونئن ته مان ضلعي لاڙڪاڻي ۽ تعلقي ڏوڪريءَ جي ڳوٺ سيهڙ وليج ۾ 19 فيبروري 1985 ع ڌاري ڄائو هيس پر منهنجو ننڍپڻ دادو ضلعي جي شهر سيتا ۽ لاڙڪاڻي ضلعي جي شهر باڊهه ۾ گذريو آهي. اسان جي خاندان جا فرد انهن ٽنهي شهرن ۾ رهندا هئا ۽ اڃا به رهن ٿا. تنهنڪري منهنجو ننڍپڻ انهن ٽنهي شهرن ۾ گذريو ۽ لڳندو ائين آهي ڄڻ اهي ٽئي شهر منهنجي جنم ڀومي هجن. مون پرائمريءَ واري دور ۾ لکڻ جي شروعات به باڊهه کان ڪئي. ڇو ته باڊهه ۾ خاندان جا ڪجهه فرد صحافت ۽ ادب سان لاڳاپيل هئا ۽ انهن جي ئي اُتساهه سان مان مئٽرڪ واري دور ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ باڊهه جون گڏجاڻيون اٽينڊ ڪرڻ لڳس، جتان مون گهڻو ڪجهه پرايو.

تعليم؟

مون پرائمري گورنمينٽ پرائمري اسڪول سيهڙ وليج، مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول سيهڙ وليج ، انٽر حيدر بخش جتوئي ڪاليج ڏوڪري، ايم اي ڪراچي يونيورسٽي ۽ ايم فل وفاقي اردو يونيورسٽي ڪراچيءَ مان ڪئي.

ڪرت (پيشو)؟

پيشي جي لحاظ کان مان ليڪچرر آهيان پر ليڪچررشپ کان پهرئين مان مختلف سنڌي ۽ اردو اخبارن ۽ ٽي وي چئنلز تي سب ايڊيٽر _ اسڪرپٽ رائيٽر ۽ ايڊيٽوريل پيج انچارج طور خدمتون سرانجام ڏئي چڪو آهيان ۽ مختلف خانگي تعليمي ادارن ۾ به پڙهائي چڪو آهيان.

ترجيحاتي مصروفيتون (وندر)؟

بس پڙهڻ ۽ لکڻ ئي ترجيحاتي مصروفيتن ۾ شامل آهي.

ڇاڇا لکندا آهيون؟

هونئن ته مان بنيادي طور تي شاعر آهيان. ڪڏهن ڪڏهن ڪهاڻيون ۽ سماج ۾ پاڻ ارپيندڙ شخصيتن تي خاڪا لکندو آهيان ۽ مختلف اشوز تي اخبارن ۾ مضمون لکندو آهيان.

مطالعي ۾ ڇا پڙهڻ کي اوليت ڏيندا آهيو؟

هونئن ته تاريخ ۽ سياست منهنجا پسنديده موضوع آهن پر ڪوشش هوندي آهي ته هر موضوع تي ڪتاب پڙهجن. ڇاڪاڻ ته هڪ ليکڪ جي سماج جي هر شيءِ تي نظر هجڻ گهرجي ۽ اها به گهري. لڪير جو فقير نه ٿيڻ گهرجي.

سير سفر اوهان جي نظر ۾؟

منهنجي نظر ۾ سير سفر هڪ سٺي ڳالهه آهي. ماڳن _ مڪانن تي پڙهڻ ۽ انهن کي پنهنجي اکين سان ڏسڻ ۾ وڏو فرق آهي. سير سفر سان ڏسڻ لاءِ نيون شيون ملن ٿيون ۽ تجربا ٿين ٿا. مون وٽ جڏهن به وقت هوندو آهي ته تاريخ ماڳ _ مڪان ڏسڻ لاءِ نڪري پوندو آهيان.

ڪچهريون اوهان جي نظر ۾؟

اوهان جي سوال ته مون کي اداس ڪري ڇڏيو. هاءِ.....ڪو ڏور هوندو هو اسان وٽ ڪچهريون ٿينديون هيون. اوتارن تي راڳ رنگ جون محفلون ٿينديون هيون. راتيون جاڳي ڪچهريون ڪبيون هيون. هڪٻئي سان حال اوربا هئا. جڳ جهان تي بحث ٿيندا هئا. مسئلن جا حال ڳولبا هئا. چاهه ۽ چانهه جا دور هلندا هئا. هاڻي اسان وٽان ڪچهريون ختم ٿينديون پيون وڃن. ميڙ ۾ ماڻهو اڪيلو ٿي ويو آهي. جڏهن به ۽ جتي به چار ماڻهو پاڻ ۾ ملن ٿا ته اهي هڪٻئي سان ڳالهائڻ بدران موبائل ۾ گم نظر اچن ٿا ۽ ڪچهري اتي ڇُٽي.

