اندرا شبنم اندو ترتيب: مٺل جسڪاڻي

WhatsApp Image 2020 05 24 at 7.13.46 AMعيدالفطر جون مبارڪون
.
فيس بوڪ انٽرويو (چاليهين ڪڙي)

اندرا شبنم اندو: مختصر تعارف ۽ ويچار

ترتيب: مٺل جسڪاڻي

اندرا شبنم اندو منهنجي خيال ۾ عالمي سطح جي علمي ادبي شخصيت آهي. سندس سماجي سرگرميون پڻ ساراهڻ جوڳيون آهن. اسان ٻنهي کي، هڪ ٻئي سان هڪ ئي شڪايت آهي، ته اسان ٻنهي وٽ هڪ ٻئي جا ڪتاب نه آهن! جڏهن ته اسان ٻنهي هڪ ٻئي کي پڙهيو به آهي! اها سڄي فيس بوڪ جي مهرباني آهي، جو ”ڪي ويجها ئي ڏور، ڪي ڏور به اوڏا سپرين“ آهن. اسان ڪيترا ئي هڪ ٻئي سان نه ملڻ باوجود هڪ ٻئي سان گڏ آهيون ۽ هڪ ٻئي کان واقف آهيون. واقفيت هوندي به، واقفيت جي ضرورت کان انڪار نه آهي. ان ڪري پهرين ته اندرا شبنم اندو جي مهرباني، جنهن منهنجي هن فيس بوڪ انٽرويو سلسلي کي درست سمجهي پنهنجو مختصر تعارف ۽ ويچار ونڊيا آهن. ۽ پڙهندڙن جا به قرب، جيڪي هر ڪڙي جو مطالعو ڪري رهيا آهن. انهن جا ججها قرب ۽ ٿورا، جيڪي پنهنجا رايا به ڏيندا رهيا آهن، ته سهڻيون صلاحون به ڏيندا رهيا آهن. هن ڪڙي جي موٽ به مثبت ملڻ جي اميد اٿم.

1. اوھان جو نالو؟
منهجو نالو اندرا پوناوالا شهدادپوري، قلمي نالو اندرا شبنم اندو.

2. ولديت ذات سميت؟
اندرا ٽيڪچند شهدادپوري.

3. رھائشي پتو (ڄمڻ جي تاريخ ۽ ھنڌ سميت):
جنم 24 نومبر 1956 ڪراچي سنڌ. سنڌ ڄائي انڊيا نپائي، 9 ب ميوربن اپارٽمينٽ، شواجي نگر ماڊل ڪالوني، پونا 411016، انڊيا.

4. تعليم؟
بي اي، ايم اي، بي ايڊ.

5. ڪرت (پيشو)؟
ٽيچر، پروفيسر، پرنسيپال، ليڊيز جيل جي وارڊن، يروڊا پوني ڪرمنل انويسٽيگيٽر، ڳوٺاڻي ايراضي پونا جي آسپاس.

6. ترجيحاتي مصروفيتون، وندر؟
سنگيت، ڪلاسيڪل ناچ، راڳ، پنهنجون رچنائون، پاڻ وڊيو ٺاهي پڙهڻ. سماج سيوا، Lion club pune kirkee member bhartiya sindhu sabha pune جي 20 سالن کان ميمبر، ٻه ٽي دفعا پريزيڊنٽ ٿي رهڻ.

7. ليکڪ آھيو ته شاعر، ڪھاڻيڪار، ناول نويس، مضمون نگار يا ڇا ڇا لکندا آھيو؟ اوهان جو ڪو ڪتاب؟
شاعرا، ليکڪ، پنجن ٻولين ۾، سڀني ٻولين ۾ 28 ڪتاب ڇپجي چڪا آهن. سنڌي ۾ 1 ”شبنمي قطرا“ غزل، 2 ”جاڳيل ضمير“ نظم، 3 ”سلڻ جو سک“ نظم، 4 ”حقيقتون“ نظم، 5 ”ضمير پنهنجو“ ڪهاڻيون، 6 ”عبادت“ ٽي ڇاپا ڪهاڻيون، 7 ”عشق عبادت“ ڪهاڻين جو مجموعو (سنڌ ۾ ڇپيو، ويجهڙائي ۾)، 8 گڏيل شاعري جا 6 ڪتاب، 8 شاعري، ڪهاڻيون ۽ ناول.

8. مطالعي ۾ ڇا پڙھڻ کي اوليت ڏيو ٿا؟
9. سير سفر، اوھان جي نظر ۾؟
سير سفر نهايت ضروري آهن. خاص ڪري اديب لاءِ الڳ الڳ ماڻهن سان گڏجڻ، انهن جي ريت رسم کان واقف ٿيڻ نهايت ضروري آهي. لکڻ لاء مواد ملي ٿو. مونتي ته نالو پئجي ويو آهي ”هند سنڌ جي سفير“.

10. ڪچھريون، اوھان جي نظر ۾؟
ڪچهريون نهايت اهم آهن.

11. ادبي تقريبون، اوھان جي نظر ۾؟
ادبي تقريبون ته ضروري آهن اديب لاءِ. مونکي بيحد وڻنديون آهن.

12. سماجي ڪم ۽ تقريبون، اوھان جي نظر ۾؟
سماجي تقريبن ۾ مان تمام گهڻو شامل ٿيندي آهيان.

13. اوھان جا عزيزن سان لڳ لاڳاپا ۽ رويا؟
رشتيدارن سان نڀائيندي آهيان.

14. اوھان جا سنگت ساٿ سان لڳ لاڳاپا ۽ رويا؟
سنگت سان بهترين، پيارا، مٺا رشتا آهن، ماکيءَ جهڙا.

15. اوھان جي پسند جو رنگ ۽ خوشبو؟
سڀ رنگ وڻندا آهن. خوبصورت آهن. خوشبو موگري جي گلن جي بيحد وڻندي آهي. اڇو رنگ گلن جو.

16. اوھان جي پسند جي سواري؟
ماڊرن هوائي جهاز ٽرين بس باقي اٺ گاڏي، ڏاندن جي گاڏي خوب وڻندي آهي، اڃان تائين.

17. اوھان جي اھڙي خواھش، جيڪا ٻڌائڻ پسند ڪريو؟
دنيا ۾ امن امان، پيار، محبت، صحت هجي. محبت هر عمر ۾ ڪري سگهجي ٿي، ڪندو رهجي. نفرتون ڪونه کپن.

18. مٽن مائٽن متعلق ڇا ٿا چاھيو؟
مٽن مائٽن مان پيسن ۽ ساٿ جي اميد نه رکندي آهيان، پيار، محبت رکن.

19. سنگت ساٿ لاءِ ڇا ٿا چاھيو؟
سنگت ساٿ ته هجي، پر پنهنجي ڏانو پسندي وارا ڀيڙ ميڙ نه.

20. عام ماڻھو ڪيئن ۽ ڪھڙا ھجڻ گهرجن؟
عام ماڻهو پنهنجي سمجهه وڌائين، سوچ پنهنجي رکن، ٻڌن سڀني کي.

21. اوھان ڪو پيغام ڏيڻ چاھيو، ته ضرور لکو؟
سکڻ لاءِ پنهنجي من کي ڪشادو رکن فيسبڪ جي دوستن کان تمام گهڻو سکي سگهون ٿا. سٺيون ڳالهيون سکجن. عيبن جي پچار نه ڪن. قرب ڏين قرب وٺن. محبت، امن قائم ڪرڻ جون ڪوششون جاري رکو.

Good Wishes