خيال کتري ترتيب: مٺل جسڪاڻي

WhatsApp Image 2020 05 23 at 12.00.33 AMخيال کتري: مختصر تعارف ۽ ويچار

ترتيب: مٺل جسڪاڻي

خيال کتري، فيس بوڪ کان روبرو ملاقات تائين، ملنسار شخصيت، لکڻ پڙهڻ جو ججهو، صرف شوق رکندڙ ئي نه، خاص مقصد سان لکندڙ شاعر ۽ نثر نويس آهي. سندس مختلف لکڻيون پڙهي، به سندس سوچن کان واقف ٿي سگهجي ٿو، پر هتي به سندس ئي لکيل مختصر تعارف ۽ ويچار آهي، جيڪو پڻ، پڙهڻ واري سان خيال کي سڃاڻڻ ۽ سمجهڻ ۾ سنهنجائي ڪندو. اميد ته فيس بوڪ انٽرويو جي هي ڪڙي پڙهي به پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندا، ته محنت سجائي سمجهبي.

1. اوھان جو نالو؟
بشير احمد، ادبي نالو خيال کتري.

2. ولديت ذات سميت؟
محمد حافظ کتري.

3. رھائشي پتو (ڄمڻ جي تاريخ هنڌ سميت)؟
ڄمڻ جي تاريخ: 6 جون 1970ع، ڄمڻ جو ھنڌ: ٽنڊو محمد خان، رهائش مٽياري.

4. تعليم؟
بي. ايس. سي.، بي. ايڊ.

5. ڪرت (پيشو)؟
پرائمري استاد.

6. ترجيحاتي مصروفيتون، وندر؟
ڊيوٽي، لکڻ پڙھڻ.

7. ليکڪ آھيو ته شاعر، ڪھاڻيڪار، ناول نويس، مضمون نگار يا ڇا ڇا لکندا آھيو؟ ڇپيل ڪتاب؟
مضمون نگار، سوانح نگار ۽ شاعر، ڪتاب ”ذڪر پاڪ شاھ لولاڪﷺ“ 2011ع ۾ سوانح، ”مولا علي ڪرم اللہ وجھه“ سوال جواب تي مشتمل، 2014ع ۾، ”حضرت عثمان غني رضي اللہ عنه“ سوال جواب، 2016ع ۾، ”سيدنا صديق اڪبر“ سوال جواب، 2017ع ۾، ”سخنور سنڌ ڌرتيءَ جا“ 2017ع ۾ منهنجي حوالي سان به مواد آهي، ”ساراھ سچي سرورﷺ جي“ منهنجو نعتيه ڪلام 2018ع ۾، ”پرھ ڦٽيءَ جا پنڌ“ 2019ع ۾ شاعري وائي صنف تي گڏيل ڪتاب ۾ شامل آهيان، 2017ع کان اسلامي ادب تي مشتمل ٽماھي رسالي ”احد احمد پاڻ ۾“ جا 6 شمارا ڇپرائي چڪو آهيان، مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ آرٽيڪل/ مضمون 1988 کان 2012ع تائين وقت به وقت ڇپيا آھن.

8. مطالعي ۾ ڇا پڙھڻ کي اوليت ڏيو ٿا؟
نثر

9. سير سفر، اوھان جي نظر ۾؟
صحتمند دماغ، چاق و چوبند صحت ۽ وافر ڄاڻ لاءِ بيحد ضروري.

10. ڪچھريون، اوھان جي نظر ۾؟
بيحد لاڀائتيون، جن ۾ زندگيءَ جا ڪئين نوان باب ملن ٿا.

11. ادبي تقريبون، اوھان جي نظر ۾؟
پنھنجي ثقافت سان ڳانڍاپي جو اھم ڪارڻ.

12. سماجي ڪم ۽ تقريبون، اوھان جي نظر ۾؟
خلق خدمت عين عبادت آھي.

13. اوھان جا عزيزن سان لڳ لاڳاپا ۽ رويا؟
مثبت

14. اوھان جا سنگت ساٿ سان لڳ لاڳاپا ۽ رويا؟
سٺا.

15. اوھان جي پسند جو رنگ ۽ خوشبو؟
اڇو رنگ، خوشبو جيڪا ميسر ٿي، خاص ڪري ھلڪي.

16. اوھان جي پسند جي سواري؟
جيڪا وقت تي ملي.

17. اوھان جي اھڙي خواھش، جيڪا ٻڌائڻ پسند ڪريوۡ؟
لکيل مواد جي ڇپائي.

18. مٽن مائٽن متعلق ڇا ٿا چاھيو؟
سدا محبت ۽ اڪير سان پاڻ ۾ کير کنڊ ھجن.

19. سنگت ساٿ لاءِ ڇا ٿا چاھيو؟
ھميشه مرڪندڙ ھجن. دنيا جي ھر مسئلي کان آجا ھجن.

20. عام ماڻھو ڪيئن ۽ ڪھڙا ھجڻ گهرجن؟
تعليم يافته، سچا ۽ سادگي پسند.

21. اوھان ڪو پيغام ڏيڻ چاھيو، ته ضرور لکو؟
ھر فرد کي گهرجي ته پنھنجي ٻچن کي ديني ۽ دنياوي تعليم سان مالا مال ڪن.

Good Wishes