عبدالواحد، مجروح ڀٽ شاھي: مٺل جسڪاڻي

IMG 20200217 115037فيس بوڪ انٽرويو (چوئيتاليهين ڪڙي)
عبدالواحد،  مجروح ڀٽ شاھي: مختصر تعارف ۽ ويچار
ترتيب: مٺل جسڪاڻي
عبدالواحد،  مجروح ڀٽ شاھي، پنهنجي تخلص جي برعڪس، روح وارو آهي. سندس مختصر تعارف ۽ ويچار اوهان جي نظر، اسان کي اوهان جي راءِ جو انتظار رهندو.
1. اوھان جو نالو؟
عبدالواحد،  مجروح ڀٽ شاھي.
2. ولديت ذات سميت؟
 مرحوم عبدالرحمن سومرو.
3. رھائشي پتو، ڄمڻ جي تاريخ ۽ ھنڌ سميت؟
02  مارچ 1973ع، جمن شاھ پاڙو، ٽنڊو آدم. هاڻي رهائش ھنرمند ڪالوني، ڀٽ شاھ.
4. تعليم؟
سول انجنيئرنگ ۾ ڊپلومه،  بي اي.
5. ڪرت (پيشو)؟
 سرڪاري ملازم، اباڻو ڌنڌو (پيشو) اجرڪ سازي آهي.
6. ترجيحاتي مصروفيتون، وندر؟
ڪتاب پڙهڻ، گھمڻ ۽ انٽرنيٽ ھلائڻ.
7. ليکڪ آھيو ته شاعر، ڪھاڻيڪار، ناول نويس، مضمون نگار يا ڇا ڇا لکندا آھيو؟ اوهان جو ڪو ڪتاب؟
شاعر ڪونه آھيون، پر ڪڏھن ڪڏھن شاعري ڪندا آھيون. غزل ۽ نظم... شاعري جي گڏيل مجموعي ”پير پير جو پنهنجو پنڌ“ 2016ع ۾ منهنجي شاعري شامل آهي.
8. مطالعي ۾ ڇا پڙھڻ کي اوليت ڏيو ٿا؟
 انگريزي اخبار.
9. سير سفر، اوھان جي نظر ۾؟
سفر مونکي وڻندو آھي. سفر سان ڄاڻ ۽ سکيا ملي ٿي.
10. ڪچھريون، اوھان جي نظر ۾؟
ڪچهريون محبت وڌائين ٿيون، ويڇا ختم ڪن ٿيون. ڪچهريون قائم ھجڻ کپن.
11. ادبي تقريبون، اوھان جي نظر ۾؟
ادبي تقريبون ضروري آھن، پزيرائي ملي ٿي، ڄاڻ ۽ سکيا ملي ٿي. ڄاڻ سڃاڻپ وڌي ٿي
12. سماجي ڪم ۽ تقريبون، اوھان جي نظر ۾؟
 سماجي ڪم زندگي ۾ ضروري آھن.
13. اوھان جا عزيزن سان لڳ لاڳاپا ۽ رويا؟
مٽ مائٽ ته سرمايو ھوندا آھن. انھن سان تمام گھڻي ويجھڙائپ رکڻي ٿي پوي. انسان جڏهن آخري ڏکئي وقت ۾ ھوندو آھي، ته اھي ئي ويجھا مائٽ ھوندا آھن، جيڪي گھر کان آخري آرامگاھ تائين پھچائيندا آھن.
14. اوھان جا سنگت ساٿ سان لڳ لاڳاپا ۽ رويا؟
تمام ويجھا ۽ گھاٽا لاڳاپا رھن ٿا. اھي سنگت وارا ته اصل ملڪيت ۽ سرمايو ھوندا آھن. ڏکئي وقت جا ساٿي ھوندا آھن.
15. اوھان جي پسند جو رنگ ۽ خوشبو؟
نيوي بليو،  بارش کان پوءِ مٽي جي خوشبو.
16. اوھان جي پسند جي سواري؟
ڪابه، جاپاني آٽو ميٽڪ ڪار، گھٽ ۾ گھٽ 13000 سي سي.
17. اوھان جي اھڙي خواھش، جيڪا ٻڌائڻ پسند ڪريو؟
يورپ گھمڻ. اسپين ۾ پوسٽنگ ٿي وئي آھي. وڃڻ جو پراسس روان دوان آھي.
18. مٽن مائٽن متعلق ڇا ٿا چاھيو؟
مٽ مائٽ ته سر جا سائين آھن.
19. سنگت ساٿ لاءِ ڇا ٿا چاھيو؟
الله ڪري خوش ھجي سلامت ھجي.
20. عام ماڻھو ڪيئن ۽ ڪھڙا ھجڻ گهرجن؟
 ساده، دل ۽ نيت جا صاف.
21. اوھان ڪو پيغام ڏيڻ چاھيو، تہ ضرور لکو؟
محبت ڏئي محبت وٺ، محبت ۾ مزو آھي

Good Wishes