مٺل جسڪاڻي: مختصر تعارف ۽ ويچار

فيس بوڪ انٽرويو WhatsApp Image 2020 06 01 at 3.22.37 AM

مٺل جسڪاڻي: مختصر تعارف ۽ ويچار

ترتيب: مٺل جسڪاڻي

”جو وڙ جڙي جن سين، سو وڙ سي ئي ڪن“...
ڪجهه مهربانن جو خيال هو ته هن سلسلي جي شروعات منهنجي ئي مختصر تعارف ۽ ويچار سان ڪريان! اهو مون کي مناسب نه لڳو. آخر ۾ ان ڪري ضروري سمجهيم، متان ڪو دل ۾ چوندو وتي، ٻين کي ته ڪٽهڙي ۾ بيهاريائين، پاڻ، پنهنجن ئي سوالن جو جواب ڇو نه ڏنائين؟ صرف ان هڪ سوال جي جواب ۾، ٻين کان پڇيل سوالن جا جواب حاضر آهن. اوهان سڀني مهربان پڙهندڙن کان مثبت موٽ جي اميد رهندي.

1. اوھان جو نالو؟
مون تي منھنجي ڏاڏي جو نالو ”محمد مٺل جسڪاڻي“ رکيو ويو. ڏاڏا کي ٻھراڙي جي اڻ پڙھئي ماحول سبب ”مِٺُو“ چوندا ھئا، ان ڪري مون کي به منھنجا مٽ مائٽ ”مِٺُو“ سڏين. لکڻ جي شروعات ”مجبور“ تخلص سان ٿي، پوءِ ڪي ٻيا تخلص به رھيا، پر اڪثر ”مٺل جسڪاڻي“ يا سڄو نالو به لکندو آھيان. انگريزي مواد M. Mithal Jiskani يا وري M. M. Jiskani جي نالي سان شايع ٿيندو رھيو آھي.

2. ولديت ذات سميت؟
منھنجي والد جو سڄو نالو محمد عمر جسڪاڻي، سدائين ”عمر“ سڏبو رھيو، پر بابا پنھنجي طبيعت جو، ھڪ منفرد ڪردار ھو، ان ڪري سندس ٻيا نالا به ھئا. بابا اسان جي پسگردائي ۾ اھڙو واحد شخص ٿي رھيو، جنھن کي علائقي جا وڌ ۾ وڌ ماڻھو سڃاڻين. ٽنڊوڄام شھر جا ته سڀ مرد توڙي عورتون، ھر عمر وارو، کيس سڃاڻندو ھو، سندس عزت ڪندو هو. سندس سڃاڻو، اسان ڀائرن کي جيڪڏھن وڌيڪ نه به سڃاڻن، پر بابا جي حوالي سان نه صرف سڃاڻندا آھن، پر اسان ڀائرن جي عزت به ڪندا آھن ۽ اسان جي روبرو توڙي پرپٺ پڻ، ٻين سان اسان جو تعارف به ڪرائيندا آھن.

3. رھائشي پتو (ڄمڻ جي تاريخ ۽ ھنڌ سميت)؟
15 جنوري 1961ع منهنجي ڄمڻ جي تاريخ آهي. منهنجو جنم ڳوٺ ٽئونر خان جسڪاڻي ۾ ٿيو. اسان جي تر ۾ جسڪاڻين جو اهو ھڪ ئي ڳوٺ آهي، پر مختلف نالن سان سڏبو آھي. هي ڳوٺ ٽنڊوڄام کان اوڀر ڏکڻ ڪُنڊ تي، ديھه پساھڪي، تعلقه ۽ ضلع حيدرآباد ۾ آهي. ڳوٺ ۾ به گهرڙو آھي. ھن وقت لياقت ٽائون، ٽنڊوڄام ۾ رھائش اٿم.

4. تعليم؟
ايم. ايس. سي. ايگريڪلچر آنرس پلانٽ پيٿالاجي ۽ ٽيھارو کن ننڍا وڏا تربيتي ٽريننگ ڪورسز.

5. ڪرت (پيشو)؟
استاد، محقق، توسيعڪار، سکياڪار، سهوليتڪار، ٻھراڙي ۾ ٻني ٻاري جو ھر ڪم عملي طور ڪيل اٿم. معاوضو ڏياريندڙ ڪجهه هنر به ڄاڻان ٿو.

6. ترجيحاتي مصروفيتون، وندر؟
واندڪائي ڪانه وڻي. ڪم نه ھوندو آھي، ته ڳولي وٺبو آھي. ڪم ئي منھنجي وندر آھي.

