منتظر چانگ ترتيب: مٺل جسڪاڻي

WhatsApp Image 2020 05 23 at 12.03.24 AMمنتظر چانگ: مختصر تعارف ۽ ويچار

ترتيب: مٺل جسڪاڻي

منتظر چانگ عملي طور ڪيترو منتظر آهي، سا سندس ويجهن کي خبر هوندي. هي مختصر ۽ منفرد انٽرويو اوهان تائين پهچندي، کيس ڪيترو انتظار ڪرڻو پيو، سا کيس ئي خبر آهي. اسان ٻه چار دفعا مليا آهيون. تمام گهڻو محبتي آهي. فيس بوڪ انٽرويو لاءِ پڇيل سوالن مان جيترن سوالن جا جواب پهتا، جيئن پهتا، اوهان جي نظر، اوهان پنهنجي راءِ ضرور ڏيندا، ڇو ته ان لاءِ اسان ٻئي منتظر رهنداسين.

1. اوھان جو نالو؟
غلام قادر ”منتظر چانگ“

2. ولديت ذات سميت؟
حاجي محمد عالم چانگ.

3. رھائشي پتو (ڄمڻ جي تاريخ ۽ ھنڌ سميت):
اٺين مارچ 1941ع، ڳوٺ مولوي تاج محمد چانگ، نزد تلهار، ضلع بدين.

4. تعليم؟
گريجوئيٽ

5. ڪرت (پيشو)؟
پهريان يو .سي سيڪريٽري، پوءِ شگرمل ٺٽي ۾ سپروائيزر.

6. ترجيحاتي مصروفيتون، وندر؟
لکڻ جي شروعات ڪاليج جي دور کان، شاعر جي حيثيت سان ڪيم.

7. ليکڪ آھيو ته شاعر، ڪھاڻيڪار، ناول نويس، مضمون نگار يا ڇا ڇا لکندا آھيو؟ اوهان جو ڪو ڪتاب؟
شعري مجموعو ”لايون نڀايون ٿا“ سال 2017ع ۾ڇپيو.

8. مطالعي ۾ ڇا پڙھڻ کي اوليت ڏيو ٿا؟
هر علمي ادبي ڪتاب پڙهندو آهيان، تاريخ وڻندي آهي.

9. سير سفر، اوھان جي نظر ۾؟
سير سفر وڻندو آهي، خاص ڪري سعودي عرب جو سفر.

10. ڪچھريون، اوھان جي نظر ۾؟
ڪچھريون اڄڪلهه گهٽجي ويون آهن، پر انهن جو الڳ مزو آهي. شاعرن، اديبن ۽ زندگيءَ جي سڀني شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن سان ملي مزو ايندو آهي.

11. ادبي تقريبون، اوھان جي نظر ۾؟
ادبي تقريبن ۾ شرڪت گهٽ رهي آهي، پر اديبن شاعرن سان گڏجڻ ڪري لکڻ لاءِ اتساهه وڌي ٿو. نوان نوان تعلق جڙن ٿا.

12. سماجي ڪم ۽ تقريبون، اوھان جي نظر ۾؟
خلق جي خدمت ڪرڻ ۾ ويساهه رکان ٿو. خدمت ڪرڻ سان خوشي ملندي آهي.

13. اوھان جا عزيزن سان لڳ لاڳاپا ۽ رويا؟
مٽن مائٽن سان رويا بهترين آهن... ڪس کائي به نڀائڻ جي ڪوشس ڪندو آهيان. ڇنڻ سکيو ئي ناهيان.

14. اوھان جا سنگت ساٿ سان لڳ لاڳاپا ۽ رويا؟
دوست اگر سچا ٿين ته انهن لاءِ جان به حاضر آهي.

15. اوھان جي پسند جو رنگ ۽ خوشبو؟
پسند جو رنگ....اڇو ۽ بوسڪي. پسند جو لباس، سنڌي لباس، پڳ، ٽوپي ۽ اجرڪ. پسند جو گل سڻيءَ جو گل

16. اوھان جي پسند جي سواري؟
چانديءَ جي سنجن سان سجايل گهوڙي سواري

17. اوھان جي اھڙي خواھش، جيڪا ٻڌائڻ پسند ڪريو؟
18. مٽن مائٽن متعلق ڇا ٿا چاھيو؟
19. سنگت ساٿ لاءِ ڇا ٿا چاھيو؟
20. عام ماڻھو ڪيئن ۽ ڪھڙا ھجڻ گهرجن؟
سوال نمبر 17 کان 20 تائين جو جواب نه مليو!

21. اوھان ڪو پيغام ڏيڻ چاھيو، تہ ضرور لکو؟
پيغام، هڪٻئي سان محبت سان پيش اچڻ گهرجي.سوچن کي مثبت رکڻ گهرجي.

Good Wishes