ادبي تقريبون اوهان جي نظر ۾؟

هاڻي جڏهن اسان ڪتابن جو مطالعو ڪرڻ ڇڏي ڏنو آهي تڏهن اهڙي صورتحال ۾ ادبي تقريبون هڪ معنيٰ رکن ٿيون. انهن تقريبن ۾ وڃڻ سان ۽ مقررن کي ٻڌڻ سان نيون ڳالهيون ملن ٿيون، جن مان ماڻهو مستعفيض ٿئي ٿو.

سماجي تقريبون اوهان جي نظر ۾؟

اسان وٽ مسئلن جو حل سياست آهي پر بدقسمتيءَ سان سياست ۾ اهڙن ماڻهن کي آڻي ان کي گدلو ڪيو ويو آهي. ان کي بدنام ڪيو ويو آهي. سياست ۾ هڏڏوکي، همدرد ۽ آدرشي سياستدانن کي پوئتي رکي ڪرپٽ، خوشامدي ۽ ٺلهن سياستدانن کي اڳيان آندو ويو آهي بلڪه ملڪ جون واڳون انهن حوالي ڪيون ويون آهن. اسان وٽ سياست بي مقصد ٿي وئي آهي. ان جو نالو ٻڌندي ئي ماڻهو ڇرڪن ٿا. جڏهن سياست ۾ اهڙي صورتحال هجي ته پوءِ سماجي تقريبون پنهنجي هڪ معنيٰ رکن ٿيون. اسان وٽ ماڻهن ۾ ڏينهون ڏينهن سماجي جذبو وڌندو پيو وڃي ۽ اها هڪ سٺي ڳالهه آهي پر ان ڳالهه کي به نظرانداز نه ٿو ڪري سگهجي ته اسان وٽ گهڻي ڀاڱي سماجي تقريبون هڪ ڌنڌو ۽ ڏيکاءُ ٿي ويون آهن. مان ان خيال جو آهيان ته اوهان ڪنهن جي به اهڙي طريقي سان مدد ڪيو جو اوهان پنهنجي هڪ هٿ سان ڪنهن کي ڏيو ته اوهان جي ٻئي هٿ کي ان جي خبر نه پوي. ڇو ته ڏيکاءَ سان لاچار ماڻهن جا جذبا مجروح ٿين ٿا ۽ ڪنهن جا جذبا مجروح ڪرڻ کان پاسو ڪجي.

اوهان جا عزيزن سان لڳ لاڳاپا ۽ رويا ڪيئن آهن؟

هڪ شاعر حساس هوندو آهي ۽ هو ڪڏهن به ڪنهن جي دل آزاري ڪرڻ کان پاسو ڪندو آهي. هونئن ته منهنجا عزيزن سان لڳ لاڳاپا ۽ رويا بهتر هوندا آهن پر جي ڪير منهنجي ذات سان ڪنهن کي جوڙي، غلط بياني ڪري ڪنهن جي دل آزاري ڪندو آهي ته ان تي ڪاوڙ ايندي آهي. پوءِ ڪاوڙ تي ضابطو آڻڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي پوندو آهي پر گهڻي ڀاڱي پنهنجي ڪاوڙ کي پي خاموشي اختيار ڪندو آهيان.

سنگت سان لڳ لاڳاپا ۽ رويا ڪيئن آهن؟

سچ پڇو ته ماڻهوءَ جي زندگيءَ ۾ جي ڪا اهم ۽ عزيز شيءِ آهي ته اها سنگت آهي. ڇو ته دوستي خلوص _ محبت _ ويساهه ۽ هم خياليءَ جي بنياد تي جُڙندي آهي. جيڪڏهن کڻي ائين چئجي ته دوستي، زندگيءَ جو ٻيو نانءُ آهي ته ان ۾ ڪو به وڌاءُ نه ٿيندو. دوستيءَ جي معاملي ۾ مان اڪثر استاد بخاريءَ جو هي شعر چوندو آهيان ته  

هڪ ته ڪنهن سان دل نه لائجي

لائجي ته پوءِ نڀائجي

جي نڀائجي ته ٿي جوان  

دوستيءَ جي معاملي ۾ ڏاڍو حساس ۽ حساب ڪرڻ وارو ماڻهو نه آهيان. هر وقت دوستن جي لاءِ دل جا دروازا کليل هوندا آهن پر گهڻي ڀاڱي منهنجا دوست چالاڪ آهن ۽ هو مون کي سادو سمجهي پنهنجا مفاد حاصل ڪري ويندا آهن. انهن جي هر چالاڪي ۽ سازش جي خبر هوندي آهي. جيئن ته مان اهو چئي آهيان ته مان دوستيءَ ۾ حساب نه ڪندو آهيان. ان جو اهو مطلب نه آهي ته مون کي حساب ڪرڻ نه ايندو آهي. ايندو آهي پر استاد بخاريءَ جي بقول ته

