ميان جان محمد عباسي (شاد)

مرحوم ميان جان محمد عباسي شاد ٻورڙائي 

ميان جان محمد عباسي “شاد”

مرحوم ميان جان محمد عباسي “شاد” ٻورڙائي جن ڳوٺ ٻورڙي شريف تعلقہ خير پور ناٿن شاھ ضلع دادو ۾ تاريخ ۲۵.۰۷.۱۸۹۳۴ تي ميان حسن علي عباسي جي گهر ۾ پيدا ٿيا. پاڻ اڃان ننڍڙا ئي ھئا تہ سندن والد صاحب گذاري ويو. سندن تعليم و تربيت جو سڄو بار سندن چاچي مرحوم ميان فيض محمد عباسي کنيو. ڇاڪاڻ تہ پاڻ پرائمري اسڪول ٻورڙي ۾ استاد ھئا.

            مرحوم ميان جان محمد “شاد” عباسي سال 1950 يا 51 ۾ پرائمري اسڪول ٻورڙي شريف مان سنڌي فائينل امتحان پاس ڪري. سرڪاري ملازمت ۾ پرائمري استاد ٿي ڳوٺ جي ڀرپاسي وارن اسڪولن ۾ قوم جي ٻڄن  کي پڙھائڻ لڳو اھو سلسلو سندن وفات تائين جاري رھيو.

            سال ۱۹۵۷ ع ۾ جيئن تہ ان وقت دادو ضلع جي عوام لاءِ صرف ٻہ ڳالھيون ھيون جيڪي تفريح جو باعث بڻيون ھڪ والي بال راند ٻيو سنڌي مشاعرا. جنھن ڳوٺ ۾ 10 يا 12 گهر ھوندا ھئا اتي بہ والي بال راند ۽ بزم ضرور ھوندي ھئي جنھن ڪري پاڻ بہ پنھنجي وڏن جي نقش قدم تي ھلڻ لاءِ استاد الشعراءِ الحاج حافظ محمد احسن چنہ جن جي خدمت ۾ حاضر ٿي. استاد اصلاح وٺندا رھيا ميان جان محمد عباسي “شاد” جو ڏاڏو ميان جان محمد عباسي “فدا” پنھنجي وقت جو تمام مشھور قابل احترام استاد شاعر اديب عالم ھو. جنھن لاءِ سائين جي ايم سيد جن لکيو آھي تہ سنڌي پرائمري جي ٻئي ڪلاس ۾ منھنجو استاد ميان جان محمد عباسي “فدا” ھوندو ھو جيڪو تمام ھوشيار استاد ھو.

paigham19851ان ڪري فطرتن بہ ميان جان محمد عباسي جن تي سندن ڏاڏي جي اسم مبارڪ جو بہ اثر ھيو. جنھن ڪري شاعري ڏي سندن لاڙو ھو. شھر ٻورڙي شريف ۾ 1957ع ۾ بزم فدا قائم ڪئي وئي. جنھن جو جنرل سيڪريٽري اڪرم ٻورڙائي(حڪيم دين محمد “اڪرم” ٻورڙائي) يعني فقير قادري طاھري کي چنڊيو ويو. ٻئي پاسي ساڳـئي ڳوٺ ۾ بزم طالب المولىٰ سيد غلام النبي شاہ جن کولي. جنھن ڪري ٻورڙي شريف مشاعري وارن ڏينھن کانسواءِ بہ ھر ھنڌ ھر اوطاق تي علم و ادب جون ڳالھيون ھلنديون ھيون. مھمان شاعر جناب محسن ڪڪڙائي، جناب آصف ميراڻي، آثم ناٿن شاھي، جناب پير اظھر ريلائي صديقي، نشتر ناٿن شاھي، وفا ناٿن شاھي، استاد بخاري، مولوي عبداللھ اثر چانڊيو، راز ناٿن شاھي، راز سومرو ٽنڊي رحيم خان وارو، استاد قبلئہ الحاج حافظ محمد احسن چنہ صاحب ۽ مقامي شاعرن سان علم و ادب جون محفلون سرگرم ھونديون ھيون.

مشاعرا طرحي ھوندا ھئا غير طرھي پڙھڻ تي بہ بندش ڪانہ ھوندي ھئي.

ميان جان محمد عباسي “شاد” ٻورڙائي پھرئين گهر واري جي فوت ٿي وڃڻ کانپوءِ ٻي شادي لاڙڪاڻي مان ڪيائون پھرئين شادي مان ميان مشتاق احمد عباسي ۽ ٻي مان ميان اشفاق احمد عباسي ٻہ فرزند ٿين. فقط نرينو اولاد ٿين. ميان مشتاق احمد استاد آھن. مرحوم ميان جان محمد عباسي “شاد” صاحب جن تمام مشفق ۽ شفيق عارف ۽ فقير، تھجد گذار بزرگ نيڪ صورت نيڪ سيرت قادرالڪلام شاعر ھئا. گفتگو ۾ پروقار طبعيت ۾ تمام نازڪ مزاج سڄو وقت صوم و صلوات  پڙھندا رھندا ھئا. پاڻ سفر ۽ ڪچھري جا ڪوڏيا ھوندا ھئا. جڏ آءُ موڪل تي ڳوٺ ويندو ھئس اھو وقت علم و ادب مشائق ۽ مشاھير ۽ والي بال جي رانديگرن تي گفتگو ٿيندي ھئي. ڇاڪاڻ تہ پاڻ والي بال راند جا بہ بھترين رانديگر ھئا. پاڻ تاريخ 29.09.1981ع تي اسانکي ھميشہ ھميشہ لاءِ ڇڏي ويا.

