فهيم فدا شورو ترتيب: مٺل جسڪاڻي

WhatsApp Image 2020 05 23 at 12.12.34 AMفهيم فدا شورو: مختصر تعارف ۽ ويچار

ترتيب: مٺل جسڪاڻي

فهيم فدا شورو سان ملاقات ڪا هڪ اڌ، تفصيلي ڪچهري جو روبرو موقعو نه مليو، فاصلاتي ڪچهري ٻه چار دفعا ٿي، سندس مختصر تعارف ۽ ويچار، سندس آئينو آهن، اوهان پڙهي رايو ڏيندا، ته اسان ٻنهي کي خوشي ٿيندي.

1. اوھان جو نالو؟
فهيم الدين ارشد، قلمي نالو فهيم فدا شورو.

2. ولديت ذات سميت؟
مولانا محمد يامين شورو ”خادم سنڌي“.

3. رھائشي پتو (ڄمڻ جي تاريخ ۽ هنڌ سميت)؟
8 جون 1988ع، مسڻ وڏي، ٽنڊو الهيار، سنڌ.

4. تعليم؟
ايم. اي. درس نظامي جديد عربي فارسي.

5. ڪرت (پيشو)؟
تعليم کاتي ۾ اُستاد.

6. ترجيحاتي مصروفيتون، وندر؟
لکڻ پڙهڻ، انٽرنيٽ هلائڻ ۽ سنڌي ادب ۾ رنڍا روڙڻ.

7. ليکڪ آھيو ته شاعر، ڪھاڻيڪار، ناول نويس، مضمون نگار يا ڇا ڇا لکندا آھيو؟ اوهان جا ڪتاب؟
ناول ڇڏي باقي سڀني مان ٿورو ٿورو تصنيف و تاليف. ڇپيل ڪتاب ”پکا ۽ پنهوار“ ڇپائي جو سال آگسٽ 2013ع، ڇپائيندڙ انجمن مشعل راهه مسڻ وڏي، مهورت بدست مبارڪ حافظ محمد نظاماڻي. زير اشاعت ڪتاب (پريس ڪاپي تيار) 1. ذڪر حيات مولانا عبيدالله سنڌي، 2. مقالات فهيم (مقالن ۽ مضمونن جو مجموعو)، 3. فيس آف شورو - هڪ تحريڪ، هڪ ادارو. اڻ ڇپيل ڪتاب: 1. آتم ڪٿا، 2. تِڙڪو (شاعري)، 3. باقة الازهار (عربي ٻاراڻو ادب)، 4. باغستانِ فدا (فارسي)، 5. سنيها سِڪ وارن جا (خطوط)، 6. سنڌ ۾ شورو قبيلي جا ماڳ ۽ مڪان.

8. مطالعي ۾ ڇا پڙھڻ کي اوليت ڏيو ٿا؟
تحقيق، تاريخ ۽ فلسفو.

9. سير سفر، اوھان جي نظر ۾؟
انساني تجربي ۾ بي بها اضافو.

10. ڪچھريون، اوھان جي نظر ۾؟
قربائتيون ڪچهريون سنڌي ثقافت جو مينار آهن. ڪچهرين سان وِرُونهن وڌي ٿو.

11. ادبي تقريبون، اوھان جي نظر ۾؟
بصد معذرت! قومي اثاثو هوندي، اڄ رسمي بڻجي ويون آهن.

12. سماجي ڪم ۽ تقريبون، اوھان جي نظر ۾؟
خلق جي خذمت سان خدا ملي ٿو.

13. اوھان جا عزيزن سان لڳ لاڳاپا ۽ رويا؟
پنهنجائپ وارا.

14. اوھان جا سنگت ساٿ سان لڳ لاڳاپا ۽ رويا؟
تمام بهترين.

15. اوھان جي پسند جو رنگ ۽ خوشبو؟
اڇو. چِيڪي مِٽي جي خوشبو.

16. اوھان جي پسند جي سواري؟
جيڪا منزل تي پُڄائي.

17. مٽن مائٽن متعلق ڇا ٿا چاھيو؟
مٽي مائٽي مضبوط قلعو آهي، جيڪو عدم ڌياني جي ڪري ميسارجي رهيو آهي.

18. سنگت ساٿ لاءِ ڇا ٿا چاھيو؟
ضرورت جي وقت ڪم اچڻ وارا.

19. عام ماڻھو ڪيئن ۽ ڪھڙا ھجڻ گهرجن؟
پنهنجا حق وڙهي وٺڻ وارا ٿي پون، پوءِ اهي حق ملڪي هجن يا قومي.

20. اوھان ڪو پيغام ڏيڻ چاھيو، ته ضرور لکو؟
محبت منهنجي ماني آ،
محبت منهنجو پاڻي آ،
اهو آ ڏس پتو منهنجو،
اها منهنجي ڪهاڻي آ.

Good Wishes