ٻَڌوُ نه ٿا ته هي استاد ڳالهه ٻي آهي

ڪريون ته يار سمورو حساب ايندو آ

سنگت جي چالاڪين تي خاموش رهندو آهيان ۽ انهن کي ڪنهن به ريت اهو محسوس ٿيڻ نه ڏيندو آهيان ته مان ڪو ڄاڻان ٿو.ان تي منهنجي خاموشي منهنجي سچائي چئجي؟ وڏائي چئجي؟ يا ٻيو ڪجهه؟ بهرحال مون کي مناسب نه لڳندو آهي ته مان به انهن سان اهڙو رويو رکان. ڇو ته اها شيءِ نه منهنجي ضمير ۾ آهي ۽ نه وري خمير ۾ آهي. هر حال ۾ پاڻ کي تڪليف ۾ رکان دوستيءَ جي ڏيئي کان اُجهڻ کان بچائي رکندو آهيان.  

پسند جو رنگ ۽ خوشبو ڪهڙي آهي؟

منهنجي پسند جو رنگ ڪارو آهي ۽ ان جو به هڪ پس منظر آهي. مان گهڻي ڀاڱي پائيندو به ڪارو وڳو آهيان. اسان جو سماج طبقاتي سماج آهي. ڏاڍو هيڻي تي حاوي آهي. اهڙي سماج ۾ ڪارو رنگ ان سماج جي ڦورو طبقي خلاف هڪ احتجاج آهي. جي اسين ظالم _ جابر ۽ ڦورو سان وڙهي نه ٿا سگهون ته پوءِ گهٽ ۾ گهٽ ان کان نفرت ته ڪري سگهون ٿا نه....باقي منهنجي پسند جي ڪا به خوشبو نه آهي. اصل خوشبو جي ته ماڻهوءَ جي ڪردار ۽ رويي جي آهي. هڪ سٺي ڪردار ۽ سٺي رويي سان سڄو جڳ واسجي وڃي ٿو. بس ماڻهو جو ڪردار ۽ رويو سٺو هجڻ گهرجي.

اوهان جي پسند جي سواري ڪهڙي آهي؟

منهنجي پسند جي سواري ڪار آهي پر اها به ان شرط تي ته ان ۾ ميوزڪ هجي. ميوزڪ هوندي آهي ته سٺو ۽ آسان سفر گذري ويندو آهي ۽ جي نه هوندي آهي ته اهو سفر ڪنهن اذيت کان گهٽ نه هوندو آهي.

اوهان جي اهڙي ڪا خواهش، جيڪا ٻڌائڻ پسند ڪندا هجو؟

اهڙي ته ڪا به خواهش نه آهي. بس اها خواهش آهي ته ملڪ جي پٺتي پيل علائقن ۾ اسڪول ۽ اسپتالون کولي اتان جي ماڻهن کي تعليم ۽ صحت جون سهولتون ڏجن ۽ ٻيو عورتن لاءِ هنري ادارا کولجن ته جيئن اهي هنر سکي، پنهنجي پيرن تي بيهي، مرد جون ڳيجهو نه ٿي، پنهنجي زندگي سٺي نموني گذاري سگهن.

مائٽن متعلق ڇا ٿا چاهيو؟

نيڪ نيتي _ خير خواهي

اوهان جي نظر ۾ عام ماڻهو ڪيئن هجڻ گهرجن؟

سڌا ۽ سادا _ سچا _ باخلوص_ باڪردار _ باهمت _ باضمير

اوهان پڙهندڙن کي ڪو پيغام ڏيڻ چاهيندو؟

جي ها...بلڪل به....مان پڙهندڙن کي اهو پيغام ڏيڻ چاهيندس ته سماج ۾ رهندڙ ٻين ماڻهن سان پنهنجا رويا بهتر رکو. نفرت، ڪوڙ، ڪيني، حسد، ساڙ ۽ وڙهڻ کان پاسو ڪيو. محبتون ڏيو ۽ وٺو. پاڻ ۾ پيار، محبت ۽ ٻڌيءَ سان رهو. ڏکئي وقت ۾ هڪٻئي جي ڪم اچون. امن ۽ شانتيءَ سان رهو...!

Good Wishes