مير اعظم علي ٽالپر ترتيب: مٺل جسڪاڻي

WhatsApp Image 2020 05 23 at 12.11.20 AMمير اعظم علي ٽالپر: مختصر تعارف ۽ ويچار

ترتيب: مٺل جسڪاڻي

مير اعظم علي ٽالپر ۽ آئون، ملون نه ملون، اسان کي بنا ساهي ملندي رهڻ وارو جوڙو سمجهيو وڃي ٿو. ان ڪري سندس ذات تي لکندس، ته ڊاڪٽر عزيز ٽالپر انيڪ سچيون ڪوڙيون شاهديون کڻي، ٽهڪن ۽ ٽانڊن سميت پهچي ويندو. گهڻو ڪري سائين حيات علي شاهه بخاري جي صبر وارو پيالو به پلٽبو. منهنجي خيال ۾ سائين حڪيم نظير احمد شيخ جا صحت ۽ ساڃاهه جهڙا نسخا به پڌرا ٿي پوندا. ان ڪري آئون بهتري ان ۾ پيو ڀانيان، ته مير فيس بوڪ انٽرويو اعلان پڙهي، جيڪو پنهنجي هٿ اکرن ۾ مختصر تعارف ۽ ويچار لکي موڪليا، اهي ئي تصويري صورت ۾ پڙهڻ لاءِ پيش ڪري ڇڏيان، پر نه، اوهان کي پڙهڻ ۾ ڏکيائي ٿيندي... منهنجي خيال ۾ هي پهريون ۽ آخري انٽريو آهي، جيڪو ڪاڳر، ڪاغظ تي لکجي مليو ۽ شامل ٿيو آهي... خير، اوهان پڙهي پنهنجو رايو ڏيندا، ته مير اعظم سندس فيس بوڪ وال تان پڙهندو، ڪنهن کي موٽ ڏيڻ لاءِ، جيڪڏهن وري به ڪاڳر جو سهارو ورتائين، ته ان ۾ منهنجو ڪهڙو ڏوهه!؟

1. اوھان جو نالو؟
مير اعظم علي ٽالپر

2. ولديت ذات سميت؟
محمد خان ٽالپر

3. رھائشي پتو (ڄمڻ جي تاريخ ۽ ھنڌ سميت):
شناختي ڪارڊ مطابق 01.01.1957، ٽالپر پاڙو، محلو، ڳوٺ، ٽنڊوڄام.

4. تعليم؟
ايم اي سوشا لاجي

5. ڪرت (پيشو)؟
رٽائر ملازم

6. ترجيحاتي مصروفيتون، وندر؟
لکڻ، پڙهڻ، گهر ۾ ٻُوٽا (ٻارڻ) پوٽا پوٽيون پرچائڻ، راند ڪُڏڻ، اخبارون پڙهڻ (جيڪي نظر اچن).

7. ليکڪ آھيو ته شاعر، ڪھاڻيڪار، ناول نويس، مضمون نگار يا ڇا ڇا لکندا آھيو؟ اوهان جو ڪو ڪتاب؟
ڊائري لکڻ عادت آهي ۽ اخبار ۾ مضمون لکندو آهيان. هڪ ڪتاب ڇپيل، گم ٿيل، مون وٽ به ڪاپي نه آهي، ته ڇو ڳڻايان؟

8. مطالعي ۾ ڇا پڙھڻ کي اوليت ڏيو ٿا؟
بطور ليکڪ، لکڻ لاءِ گُهمڻ ڦرڻ، سير سفر، ٽوئر شوق سان ڪرڻ، اخبارون ۽ رسالا وغيره پڙهڻ سان گڏوگڏ ڪجهه ملي ٿو، ته پسند ناپسند جي بنياد تي پڙهي وٺندو آهيان.

9. سير سفر، اوھان جي نظر ۾؟
گهمڻ، ڦرڻ، سير ٽوئر ڪرڻ زبردست آهي.

10. ڪچھريون، اوھان جي نظر ۾؟
اوطاقي ڪچهريون ٺيڪ آهن.

11. ادبي تقريبون، اوھان جي نظر ۾؟
زبردست حيثيت رکن ٿيون.

12. سماجي ڪم ۽ تقريبون، اوھان جي نظر ۾؟
سماج اندر هر ڪم ڪرڻ گهرجي ۽ ان ۾ اٿڻ، ويهڻ، شرڪت لازمي ڪجي.

13. اوھان جا عزيزن سان لڳ لاڳاپا ۽ رويا؟
هر هڪ سان سٺا رويا ۽ لاڳاپا رکڻ گهرجن، اهو نه ڏسو ته اڳلي جي روش ڇا آهي.

14. اوھان جا سنگت ساٿ سان لڳ لاڳاپا ۽ رويا؟
دوستي ۾ سٺا رويا رکيا آهن ۽ رکڻ جو عزم آهي.

15. اوھان جي پسند جو رنگ ۽ خوشبو؟
اڇو (سُفيد) دربار هتانه عَطَر جي خوشبو.

16. اوھان جي پسند جي سواري؟
سواري جيڪا ملندي اها ئي پسند هوندي آهي.

17. اوھان جي اھڙي خواھش، جيڪا ٻڌائڻ پسند ڪريو؟
دل ۾ هزارين خواهشون آهن، ڪهڙي نمبر ون ڪجي سڀ نمبر ون آهن.

18. مٽن مائٽن متعلق ڇا ٿا چاھيو؟
عزيز سڀ ڀلا آهن.

19. سنگت ساٿ لاءِ ڇا ٿا چاھيو؟
هر هڪ لاءِ نيڪ خواهشون ۽ نيڪ تمنائون.

20. عام ماڻھو ڪيئن ۽ ڪھڙا ھجڻ گهرجن؟
هر هڪ ماڻهو سان انسان ٿي هلي ته بهتر آهي. تڏهن ماڻهو، ماڻهپي ۾ ايندو.

21. اوھان ڪو پيغام ڏيڻ چاھيو، تہ ضرور لکو؟
پيغام ڪهڙو ڏجي سڀني لاءِ دعا آهي ته خوش هجن.

مير اعظم پنهنجي مرضي سان پاڻ کان پڇيل سوال جو جواب لکيو:
هي سوالن جو پيپر اتفاق سان 2020ع جي اپريل جي آخر ۾ مليو آهي ۽ هجري اسلامي مهينو رمضان شريف هلندڙ آهي. هن کان اڳ وارا ٽي (3) رمضان 67 سالن واري زندگي ۾ يادگار رهيا آهن.
1. 1969ع وارو رمضان ون يوٿ خلاف جيل ڀريو تحريڪ سينٽر جيل حيدرآباد ۾.
2. 1970ع وارو رمضان چونڊن واري حالت ۾ هو.
3. 1971ع ۾ ملڪ ۾ گهريلو لڙائي بليڪ آئوٽ ۾ گذريو هو. اتفاق سان هي 4 رمضان به زندگي (بقايا) ۾ لاڪ ڊائون سبب يادگار رهندو.

Good Wishes