حَسن پنهيار ترتيب: مٺل جسڪاڻي

WhatsApp Image 2020 05 23 at 12.14.23 AMحَسن پنهيار: مختصر تعارف ۽ ويچار

ترتيب: مٺل جسڪاڻي

حَسن پنهيار سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام مان پڙهي وڃڻ جي ڪري، ڇهه ست سال لاڳيتو ٽنڊوڄا۾ ۾ رهي ويو آهي. آئون آهيان ئي ٽنڊوڄام جو، پر جڏهن حَسن پنهيار هتي هوندو هو، آئون صبح سوير ٻچڙن جي پيٽ گذر جي ڪري ٽنڊوڄام مان نڪري ويندو هئس ۽ شام جو ٿَڪي ٽُٽي واپس ورندو هئس، ته وقت جي ورهاست ۾ اهڙو وقت نه مليو، جو اسان ملاقاتي ٿيون. يادگيري بنا، اسان هڪ ٻئي کي، انهن ڏينهن ۾، ڏٺو ضرور هوندو.

ملاقاتون اتفاقي ٿينديون آهن، الئه ته ڪنهن ڪنهن سان ٿينديون آهن، ۽ پوءِ معاملا وڌي ويندا آهن، ماڻهو عاشق معشوق به ٿي پوندا آهن. اسان ۾ اهڙو ڪجهه الئه آهي، ناهي، ڇاهي، ان کي ڇڏيو کڻي، سندس ڀرپور چمي اهڙي هنڌ ملي، جتي هڪ کانسواءِ موجود سڀني جي ڪنهن هڪ کي چمي لاءِ دل چيو هوندو، نه چيو هوندو، ته به مون ائين لکي ڇڏيو.

حَسن پنهيار ۾ مون اهڙو ڪجهه به ڏٺو آهي، جيڪو ٻين ۾ به آهي ۽ اهڙو ڪجهه به، جيڪو ٻين ۽ حَسن جي ڀيٽ ڪبي، ته گهٽ وڌائي ٿيندي، ان کانسواءِ اهو ڪجهه به، جيڪو شايد ٻين ۾ نه به هجي.

فيس بوڪ انٽرويو سلسلي ۾ پهتل مختصر تعارف ۽ ويچار پيش ڪرڻ وقت گهڻي ڊيگهه سونهي نه ٿي، ان ڪري مختصر ئي لکڻ جي ڪوشش باوجود ڪجهه وڌيڪ لکجي ويو، ان لاءِ معذرت. اوهان هي ڪڙي پڙهي رايو لکندا، ته اوهان جا ٿورا ٿيندا.

1. اوھان جو نالو؟
محمد حَسن، حَسن پنهيار.

2. ولديت ذات سميت؟
محمد اسماعيل پنهيار.

3. رھائشي پتو (ڄمڻ جي تاريخ ۽ ھنڌ سميت)؟
جنم 01-01-1973ع، ڳوٺ حاجي محمد رمضان پنهيار، تعلقو تنگواڻي، ضلعو ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ.
رهائش پنهيار هائوس، ڪنڌڪوٽ.

4. تعليم؟
ايم ايس سي ايگريڪلچر، ايم اي سنڌي.

5. ڪرت؟
سرڪاري ملازم.

6. ترجيحاتي مصروفيتون؟
سُر سنگيت ۽ لطيف سائين جي رسالي جو ورد ڪرڻ.

7. ليکڪ آھيو ته شاعر، ڪھاڻيڪار، ناول نويس، مضمون نگار يا ڇا ڇا لکندا آھيو؟
شاعر/ فنڪار/ موسيقار.

8. مطالعي ۾ ڇا کي اوليت ڏيو ٿا؟
لطيف سائين جو رسالو.

9. سير سفر، اوھان جي نظر ۾؟
ڪائنات ۾ اچڻ ئي هڪڙو سفر آهي. انهي سفر ۾ قدرت جي رنگن کي رنگين اکين سان ڏسڻ گهرجي، هن سفر کان هُن سفر تائين.

10. ڪچھريون، اوھان جي نظر ۾؟
ڪچهري مان ڪچهريون جڙنديون آهن، انهي ڪچهرين مان کوڙ سارا گفتا، عنوان، لفظ ملندا آهن، جن کي شاعري ۾ استعمال ڪندي، وڏو لطف ايندو آهي. ڪچهرين مان کوڙ سارو سکي، پرائي سگهجي ٿو.

11. ادبي تقريبون، اوھان جي نظر ۾؟
ادب جي اوسر لئه ادبي تقريبن جو هجڻ لازم آهي. انهي ۾ شرڪت ڪرڻ به اهم ڪردار نڀائڻ جي برابر آهي.

12. سماجي ڪم ۽ تقريبون، اوھان جي نظر ۾؟
سماجي ڪمن ۾ جي سماج جي ڪم اچي ته بهتر آهي. اهڙو ڪم ڪجي يا ڪري وڃجي، جنهن سان صدين تائين ياد رکيو وڃي.

13. اوھان جا عزيزن سان لڳ لاڳاپا ۽ رويا؟
پاڻ فقراء مزاج جو آهيان، پر مائٽن جي انيڪ روين ڏاڍو ستايو. لطيف سائين جي بيت تي عمل ڪندو آهيان ”هو جهيڙين تون جهڪو ٿي، پاند ڳڄي ڳل پاءِ“.

14. اوھان جا سنگت ساٿ سان لڳ لاڳاپا ۽ رويا؟
سنگت ساٿ سان لاڳاپا، انٽرويو وٺندڙ سائين مٺل جسڪاڻي ئي وضاحت ڪري سگهي ٿو. سنگت ۾ هڪ مٺل به آهي.

15. اوھان جي پسند جو رنگ؟
اڇو.

16. اوھان جي پسند جي سواري؟
ٽرين.

17. اوھان جي اھڙي خواھش، جيڪا ٻڌائڻ پسند ڪريو؟
محبوب جي در تي چمي جي خواهش اڄ به آهي.

18. مٽن مائٽن متعلق ڇا ٿا چاھيو؟
هر ڪنهن کي پنهنجي حال، نيت تي ڇڏي ڏجي. مولا سڀني کي سلامت رکندو.

19. سنگت ساٿ لاءِ ڇا ٿا چاھيو؟
جيئن پاڻ کي بهتر ڏسڻ چاهيان ٿو، تئين سنگت ساٿ کي به بهتر، خوشحال ڏسڻ چاهيان ٿو.

20. عام ماڻھو ڪيئن ۽ ڪھڙا ھجڻ گهرجن؟
”مون سان مون پرين، ڀوراڙئي ۾ ڀال ڪيا“ (شاھ)، تيئن هجڻ گهرجن.

21. اوھان ڪو پيغام ڏيڻ چاھيو، ته ضرور لکو؟
پنهنجي پاڻ کي سڃاڻڻ گهرجي، ڇو ته پاڻ سڃاڻڻ لاء ئي پيدا ٿيا آهيون، ”جي سڃاڻي پاڻ کي، ساڳيو سر سلطان به تون آن“. حق موجود.

Good Wishes