مير چند اوڏ ترتيب: مٺل جسڪاڻي

WhatsApp Image 2020 05 23 at 12.13.31 AMمير چند اوڏ: مختصر تعارف ۽ ويچار

ترتيب: مٺل جسڪاڻي

مير چند اوڏ جي ڳوٺ وڃي به ساڻس ملي نه سگهڻ جو ارمان ائين آهي، جيئن جوهي ۽ جوهي جي آسپاس وارن ٻين ناميارين شخصيتن، بهترين سرجڻهارن سان نه ملي سگهڻ جو... سندس مختصر تعارف ۽ ويچار پڙهي رايو ڏيندا ته ارمان عيوض آٿت ملندي.

1. اوھان جو نالو؟
مير چند اوڏ.

2. ولديت ذات سميت؟
نماڻو اوڏ.

3. رھائشي پتو (ڄمڻ جي تاريخ ۽ هنڌ سميت)؟
امان ۽ بابي غريب، اڻ پڙهيل ۽ رواج نه هئڻ ڪري، ڄمڻ جي تاريخ ته ياد نه رکي، پر پرائمري اسڪول سرٽيفڪيٽ ڪڍڻ مهل، اسڪول جي هيڊ ماستر سائين طالب حسين ٻٻر جي مهرباني سان 8 اپريل 1986ع درج ڪئي وئي. حسين آباد ڪالوني جوهي، ضلعو دادو.

4. تعليم؟
ايم اي سوشيولاجي، بي ايڊ.

5. ڪرت (پيشو)؟
استاد.

6. ترجيحاتي مصروفيتون، وندر؟
ڪتاب پڙهڻ، فلمون ڏسڻ، انٽرنيٽ سرفنگ.

7. ليکڪ آھيو ته شاعر، ڪھاڻيڪار، ناول نويس، مضمون نگار يا ڇا ڇا لکندا آھيو؟
جڏهن به دل جي ڳالھ ڪنهن سان ناهيان ڪري سگهندو يا ڪو دل کي ڇهندڙ خيال ايندو اٿم، ته شعر لکي وٺندو آهيان. ڪهاڻيون ڪافي سال اڳ لکيون اٿم ۽ ڪجھ مضمون لکيا اٿم ۽ لکان پيو.

8. مطالعي ۾ ڇا پڙھڻ کي اوليت ڏيو ٿا؟
سفرناما، تاريخ، تحقيق، لسانيات، سائنس ۽ شاعري.

9. سير سفر، اوھان جي نظر ۾؟
ھڙ هجي ته سڄي دنيا گهمان ۽ قديم آثار ڏسان.

10. ڪچھريون، اوھان جي نظر ۾؟
رڳو پرايون گلائون ۽ پنهنجي ساراھ ڪرڻ.

11. ادبي تقريبون، اوھان جي نظر ۾؟
ادبي تقريبون ملڻ جلڻ ۽ هڪٻئي کي روبرو ٻڌڻ جو هڪ سٺو موقعو آهي.

12. سماجي ڪم ۽ تقريبون، اوھان جي نظر ۾؟
اڄڪلھ سماجي ڪم گهٽ پر ڏيکاءُ مال ميڙ گهڻو آهي.

13. اوھان جا عزيزن سان لڳ لاڳاپا ۽ رويا؟
گولي ئي هڪڙي هڻجي.

14. اوھان جا سنگت ساٿ سان لڳ لاڳاپا ۽ رويا؟
دوستاڻا، همدرداڻا ۽ ڏکئي وقت ۾ ڪم اچڻ وارا آهن، پر بعد ۾ سنگت بيوقوف چئي ڪم ڪڍڻ جي چڪر ۾ هوندي آهي.

15. اوھان جي پسند جو رنگ ۽ خوشبو؟
رنگ ڳاڙهو ۽ خوشبو ۾ فوگ.

16. اوھان جي پسند جي سواري؟
جيڪا سواري ماڳ تي تڪڙو پهچائي.

17. اوھان جي اھڙي خواھش، جيڪا ٻڌائڻ پسند ڪريو؟
اولاد ڏسڻ جيڪا ڏسڻ کان اڳ ئي قتل ڪئي وئي.

18. مٽن مائٽن متعلق ڇا ٿا چاھيو؟
چوڻي آهي ته ”رت دانگيءَ تي ورندو آهي“، هاڻي دانگي ئي اڻ لڀ ٿي وئي آهي، ته رت ڪيئن وري.

19. سنگت ساٿ لاءِ ڇا ٿا چاھيو؟
مطلبي، منافقي ۽ پٺي ۾ ڇرو هڻڻ کي سنگت چئبو آهي.

20. عام ماڻھو ڪيئن ۽ ڪھڙا ھجڻ گهرجن؟
سادا، همدرد ۽ ڏکئي وقت ۾ ڪم ايندڙ هجن.

21. اوھان ڪو پيغام ڏيڻ چاھيو، ته ضرور لکو؟
ڪنهن بيوس ۽ غريب کي ذليل نه ڪيو ۽ ڏاڍي جا بوٽ نه چٽيو.

Good Wishes