آخر ۾ پڙھندڙ دوستن لاءِ سندس چند اشعار ھيٺ ڏجن ٿا.       

     ڪافي

ٿلھ:        تنھنجي شمع حُسن جا ٿيا بيشڪ سڀ شاھ گدا پروانہ

تنھنجي درد ۾ ٿيا ڪي ديوانہ ڪي مستانہ ۽ بيگانہ

  1. تنھنجو چھرو آھي چنڊ مثل ، تنھنجا وار تہ آھن مار اصل

تنھنجيون اکيون ھائي رب رکيون، جيڪي آھن ٻئي پئمانہ  

                                    تنھنجي شمع حُسن .......

  1. تنھنجا موتيءَ جهڙا ڏند الا جن ۾ تنھنجا ماکي کان وڌ چپڙا مٺا

            تنھنجي مرڪ مٺي الا جن بہ ڏٺي سي بدن کان ٿيا بيگانہ

                                                تنھنجي شمع حُسن.......

  1. تنھنجو ريشم جهڙو جسم الا، تنھنجا ھٿ آھن پشم الا

            تنھنجو آھي سڄڻ ڊيل جهڙو ھلڻ جنھن مور ڪيا مستانہ

                                                تنھنجي شمع حُسن.......

  1. تنھنجي مونکي ٿي وڻي ماٺ سڄڻ ڪنڌ ھيٺ ڪري تنھنجو يار ويھڻ

            کڻي نيڻ ڏسڻ ٿڌا ساھ کڻڻ، تنھنجا شوق اھي آھن شاھانہ !

                                                تنھنجي شمع حُسن .......

  1. سڪ سيني ۾ آھ وڌي تنھنجيون مٺيون مٺيون ڳالھيون ٻڌي

            ملي ديد جڏھن ٿئي عيد تڏھن ڪيون “شاد” پوءِ گڏ شڪرانہ

                                                تنھنجي شمع حُسن ......  

ڪافي

ٿلھ ـــ                  رٺائي رھن پر ھجين شل حياتي،

                        اچن نہ اچن آھہ تن جي ئي مرضي.

  1. نہ ھر گز حسن ٿي تون اھڙو نازان

 جواني آ کنڀيءَ جو چٽڪو اي جانان

ھتي نيٺ ھر چيز ٿي ويندي فاني!

                        رٺائي رھن.....

  1. نہ مسجد ۽ مندر جي ڪا آرزو آ،

                        نہ محلات و ماڙيءَ جي حسرت بہ آ،

                        اسان لاءِ ڪافي آ دلبر جو دو ئي!

                                                رٺائي رھن ......

  1. حياتيءَ ۾ ھڪ ڀيرو ان کي ڏسان مان،

                        اھا آس دل ٿو ھر دم رکان مان،

پرين جي پسڻ سان وڃي ڀل پو دم ھي،

                        رٺائي رھن ......

  1. نہ آھي خوشي بس رڳو غم ئي غم آ،

                        نہ دلبر جي درشن جي اميد آ ڪا،

                        حياتي اھڙي “شاد” آ ڪھڙي ڪم جي!

                                                رٺائي رھن ........

بيت

  1. 1. ساجن تنھنجي سڪ ۾ ٿي دانھون دل ڪري

دلبر تنهنجي عشق جي ٿي اندر آگ ٻري

پرين توکان پري دلڙي ديواني ٿي رهي

  1. ساجن تنهنجي سڪ ۾ منهنجو من آهي مستان

        اکيون تنهنجي آسري ۽ هنيون آهي حيران

        ڪر اڄڻ جو احسان سڪ ۾ ڪين سڪاءِ تون!

  1. ساجن تنهنجي سڪ ۾ ٿو جاڳان ساري رات

اڻ تڻ تنهنجي اندر۾ ۽ وائي هر دم وات

        تنهنجي طلب ۽ تات اٿم اٺ ئي پهر اندر ۾

  1. پرين پير ڀري تون اڱڻ اسانجي آءُ

        سڪڙي لهي سالن جي اچي کلي اسان سان کاءُتون!

        ڪونهي سک ۽ ساءُ “شاد” جان ريءَ جڳ ۾!

  1. حسن تنهنجي جي هاڪ آ جڳ ۾ !

        ڳالهيون ڳائن ڳوٺن ۾ تنهنجو ڏيھ سڄو ڏاني

        تنهنجو مٽ ۽ ساني محب ڪونهي ملڪ ۾!