7. ليکڪ آھيو ته شاعر، ڪھاڻيڪار، ناول نويس، مضمون نگار يا ڇا ڇا لکندا آھيو؟ ڪو/ڪتاب به ڇپيا آھن يا؟
لکندو ته آھيان، الئه ڇا ڇا لکندو آھيان، پر ’ڪليم‘ ڪرڻ جي ’پوزيشن‘ ۾ نه آھيان. پاڻمرادو، ڪٿان ڪنھن وٽان ڪھاڻيڪار، مضمون نگار يا شاعر جي مستند سَنَد نه ملي اٿم، نه اميدوار آھيان، نه ئي ضرورت محسوس ٿو ڪريان. جھڙو آھيان، جيڪو آھيان، پڙھندڙن جي اڳيان آھيان.
سنڌي ۾ ڏيڍ ٻه ھزار يا ٿي سگهي ٿو ته اڃان به وڌيڪ، انگريزي ۾ ھڪ سئو کان وڌيڪ ۽ اردو ۾ ھڪ سئو جي لڳ ڀڳ لکڻيون مختلف ڏيھي ۽ پرڏيھي جرنلس، ميگزينس، رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپيل آھن. منھنجون ڪيتريون ئي تحريرون، مون ڇپجڻ جي لاءِ جيڏانھن موڪليون، اتي ته ڇپيون، پر اتان وري ٻين کڻي پاڻ به پئي ڇپيون آھن.
منھنجا ننڍا وڏا، سنھا ٿلھا، ٻه درجن ڪتاب ڇپيل آھن، جن مان ھڪ انگريزي ۾ آھي. ٻن ڪتابن کي ڇپجڻ واري سال جي بھترين ڪتابن طور انجمن ترقي پسند مصنفين سنڌ چيپٽر پاران ايوارڊ مليل آھن. نظم ۽ نثر جي ڪجهه ڪتابن ۾ مهاڳ، پيش لفظ، ٻه لفظ، راءِ طور مواد به لاڳاپيل مجموعن ۾ ڇپيل آهي ۽ ڪي ڇپائي جي مرحلي ۾ آهن. مختلف ڪتابن تي تبصرا، مختلف شاعرن جي شاعري، يا شاعري جي ڪنهن اسم تي اڀياس به لکيل آهن. پروفائيل انٽرويوز ۽ شخصيتن تي خاڪا به ڳچ تعداد ۾ ڇپيل آهن. مختلف سماجي مسئلن ۽ تعليم جي حوالي سان ڳچ سارو لکيو اٿم، جيڪو پڻ وقت به وقت شايع ٿيندو رهيو آهي.

8. مطالعي ۾ ڇا پڙھڻ کي اوليت ڏيو ٿا؟
شاعري شوق ۽ ڌيان سان پڙھندو ۽ ٻڌندو آھيان. عنوان مان پڙھڻ نه پڙھڻ جو اندازو ڪري، مضمون به پڙھندو آھيان. ڪھاڻيون به پڙھندو آھيان. ھڪ ٻه ناول، زور ڀرڻ تي پڙھيا اٿم. ڪجهه سفرناما ۽ ڪجهه آتم ڪٿائون، ڪي ڊائريون (ڇپيل) به پڙھيون اٿم. مختلف ڪتاب پڙهندو رهندو آهيان.

9. سير سفر، اوھان جي نظر ۾؟
موقعو ملندو آھي، ته وڃڻ جا وس ڪندو آھيان. ڇاڪاڻ ته جيترو گهمبو، ڏسبو، اوترو ڄاڻبو، سکبو آهي. عام طور، ڪم ڪار سان نڪرڻ ٿيندو آهي، ته سفر دوران منهنجي نگاهه ٻاهر هوندي آهي ۽ آئون سدائين مختلف منظر پسندي سفر ڪندو آهيان. پنهنجي سواري هوندي آهي، ته ڪٿي ڪٿي بيهي به رهندو آهيان. سنڌ جي وچولي جو واسي آهيان. لاڙ طرف پنڌ سرس ٿيل آهن. ٿر سڪار توڙي ڏڪار ۾ به ڏٺل آهي. ڪاڇي جي ڪڇ به هڪ دفعو ڏسي آيس. ڪوهستان جي ديهه ڪوهستان مان لائون لهي آيل آهيان، ان ڪري سمجهي سگهو ٿا، ته جبل به جهاڳيل آهي. ڏاکڻو دنگ ڪراچي سي ويو ته سڀ ڏسي آيا هوندا، ڪيٽي بندر به ڏسي آيو آهيان، ته بدين کان به سمنڊ ڏٺل آهي. اتر طرف دادو، لاڙڪاڻو اتان سکر، شڪارپور به هڪ ٻه دفعو ڏٺم. حيدرآباد کان پنو عاقل ۽ سرحد تائين روڊ وسيلي ويل آهيان. ريل جي پٽڙي پنڊي تائين پئي پنڌ ڪرايا آهن. ڪوهه مري، نٿيا گلي تائين ۽ مظفر آباد، ڪشمير تائين به گهميو آهيان. ڪراچي، لسٻيلي کان خُضدار ۾ ٻه ٽي ڏينهن گهمڻ بهاني رهي آيو آهيان. هڪ سفرنامو ڇپيل آهي ۽ هڪ ٻِٽو سفرنامو، ٻن اڍائي سالن کان ڇپجڻ جو انتظار پيو ڪري.

