جيئند علي مهر ترتيب: مٺل جسڪاڻي

WhatsApp Image 2020 05 23 at 12.10.21 AMجيئند علي مهر: مختصر تعارف ۽ ويچار

ترتيب: مٺل جسڪاڻي

جيئند علي مهر محنت ڪري پنهنجي سڃاڻپ حاصل ڪرڻ جي جستجو ۾ جمبيل نوجوان آهي. سندس لکي موڪليل مختصر تعارف ۽ ويچار جيئن جو تيئن اوهان جي نظر ڪجن ٿا. اوهان هن نوجوان شاعر، ڪهاڻيڪار، مضمون نويس، مبصر، دڪاندار، سماجي ورڪر، استاد جو موڪليل مواد پڙهي، اوهان جو رايو اسان جي نظر ڪريو، مهرباني.

1. اوھان جو نالو؟
جيئند علي مھر.

2. ولديت ذات سميت؟
عبدالغفور مھر.

3. رھائشي پتو (ڄمڻ جي تاريخ ۽ هنڌ سميت)؟
منهنجو جنم 26 ڊسمبر 1982ع، هنڌ ڳوٺ جيئو مھر، ميرواھ، لڳ وزيرآباد، لکي غلام شاھ، شڪارپور، سنڌ.

4. تعليم؟
ايم. اي.، ايم. ايڊ.

5. ڪرت (پيشو)؟
دڪاندار، سماجي ورڪر، استاد.

6. ترجيحاتي مصروفيتون، وندر؟
ادبي ڪتابن جو مطالعو ڪرڻ، پنهنجي ڌنڌي، نوڪريءَ، گهرَ، ٻار ٻچڙن سان وقت گذارڻ سٺو لڳندو آھي، سير تفريح سان به دل ۽ دماغ کي تر تازه ڪرڻ به منهنجي سرگرمين ۾ شامل هوندو آھي.

7. ليکڪ آھيو ته شاعر، ڪھاڻيڪار، ناول نويس، مضمون نگار يا ڇا ڇا لکندا آھيو؟ اوهان جو ڪو ڪتاب؟
مان شاعر آھيان، ۽ پنهنجي سنڌ جي ڪلاسيڪل صنف ” وائي“ گهڻي لکي اٿم، وائي منهنجي پسند جي صنف آھي، جنهن ۾ منهنجي دردن جي اظھار جا آئينا، پيڙا جي پاتار مان ٽٻيون هڻي روح تائين راھُون ٺاهيندي نظر ايندا ھن.... ان سان گڏ و گڏ مضمونگار، ۽ ڪھاڻيڪار به آھيان، منهنجو شاعريءَ ۾ هڪ ڪتاب ”اوسيئڙي ۾ شام“ سمبارا پبليڪيشن طرفان سال 2019ع ۾ ڇپجي مارڪيٽ ۾ آيل آھي. هڪ ٻيو ڪتاب جيڪو نثري نظمن تي مشتمل آھي ”انتظار جون پنجٽيھ بھارون“ ترت اچڻ وارو آھي، مضمون، ڪتابن تي تبصرا، ڪهاڻيون به سهيڙي رکيون آھن، جهڙي به وقت حالات اجازت ڏني ته پنهنجو پورهيو ضرور ڇپرائبو.

8. مطالعي ۾ ڇا پڙھڻ کي اوليت ڏيو ٿا؟
ھر اھو ڪتاب جنهن مان ڪجھ نه ڪجھ پرائجي، پر اڄڪلھ ڪهاڻين جا ڪتاب پڙھڻ جي موڊَ ۾ آھيون، ڇو ته ڪهاڻي ۾ منهنجي ساھَ جي سڳڙن ۾ پرينءَ جي ياد جيان اٽڪيل آھي، ۽ ھاڻ منهنجو ڪهاڻين لکڻ طرف گهڻو ڌيان آھي.

9. سير سفر، اوھان جي نظر ۾؟
گهمڻ ڦرڻ، سير تفريح ڪرڻ، جسم ۾ خوشيءَ جون لهرون اڀرنديون آھن، نيون نيون شيون، ماڳ مڪان ڏسڻ لاءِ ملندا آھن، ۽ گهڻو ڪري مون کي تاريخي شيون گهمڻ ۾ سرهائي محسوس ٿيندي آھي.

10. ڪچھريون، اوھان جي نظر ۾؟
ڪچهريون دوستين جي دل جو دارون آھن، يار دوست، مٽ مائٽَ جي اوکيءَ سوکيءَ جي خبر پوي ٿي، ڪچهريون قرب جون ڪڙيون آھن، هونءَ به ڪچهري، اوطاقون اسان جي سنڌ جي ثقافت ۾ هڪ الڳ سڃاڻپ رکن ٿيون.

11. ادبي تقريبون، اوھان جي نظر ۾؟
هن گهٽَ ٻوسٽ واري ماحول ۾ ھُل هنگامي شور جي سيني تي شعور جي لاٽ آھن ادبي ڪچهريون، ادبي سرگرمين سان بهتريءَ جي اميد ڪر ڀڃي جاڳي پئي.

