ذوالفقار علي ”هالار“ سومرو ترتيب: مٺل جسڪاڻي

WhatsApp Image 2020 05 23 at 12.02.28 AMذوالفقار علي ”هالار“ سومرو: مختصر تعارف ۽ ويچار

حيدرآباد ۽ ڪوٽڙي ۾ ٿيندڙ ادبي تقريبن ۾ ڪڏهن ڪڏهن منهنجو وڃڻ ٿئي ٿو. اتي اڪثر هڪ مُرڪڻو، سانورو، قد بت ۾ پورو پنو شخص، اڪثر موبائيل ڪئميرا سان گڏ نظر ايندو آهي. جيئن ئي مون تي نظر پوندي اٿس، ته مون سان به حب مان ملندو آهي، تصوير محفوظ ڪندو آهي. فيس بوڪ تي هن سلسلي جو اعلان پڙهي، پهرين پڇيائين، ته سندس انٽرويو هلائيندس يا نه، جڏهن ها ڪيم ته لکي موڪليائين. اوهان به پڙهو، متان ڪٿي ملاقات هجي... پنهنجي راءِ ضرور ڏيندا.

ترتيب: مٺل جسڪاڻي

1. اوھان جو نالو؟
ذوالفقار علي، ادبي نالو”هالار“.

2. ولديت ذات سميت؟
غلام رسول سومرو.

3. هاڻوڪو رھائشي پتو ٻٻر اسٽاپ، سائيٽ ايريا، ڪوٽڙي، تعلقو ڪوٽڙي، ضلع ڄام شورو. اصل رهائش ڳوٺ ڏنڱر، لڳ سيتا روڊ، تعلقو خيرپورناٿن شاھ، ضلع دادو .

4. تعليم؟
انٽر.

5. ڪرت (پيشو)؟
پرائمري استاد.

6. ترجيحاتي مصروفيتون، وندر؟
ڪتاب پڙهڻ، دوستن سان ڪچھري ۽ رابطو رکڻ، انٽرنيٽ استعمال ڪرڻ.

7. ليکڪ آھيو ته شاعر، ڪھاڻيڪار، ناول نويس، مضمون نگار يا ڇا ڇا لکندا آھيو؟
نثر تي ترجيح، ڪجھ خيال پني تي اتارڻ.

8. مطالعي ۾ ڇا پڙھڻ کي اوليت ڏيو ٿا؟
ڪهاڻي پسنديده آھي.

9. سير سفر، اوھان جي نظر ۾؟
زندگي هڪ سفرآ، سفر ۾ لطف اندوز ٿيندو آھيان.

10. ڪچھريون، اوھان جي نظر ۾؟
هڪ ٻئي کي سمجهڻ جي ڪوشش... انهي مان پرائڻ ۽ سکڻ، دوستن کي عزت ڏيڻ.

11. ادبي تقريبون، اوھان جي نظر ۾؟
ميل ملاقات جو ذريعو، بهترين عمل، اهو پاڻ تي آ ته ڪير ڪيترو ٿو پرائي.

12. سماجي ڪم ۽ تقريبون، اوھان جي نظر ۾؟
زندگيءَ جو بهترين عمل آھي.

13. اوھان جا عزيزن سان لڳ لاڳاپا ۽ رويا؟
بهترين آھن، پر اڄ ڪلھ گهٽبا پيا وڃن، ”پاڻ وڃي پرچاءِ، متان رٺوئي رهجي وڃين“.

14. اوھان جا سنگت ساٿ سان لڳ لاڳاپا ۽ رويا؟
ٽائيم هوندو آ ته هلي وڃي ملندو آھيان. اهو ڪونه ڪندو آھيان ته هو ڪونه ٿو اچي مان ڇو وڃان؟

15. اوھان جي پسند جو رنگ ۽ خوشبو؟
رنگ سڀ وڻندا آھن، گلابي ۽ خوشبو گلاب جي.

16. اوھان جي پسند جي سواري؟
ڪابه سواري هجي، موسيقي هجي.

17. اوھان جي اھڙي خواھش، جيڪا ٻڌائڻ پسند ڪريو؟
خواهشون ته گهڻيون آھن پر مون مان ڪو ناخوش نه هجي.

18. مٽن مائٽن متعلق ڇا ٿا چاھيو؟
بهتري جي تمنا.

19. سنگت ساٿ لاءِ ڇا ٿا چاھيو؟
سنگت کي ساه ۾ سمائجي.

20. عام ماڻھو ڪيئن ۽ ڪھڙا ھجڻ گهرجن؟
سچائي ۽ سادگيءَ جي ضرورت آ.

21. اوھان ڪو پيغام ڏيڻ چاھيو، ته ضرور لکو؟
محبتون ورهائجن، محنت ڪجي، ڪنهن کي نه ڏکائجي، تعليم پرائجي، خاص طور تي نياڻين جي تعليم ۽ تربيت جي سخت ضرورت آ.

Good Wishes