10. ڪچھريون، اوھان جي نظر ۾؟
ڪچهريون ته منهنجي ننڍپڻ واري عمر ۾ ٿينديون هيون. جيڪي اسڪول کان وڌيڪ تربيت ڪنديون هيون. ننڍا وڏا ويهندا هئا، ته ان ڏينهن جون سڀ ڳالهيون ٿينديون هيون. هڪ ٻئي جي سٺي خراب عمل ۽ ارادن جي خبر پوندي هئي، ته پاڻ مُرادو هدايتون به ۽ صلاحون به ملنديون هيون. هڪ ٻئي جي ڪم ڪار ۾ هٿ ونڊائبو هو. مردن جون الڳ ته عورتن جون ڌار رهاڻيون ٿينديون هيون. پٽن ۽ نياڻين جي تربيت ورهايل به هوندي هئي، ته اڻ ورهايل به ٿيندي هئي. ڳوٺ جو هر وڏو، ڳوٺ جي هر ننڍي جو وڏو هوندو هو. ڪچهرين ۾ حال احوال به ٿيندا هئا، خيالن جي ڏي وٺ به ٿيندي هئي، ڏور، بيت، ڳجهارتون، ڳائڻ، کل ڀوڳ، گهڻو ڪجهه هوندو هو، سڀ ڪجهه ”لائِيو“ هوندو هو. اهي ڪچهريون، معلومات جو به ته تربيت جو به بھترين ذريعو هيون، جيڪڏهن اڃان به ڪٿي ٿين ٿيون، ته ساڳيو ڪم ڪنديون هونديون.

11. ادبي تقريبون، اوھان جي نظر ۾؟
ادب جي اوثر ۾ مثبت هجڻ لاءِ، ادبي تقريبون وڏي اهميت رکن ٿيون، پر پاڻ وٽ اهي تقريبون اديب منعقد ڪندا آھن. ھر ڪنھن جا پنھنجا حدف ھوندا آھن. اڳي سکڻ جي نيت سان ويندو ھئس. ھاڻ وقت پاس ڪرڻ يا دعوت ڏئي گهرائيندڙ جي دل خوش ڪرڻ لاءِ ويندو آھيان. اڳي به ڏاڍا مزا ٿيندا هئا، هاڻي به گهڻا مزا ٿيندا آھن. سوين ميل سفر ڪري پھتل ڪنھن اديب جي، پاڻ مرادو من ۾ رکيل ڪا آس، اميد پوري ٿي ته واهه، نه ٿيندي، ته اهو اديب، ان تقريب ۾ ئي ڦاٽي پوندو آھي! آئون سنڌي ادبي سنگت جي دستوري گڏجاڻين ۾، اصلاح جي اميد سان، پنھنجون تحريرون پڙھندو رھيو آھيان. ٽنڊو ڄام، ٽنڊو الهيار، اڏيرو لال اسٽيشن، ٽنڊو محمد خان گهڻو ويندو رهيو آهيان. حيدرآباد ۽ ڪوٽڙي ۾ ٿيندڙ ادبي تقريبن ۾ به وڃڻ پيو ٿيندو آهي. هڪ هنڌ ويهي ڏسبو ۽ ٻڌبو آهي. ڪجهه مشاعرن ۾، صرف ٻڌڻ لاءِ ۽ مزو ڏسڻ لاءِ به شريڪ ٿيو آھيان، پر شاعرن جو حق نه مارڻ جي ڪري، مون ڪنھن به مشاعري ۾ شاعر طور شرڪت نه ڪئي آھي. ھڪ دفعي غلام مصطفيٰ سولنگي، المنظر ڄامشورو تي، سنڌ راڻي مشاعرو ڪرايو ھو. ان ۾ شريڪ ٿيس ته الئه ڪيئن، صدارت احمد سولنگي، خصوصي مھمان عزيز گوپانگ ۽ اعزازي مھمانن ۾ مون کي به مدعو ڪيو ويو! ان ھڪ دفعي، مون کي ٻين زوري ويھاريو، ان ڪري شاعرن سان معذرت نه ڪرڻ گهرجي، پر معذرت ڪريان ٿو. سيتا اسٽيشن تي به ھڪ تقريب ۾ شريڪ ٿيو ھئس، ان ۾ به مون کي الئه ڇو اسٽيج تي زوري ويھاريو ويو هو. ان صدمي جا شڪار، اڃان بيمار آھن، آئون سندن صحت لاءِ دعاڳو آھيان.

