عبدالله جروار ترتيب: مٺل جسڪاڻي

WhatsApp Image 2020 05 23 at 12.07.32 AMعبدالله جروار: مختصر تعارف ۽ ويچار

ترتيب: مٺل جسڪاڻي

عبدالله جروار، مون سميت گهڻن لاءِ ”سائين عبدالله جروار“ آهي. پاڻ وڏن شهرن مان ماسٽرس ڪري به نج ڳوٺاڻو، لوڪ ڏاهپ جو اهڃاڻو، سڌو سادو، محبتون ڏئي وٺي ڄاڻندڙ، موتي داڻو آهي. اوهان تائين سندس تعارف ۽ ويچار پهچائيندي، مون کي خوشي به ٿئي پئي، آئون فخر به محسوس ڪريان پيو. سائين عبدالله جروار متعلق ڪجهه اوهان به ڄاڻو...

1. اوهان جو نالو؟
عبدالله جروار.

2. ولديت ذات سميت؟
محمد عمر جروار.

3. رھائشي پتو (ڄمڻ جي تاريخ ۽ هنڌ سميت)؟
02 آگسٽ 1959ع، ڳوٺ صاحب خان جروار، تعلقه ۽ ضلع ٽنڊوالهيار.

4. تعليم؟
ايم. اي - ايم ايڊ.

5. ڪرت (پيشو)؟
رٽائرڊ هيڊ ماستر.

6. ترجيحاتي مصروفيتون، وندر؟
فيس بوڪ تي چئٽ، سٺي موسيقي ٻڌڻ، يادگيريون لکڻ، ڪڏهن ڪڏهن ڪتابن جو مطالعو.

7. ليکڪ آھيو ته شاعر، ڪھاڻيڪار، ناول نويس، مضمون نگار يا ڇا ڇا لکندا آھيو؟ اوهان جو ڪو ڪتاب؟
مختصر مضمون، سياسي ۽ سماجي حوالي سان يادگيريون سهيڙڻ. يادگيرين تي ڪتاب ڇپرائڻ جو ارادو آهي.

8. مطالعي ۾ ڇا پڙھڻ کي اوليت ڏيو ٿا؟
تاريخي ڪتاب ۽ آتم ڪهاڻيون، ديني ڪتاب.

9. سير سفر، اوھان جي نظر ۾؟
سير سفر چڱو آهي. جيڪو اجهي سو ٻجھي، جسماني توڙي مالي سگھ به هجي.

10. ڪچھريون، اوھان جي نظر ۾؟
ڪچهريون سٺيون آهن. علمي ادبي، سٺن، ساڃاه وندن جون ڪچهريون. هروڀرو واريون ڪچهريون، سٺين ڳالهين کان شروع ٿي گلا غيبت تي ختم ٿين ٿيون.

11. ادبي تقريبون، اوھان جي نظر ۾؟
ادبي ڪچهريون فائدي واريون آهن، سٺا موضوع هجن، جن تي ڪچهريون ڪجن.

12. سماجي ڪم ۽ تقريبون، اوھان جي نظر ۾؟
سماجي ڪم ۾ نيت تي دارومدار آهي. نيت ۾ خلوص، پاڻ کي لائق، اعتماد جي قابل بنائجي، سچائي سان ڪم ڪري، انفرادي طور، اجتماعي بهتري آڻي سگهجي ٿي.

13. اوھان جا عزيزن سان لڳ لاڳاپا ۽ رويا؟
بهتر رکڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو. ڪٿي ڪٿي اوڻيهه ويھ ٿي به وڃي ٿي.

14. اوھان جا سنگت ساٿ سان لڳ لاڳاپا ۽ رويا؟
بهتر رکڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو. سنگتي اهي سٺا، جيڪي احساسات، جذبات سمجهن، ٻڌن ۽ بهتر رهنمائي به ڪن.

15. اوھان جي پسند جو رنگ ۽ خوشبو؟
رنگ بليو، خوشبو موتيو.

16. اوھان جي پسند جي سواري؟
موٽر سائيڪل.

17. اوھان جي اھڙي خواھش، جيڪا ٻڌائڻ پسند ڪريو؟
خواهشون کوڙ، پر زندگي مختصر!

18. مٽن مائٽن متعلق ڇا ٿا چاھيو؟
مٽ مائٽ زندگي ۾ ڀرجهلا هوندا آهن، پر ڪڏهن ڪڏهن انهن جي ويجهڙائپ جي ضرورت هوندي آهي، ته پري بيهي رهندا آهن.

19. سنگت ساٿ لاءِ ڇا ٿا چاھيو؟
جتي هجن، خوش آباد هجن. هڪٻئي جي خبر چار، حال احوال وٺندا رهن. ايڏي دير نه ڪن، جو استاد بخاري جي شعر ”ڪا خبر ئي نه پوي، ته ڪو مئو يا بچيو“.

20. عام ماڻھو ڪيئن ۽ ڪھڙا ھجڻ گهرجن؟
هي جيڪي قدرتي وبائون هلن پيون، هاڻ وقت آيو آهي، ته عام ماڻهو به سچائي سان محنت ڪري. هڪٻئي جو ڀرجهلو ٿجي. هر طرح جون بي ايمانيون، ٺڳيون ۽ هڪ ٻئي جا ترا ڪڍڻ جهڙن عملن کان پري رهي، پنهنجن ٻارن کي سٺي تعليم ڏيارڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي.

21. اوھان ڪو پيغام ڏيڻ چاھيو، ته ضرور لکو؟
هاڻوڪي وقت جي تقاضا آهي، ته اسان سماجي توڙي سياسي لحاظ کان، بهتر تبديلي ڏانهن شروعات ڪريون، ته جيئن اسان جو ايندڙ نسل، بک ۽ بدحالي کان بچي سگهي. صحت، تعليم ۽ روزگار جي حوالي سان، غير يقيني صورتحال کان نڪري سگهي.

Good Wishes