  1. عجيبن جي اچڻ جون ويٺي واٽون واجھايان

        ڪانگ اڏايان قرب جا ۽ پل پل ڀڄايان

        ڳالهيون ڳڻ ڳايان ”شاد” پرديسيءَ پرينءَ جون

  1. سهسين ڪرين سينگار محب ملڻ اڄ آيو

        خوشيون آيون کلنديون ۽ غمن موڪلايو

  1. رهي رهندا ڪيترو جيڪي وڃان وڃان ڪن

        سنڀري اٿن ساعت ۾ ۽ منٿ نہ مور مڃن

        ٿا دم دلا سا ڏين “شاد” سڄڻ وري اچڻ جا! 

         

       
غزل

  1. خستہ جان ۽ خستہ دل، خستہ جگر،

            تنھنجي فرقت جو مٺا آھي اثرا

  1. عشق اڄ اھڙو تہ سستو ٿي پيو،

            جو وفا جو آھ، ٿيو ڏاڍو ڏڪر!

  1. جو ڪيو سڀ عشق تنھنجي ئي ڪيو.

            دربدر خاڪ بسر ۽ چشم تر !

  1. دل ڪڍي ان کي وڃي ڏيکاريان،

            ڪاش!! منھنجي وس ھجي ھا ھي اگر

  1. ڪير نياپو منھنجو نيندو يا خدا،

            جت ھوا جو ڀي نہ آھي گذر!

  1. “شاد” سان ايڏو ستم ناھي چڱو،

            اي ستمگر! ڪجه خدا جو خوف ڪر!

غزل

  1. نيھن لائڻ آھ سڀ ڪنھن لئہ سکيو

            پر نڀائڻ ٿي پيو ڏاڍو ڏکيو!

  1. ڀل ھڳون ڏکيا اسين ڏکيا سھي،

            پر ھجي ھردم سڄڻ سائين سکيو!

  1. دل جو ماڻڪ مون ڏنو توکي مٺا

            ان کان وڌ ٻيو آھ ڇا مون وٽ رکيو!

  1. دلربا سان گڏ ڏسي مون کي رقيب،

            آ ڀڄڻ لئہ تيل پيرن کي مکيو!

  1. ڪير ڪنھن کي ڪين ڏيندو آ کڻي،

            قرب جو انسان ھوندو آ بکيو!

  1. “شاد” کي ڀلجي ڪيو تو ياد ڪين،

            ۽ نھ ڪاوڙ مان ئي تو خطڙو لکيو!

گيت

            او وطن جا سپاھي

  1. تنھنجو رب آھي او وطن جا سپاھي!

            ڪڇ ۾ کڻ قرآن، ھٿ ۾ کڻ پيڪان،

  1. تنھنجو جهاد آھ ڏات، ڪر عدو کي ماري مات

            ڪين کڻ ڪٿ ساھي او وطن جا سپاھي!

            ڄاڻي ٿو ھڪ اللھ دشمن توکان آگاھ

  1. کڻ دشمن جو پيرو ڪر وڃي ات گهيرو،

            توسان مدد الاھي او وطن جا سپاھي!

  1. ڄاڻي ٿو ھڪ اللھ دشمن توکان آگاھ.

مٺڙا من جا ماھي، او وطن جا سپاھي!

  1. تون “شاد” نت ھوندين، جتي بہ تو ن ويندين،

            تنھنجو رب آھي واھي، او وطن جا سپاھي!

وائي

ٿلھ ــ      نيھن ڪيو نروار ميان!

نہ تہ ڪير اسان کي سڃاڻي!

  1. عشق ڇڏيا سڀ اولا لاھي،

            برھ جي باھ ۾ پياسين ڪاھي،

            ڪري الفت جو اظھار ميان!

  1. سورن جا پڙھي سبق سمورا،

            پاس ٿياسين پرت ۾ پورا،

            ڏات ڏني ڏاتار ميان!

  1. سڪ ۾ صاف ڪيوسين سينو،

            ڪڍي ڪدورت ڪلفت، ڪينو،

            ڪڍي تن مان سڀ تڪرار ميان!

  1. عشق جي دنيا آھي نرالي،

            خوشين کان جا آھي خالي،

            “شاد” نھ آھي ڪٿ قرار ميان!

وائي

  1. ڏينھن گذاريم ڏسندي، ڏسندي رات گذاريم روئي.

                                                منھنجو ڏوھ نھ ڪوئي!

              

  1. جنھن جي ھٿ ۾ ڏوٿي الا جنت وڃي سوئي،

                                                منھنجو ڏوھ نھ ڪوئي!

  1. ڪنھن سان حال ڪيان، ڪنھن کي دانھن ڏيان سورن ۾ سڀ ڪوئي.

                                                منھنجو ڏوھ نھ ڪوئي!

  1. ڪنھن بہ مڃتا ڪانہ ڪئي، توڙي گهريوسين گهڻوئي  

                                                منھنجو ڏوھ نھ ڪوئي!

  1. حرف نہ ڪوئي من تي آيو، چوي مونکي سڀڪوئي،

                                                منھنجو ڏوھ نھ ڪوئي!

  1. مون سان ڀال، ڀلايون ڪيون “شاد” ساجن سڀوئي.

                                                منھنجو ڏوھ نھ ڪوئي! 

Good Wishes