12. سماجي ڪم ۽ تقريبون، اوھان جي نظر ۾؟
سماجي ڪم ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. نيڪ نيتي جي بنياد تي، خلوص دل سان ٿيندڙ، سموريون سماجي سرگرميون ۽ سڀ سماجي ڪم وڻندا آھن. پنهنجي وس آهر ڪيا به آهن، وس پڄندو، ته ڪبو به رهبو. اهي مسلسل ٿيندا رهڻ گهرجن. پيٽ گذر لاءِ ٿيندڙ تقريبون، پيٽ گذر جو ذريعو بڻبيون آھن.

13. اوھان جا عزيزن سان لڳ لاڳاپا ۽ رويا؟
عزيزپ رت جي رشتن تائين محدود هوندي آهي. رت جي رشتن وارن مان پيءَ کي پيءَ، ماءُ کي ماءُ، اولاد کي اولاد، جنهن جو، جيڪو به رشتو آهي، هر رشتي جون پنهنجون ذميواريون آهن، کين ان نسبت سان نڀائڻ جي سمجهه هجڻ گهرجي. هر رشتي ۽ مائٽي جون پنهنجون گهرجون، تقاضائون، سماجي ۽ اخلاقي ذميواريون آهن. آئون ڀلي ڇا به ڪريان، عزيز مطمعن ٿيا، ته واہ واہ، نه ٿيا ته بخش نه ڪندا. پاڻ سڀني کي پنهنجي ذميواري جي خبر ۽ احساس هجڻ گهرجي. ان سان نڀائڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪرڻ گهرجي.

14. اوھان جا سنگت ساٿ سان لڳ لاڳاپا ۽ رويا؟
ٻئي کي سٺو سمجهي، ان جي سنگت ۾ اچبو، وڃبو آهي. جيڪي پاڻ جهڙا هوندا آهن يا پاڻ کان وڌيڪ ڏاها هوندا آهن، انهن جي ڇا ڳالهه ڪجي. پاڻ کان وڌيڪ ڏاهي سنگت ڀاڳ وارن جي نصيب ۾ ايندي آهي. ننڍپڻ جا دوست اڃان به دوست آهن ۽ هاڻ اسان جو اولاد به، هڪ ٻئي جي دوستي ۾ آهي ۽ هڪ ٻئي سان نڀائين به پيا. ڪجهه دوست، دوستيءَ جي پهرئين ڏينهن کان، جيستائين حياتي رهيا، هڪ ٻئي سان نڀاءُ رهيو.
مون جهڙن جي نصيب ۾، الئه ته ڪير ڪير به پيو دوستي ۾ ايندو آهي ۽ الئه ته ڪهڙين ڪهڙين اميدن ۽ آسرن تي، الئه ته ڪيئن ڪيئن پيو ناتو رڙهندو آهي... آئون پاڻ ته عام معمول کان ھٽي، نڀائڻ جي ھر ممڪن ڪوشش ڪندو به آھيان... ڪڏھن ڪڏھن بيوس اٺن جيان بار کڄي نه سگهندو آھي. سنگت ساٿ مان، ڪن جي اميدن تي پورو لٿو هوندس، ڪن جي آس جهڙو ثابت نه ٿي سگهيو هوندس. مون کان وڌيڪ، منهنجي سنگت ئي ٻُڌائي، ته منهنجا ساڻن لڳ لاڳاپا ۽ رويا ڪهڙا آهن؟ ڪهڙا هجڻ گهرجن؟

15. اوھان جي پسند جو رنگ ۽ خوشبو؟
ڪڏھن ڇا ٿو وڻي، ته ڪڏھن ڇا... ھُن کان پڇيو نه اٿم، پر ھوءَ جيڪا خوشبو استعمال ڪندي آھي، اھا وڻندي اٿم. هُن کي فيروزي رنگ وڻندو آهي، مون پهريون دفعو جيڪا خريداري ڪئي هئي، ان ۾ هڪ وڳو فيروزي هو ۽ هُن کي ئي پهچايو هئم. پاتو به هئائين.