12. سماجي ڪم ۽ تقريبون، اوھان جي نظر ۾؟
سماجي ڪم ۽ سماجي تقريبون اسان جي گدلي ۽ سينور چڙھيل معاشري جو سڌار آھن، جيستائين اسان جو ذھنن جي اوسرِ ننڍ وڏائيءَ يا سطحيت واري ماحول مان ٻاهر نه نڪرندي تيستائين سماجي ڪم ۽ سماجي تقريبون انهن لاءِ ٻڙي آھن. سماجي ڪم انسانيت جي لاءِ بهتريءَ جو بنياد پڻ آھن.

13. اوھان جا عزيزن سان لڳ لاڳاپا ۽ رويا؟
اسان هلندا هون يار پنهنجي نيت تي ...منهنجي ته اها ئي ڪوشش ھوندي آهي مٽن مائٽن عزيزن سان لاڳاپا ماکيءَ، مصريءَ کنڊُ جهڙا هجن.... پر... هڪڙي شڪايت رشتن کان ضرور آھي ته ٻيلي ڏاھا ٿيو ڪنهن مجبورَ تي مائٽ تي ڏکئي وقت ۾ ٽونڪ ٺٺول نه ڪيو.... ان جا ڀر جهلا ٿي مصيبتن مجبورين مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ جو سوچيندا ڪيو. اوهان ويجها رشتيدار ئي ڪاٺي ڪاٺيءَ تي رکي ڀڃندو ته ڌارين تي ڪهڙي ميار... ..... ۽ وري هڪ جي سزا ٻئي کي اهو به ڪٿان جو انصاف آھي... جيڪي ڏي وٺ جو رشتو ڪن ٿا ته انهن کي محبتن جي مالڪي ڪرڻ گهرجي.... نڪي ماچس جي تيلي دُکايون چپ ڪندنِ جون زندگيون ساڙجن. اڄڪلھ مٽن مائٽن سان سهڻا لاڳاپا قائم دائم رکڻ دنيا جي اٺين عجوبي کان گهٽ ناهي... وڌيڪ اوهان سڀ پنهنجي پنهنجي دل تي هٿ رکي هڪ ڀيرو سڀني مائٽن جا لاڳاپا اڳيان آڻي پوءِ ئي ڪجھ سوچيو يار.... ڪس لوھَ کي به کائي ويندي آھي.... بسس....

14. اوھان جا سنگت ساٿ سان لڳ لاڳاپا ۽ رويا؟
منهنجا دوست.... منهنجي سنگت شال سدائين سکيا رهن... دوست ميراث ھن... حضرت علي ڪرم الله وجه سائين جن کان هڪ روايت آھي ته.... پاڻي ڪيترو به ميرو کڻي ڇو نه هجي پر اهو باھ وسائڻ جي ڪم ضرور ايندو آھي. دوست به ساڳي سونهن مثلِ آھن Love u friends ...

15. اوھان جي پسند جو رنگ ۽ خوشبو؟
منهنجي پسند جو رنگ اڇو ۽ گلابي آھي، پر پسند جي خوشبو ڪجھ الڳ الڳ آهي.. منهنجي محبوب جي ساھن جي خوشبو منهنجي پسند جي خوشبو آهي.. ڪيئن سائين مٺل جسڪاڻي صاحب؟

16. اوھان جي پسند جي سواري؟
يار موٽر سائيڪل جهڙي وري ڪا سستي ۽ سولي سواري ئي ناهي... ٿوري خرچ ۾ بادشاهن جهڙو سُک... اڄوڪي دور ۾ سوال ويچارو آھي، اسان غريبن لاءِ ته هيءَ موٽر سائڪل ڪنهن پجيرو کان گهٽ ناهي.

17. اوھان جي اھڙي خواھش، جيڪا ٻڌائڻ پسند ڪريو؟
منهنجي ڪهاڻين جو ڪتاب شال سنڌي ادب جي سونهن بڻجي... دل سان ڪوشش جاري آھي پيارا..

18. مٽن مائٽن متعلق ڇا ٿا چاھيو؟
ھي شايد ٻه دفعا سوال ڪيو اٿو... ان سوال بابت مٿي تفصيلي جواب ڏئي دل جو بار هلڪو ڪيو آھي ...

19. سنگت ساٿ لاءِ ڇا ٿا چاھيو؟
مولا ڪري سدائين خوش ھجن... سنگت ساٿ لاءِ سدائين نيڪ تمنائون ساھ ۾ سانڍيون آھن.

20. عام ماڻھو ڪيئن ۽ ڪھڙا ھجڻ گهرجن؟
دل جا سچا... نيت جا صاف... ورائي کي به پنهنجو سمجهن... ڪوڙَ سان دشمني پيار سان ياري هجي عام ماڻھوءَ جي... پر انسانيت جو احساسُ به گڏ گڏ ضروري آھي، جنهن ۾ ضمير جي سُجاڳي به شامل هجي.

21. اوھان ڪو پيغام ڏيڻ چاھيو، ته ضرور لکو؟
پيارا سائين مٺل جسڪاڻي اهو ته اوهان جو قرب آھي جو ان لائق سمجهو ٿا.... اوهان جي آخري سوال جي جواب ۾ عرضُ آھي ته پنهنجو اهڙو ڪردار ٺاهيو جو دوستن سان گڏ دشمن به اوهان جي ڪردار جي واکاڻ ڪرڻ تي مجبور ٿين.

Good Wishes