رئيس محمد صالح خان شر(ثاني)

FB IMG 1589625138424رئيس محمد صالح خان شر(ثاني) ولد 
رئيس سردار بلاول خان شر  جي گھر ۾ 1954ع ۾ جنم ورتو پاڻ سردار رئيس علي بخش خان شر ۽ حضرت سخي جنگو خان جرنيل جو اٺون نمبر سجاده نشين ھيو پاڻ پنھنجي والد جي وفات بعد پڳدار بڻيو..
شروعاتي تعليم پنهنجي ڳوٺ مان.
مڊل جي تعليم رسول پور مان ۽ ميٽرڪ ھاء اسڪول ٺري ميرواهه مان. ھم ڪلاسي شاگرد دوستن ۾ نمايان شخصيتون فقير سڪندر علي شر سجاده نشين درگاه غلام حيدر گودڙيو صوفي القادري وفا نواز علي شر رٽائر جج ،مرحوم استاد حاڪم علي، استاد معشوق علي جوگي رٽائرڊ ھيڊ ماستر،وڏيرو استاد محبت علي شر، ۽ ٻيا..پاڻ والد جي وفات کان پوءِ پنھنجي برادريءَ مسئلن کي منھن ڏيڻ لاءِ ڪوشان ٿيو،پاڻ سياست جي شروعات 1979ع ۾ ڪيائين، پير صاحب پاڳاري شاهه مردان شاهه ثاني جي پارٽي۾ شموليت اختيار ڪئي، پاڻ مريد خاص وڏن کان وٺي درگاهه راڻي پور شريف جي سيد عباس علي شاھ عرف حاجي جيئل شاهه جو ھيو پاڻ سياسي طور تي پنھنجي تعلقي ۾ تمام گھڻو ايڪٽو ھيو ،سچائي ۽ مخلصي سان ڪم ڪرڻ تي پير سيد صدر الدين شاهه راشدي جو تمام گهڻو اعتماد ھوندو ھو جنھنڪري پارٽيءَ جي معاملن ۾ ھن جي راءِ کي اھميت ڏني ويندي هئي ۽ پاڻ پارٽيءَ جي اھم عھدن تي به فائز رهيو ۽ سخت مخالفتن جي باوجود ڪيترائي دفعا اليڪشن ۾ حصو ورتو ۽ کيس سياسي مخالف بہ عزت جي نگاهه سان ڏسندا هئا ۽ بنا لالچ جي شر برادري ۽ ٻين برادرين جا ڪيترائي مسئلا ۽ ڪم ڪرايائين، برادريءَ جي مسئلن۾ ھميشه اڳرو ھوندو ھو، پنھنجي برادريءَ توڙي ٻين برادرين جي خوني تقرارن کي حل ڪيائين ۽ پنھنجي خرچ تي ڪيترن ئي ماڻهن جون ضمانتون ڪرائيندو هو، جنھن ڪري مخالفت بہ وڌندي ھئي پر ڪڏهن بہ انھن کي ڏوراپو بہ نہ ڏنائين اھڙن انمول ماڻھن لاءِ ڀٽائي صاحب فرمائي ٿو..
(ڪڏھن ڪوسا م ٿيا ڏوراپا ڏيئي
وساري ويھي تن ڪيچن کان آء ڪيئن رھان )
پاڻ ھڪ وڏو سخي مرد،نيڪ صورت ۽ نيڪ سيرت ۽ شريف طبيعت جو مالڪ ھو جنھن ڪري سندس اوطاق تي غريبن مسڪينن لاچار بيپھچ ماڻھن جا اوطاق تي ميڙ ھوندا ھئا..
پاڻ ھر ڪنھن جي ڏک سک ۾ شامل ھوندو ھو پاڻ ھر فيصلي ۽ ميڙاڪي۾ سندس  جي موجودگي ڪشش جو باعث ھوندي ھئي سندس چھري تي ھميشه مرڪ ڏسي سندس دوست۽ دشمن بہ ملڻ لاءِ مشتاق ھوندا ھئا ۽ سڄي سنڌ ۽بلوچستان تائين فيصلن جي امين طور سڃاتو ويندو هو...
پاڻ 14اپريل 2017 ۾ ھي فاني جھان ڇڏي ويو سندس جنازي نماز ۾ پوري سنڌ جا ناميارا اڳواڻ شريڪ ٿيا..
ھن انمول ھيري  جي وڇوڙي غريبن جو جيُ جھوري وڌو سندس جو خال ڀرڻ ڏاڍو مشڪل نظر پيو اچي سندس جي وڇوڙي کانپوءِ سندس جي وڏي فرزند رئيس پرويز احمد شر کي پڳ ٻڌرائي وئي جنھن کي پھريون ور فقير سڪندر علي شر ڏنو ان کان علاوه سڄي شر برادريءَ جي سڄن پاڙن کان علاوه جسڪاڻي برادريءَ،خاصخيلي سومرا،بوزدار بلوچ، ملاح،سيال،جوڳي،چنا،جوڻيجا،شاھاڻي،ورياھ،سيد برادريءَ جي معززين بہ پڳ کي ور ڏنا..
ڌڻي در دعا آهي ته الله پاڪ سندس جي درجات کي بلند عطا فرمائي ۽ جنت الفردوس ۾ اعلي مقام عطا فرمائي...
وسري سارو لوڪ شال نہ وسرين تون، 
توکي ڪيڏو سانڍيو آھي مون ساھ ۾

Good Wishes