16. اوھان جي پسند جي سواري؟
گهڻو ڪري سامونڊي جھاز کانسواءِ سڀ سواريون ڪيل آھن. سواري جيڪا به ھجي، آرام سان منزل تي رسائي، ته اھا ئي پسند جي ھوندي.

17. اوھان جي اھڙي خواھش، جيڪا ٻڌائڻ پسند ڪريو؟
خواھشون بدلبيون رھنديون آھن. خواھشن جو قتل ڪم عمري کان شروع آھي. کل ڀوڳ يا خاص حدف جي ٻي ڳالھه آھي، پر ٻي شادي جي خواھش نه آھي. جيئن ٻڌو ۽ پڙھيو آھي، جيڪڏھن نئون جنم ٿيڻو آھي، ته آئون چاھيندس، ته اسان جو جوڙ ساڳيو ھجڻ گهرجي.

18. مٽن مائٽن متعلق ڇا ٿا چاھيو؟
مٽ مائٽ يعني ڪڙم، قبيلي، ذات وارا سڀ... انھن سان ڪھڙا ليکا؟... سڀني کي وڌ ۾ وڌ ڪوشش ڪري، پاڻ ۾ ٺھي هلڻ ۽ هڪ ٻئي سان نڀائڻ گھرجي. اھي ئي اوير سوير ھڪ ٻئي کي ڪم اچڻا آھن. ان ڪري سڀني کي، هڪ ٻئي جي ڪم اچڻ جهڙو ٿيڻ ۽ رهڻ گهرجي.

19. سنگت ساٿ لاءِ ڇا ٿا چاھيو؟
سنگت ساٿ ته آهي محبت ۽ خلوص سان... بي لوث سنگت، بنا لالچ سنگت، خلوص واري سنگت قائم دائم رھندي آھي. حدف سان ٿيندڙ سنگت ”ڪم لٿو ڪاڳر ڦاٽو“ ٿيندي آھي. ائين نه ٿيڻ گهرجي. ”پنهنجي جو لک به سهي، ٻئي جو ڪک به نه سهي.“ سٺو ناهي.

20. عام ماڻھو ڪيئن ۽ ڪھڙا ھجڻ گهرجن؟
پاڻ سڀ به عام ماڻھو ئي ته آھيون. عام ماڻھو ئي، هر عام ماڻهو لاءِ مسئلو بڻيل آهي. جيڪڏهن عام ماڻهو نيڪ نيت ھجن، سچا ھجن، لالچ ۽ هٻڇ کان آجا هجن، ته سڀ ويڇا، اختلاف، نفرتون، دشمنيون ختم ٿي وڃن.

21. اوھان ڪو پيغام ڏيڻ چاھيو، ته ضرور لکو؟
جيڪو به، جيئن به پنھنجي ذات لاءِ چاھي ٿو، ٻئي لاءِ به تيئن چاھڻ گهرجي. ’آئون عقل ڪل ٻيو بي وقوف‘ جھڙي سوچ نقصانڪار آھي. جنهن سان نه لڳي، جيڪو سمجهه ۾ نه اچي، صرف ان کي ڏوهه ڏيڻ بدران، پنهنجي علم ۽ عقل تي پڻ ويچارجي. پيار ۽ محبت سان گهڻو ڪجهه ممڪن آهي. دڙڪي دهمان ۽ لٺ ڌُڪي سان مسئلا ۽ مونجهارا وڌندا، گهٽبا ڪونه. آئون ايترو ضرور چوندس ته:
مُفتي منجھ وِهار، ته قاضيءَ ڪانيارو نه ٿِين...
دم نه سڃاڻن، دانهُون ڪن مُٺن جيئن...
منجهان صبر سِک، جي سنواريا سمجهين...
ڪمُ کمندن کٽيو، هارايو هُوَندَن...
وکر سو وهاءِ، جو پئي پراڻو نه ٿئي...
ٻِيائيءَ کي ٻَک، جن وڌو سي ورسيا...
اِي نه مارن ريت، جئن سيڻ مٽائينِ سون تي...
پيرين پنڌ وسار، هل هنئين سين ھوت ڏي...
ڏات نه آھي ذات تي، جو وھي سو لھي. ..
اهو ڪِي ڪجي، جو آئيءَ ويل ڪم اچي...
پدم وڃائجي پر پريت نه وڃائجي...
وڃائجي ڪک سان به نه، جو اڏامي اک ۾ پوي...

آخري عرض اهو ته:
منهنجي وَسِ واڪا، ٻُڌڻ ڪم ٻروچ جو...

Good Wishes