شير محمد پنهور ترتيب: مٺل جسڪاڻي

WhatsApp Image 2020 05 22 at 11.59.30 PMشير محمد پنهور: مختصر تعارف ۽ ويچار

ترتيب: مٺل جسڪاڻي

شير محمد پنهور سان روبرو ڪچهري جو پهريون موقعو مليو، ته ڳالهين ئي ڳالهين ۾، توڙي هن انٽرويو ۾ ڪيل سندس ڳالهين مان پڻ، مون کي شڪ رهندو پيو اچي، ته اسان اڳ ۾ به ڪٿي نه ڪٿي، هڪ ٻئي کي، ڏٺو ضرور آهي، پر اهو ياد نه مون کي، نه ئي شير محمد پنهور کي آهي! ساڻس ٿيل اها پهرين اتفاقي ڪچهري، سندس ئي ڳوٺ جي ويجهو، ڪهاڻيڪار دوست ميان گل محمد ڪلهوڙي وٽ ٿي هئي. جتي هو سج لهڻ باوجود منهنجو ٻڌي، ڪچهري ۾ اچي پهتو، ته مون کي پڪ ٿي قربائتو آهي. ان کان اڳ مون کي اها خبر هئي، ته طبيعتن ٻئي جي ڪم ايندڙ به آهي.

اوهان شير محمد پنهور جو انٽرويو پڙهو ۽ ٻڌايو، ته اوهان کي هي انٽرويو ڪيئن لڳو؟

1. اوھان جو نالو؟
شير محمد پنهور

2. ولديت ذات سميت؟
محمد حسن پنهور

3. رھائشي پتو (چمڻ جي تاريخ ۽ هنڌ سميت)؟
پيدائش 5 آڪٽوبر 1970ع، ڳوٺ خان محمد پنهور، تعلقو حسين بخش مري، ضلعو ميرپورخاص.

4. تعليم؟
ايم اي سنڌي ۽ ايم اي پوليٽيڪل سائنس، بي ايڊ ۽ ايم ايڊ

5. ڪرت (پيشو)؟
پرائمري استاد (1990ع کان جاري آهي)

6. ترجيحاتي مصروفيتون، وندر؟
نوجواني ۾ ڪرڪيٽ کيڏڻ جو شوق رهيو۔ تقريبن 20 سالن تائين ڪرڪيٽ کيڏي۔ زرعي شعبي ۾ دلچسپي۔ زمين مقاطي تي کڻي، پوکائي شروع ڪئي۔ زمين تي سڀ ڪم ڪار پاڻ ڪندو هوس۔ هر سال خدا جي فضل سان پيداوار به سٺي ايندي هئي۔ وونئڻ ناياب 78 جي پوکائي ڪندو هوس۔ جنهن تي جيتن جو وڏو حملو ٿيندو هو ۽ زهرپاشي جو خرچ به جام ٿيندو هو۔

7. ليکڪ آھيو ته شاعر، ڪھاڻيڪار، ناول نويس، مضمون نگار يا ڇا ڇا لکندا آھيو؟
اتفاق سان شاعري طرف اچڻ، منهنجي ننڍڙي ڌيءَ جو 2 جنوري 2019ع تي اوچتو وڇوڙو ٿيو، ته هڪ ڏينهن مون ننڍڙي کي ياد ڪندي، ڪجهه سٽون لکيو هيون۔ جيڪي فيس بڪ تي رکڻ سان، ان جي موٽ ۾ دوستن راءِ ڏني، ته توهان شاعري جي طرف اچو۔ پوءِ مون ان پوسٽ کي گيت جي صورت ۾ فيس بڪ دوست ۽ فنڪار عامر سنڌي کي ڏني۔ جيڪو منهنجو پهريون گيت هو۔ جنهن کي دوستن سٺي موٽ ڏني۔ ان کان پوءِ 3 گيت ٻيا لکيا آهن، پر مون کي آبادگارن جي مسئلن ۽ انهن جي مدد ڪرڻ ۾ وڌيڪ دلچسپي آهي۔ ان لاء 2002ع ۾ آئي پي ايم پروگرام ۾ پهرئين ايف ايف ايس ۾ تربيت حاصل ڪئي۔ پوء ٽي او ايف ڪڻڪ ۾ تربيت حاصل ڪري ڪجهه سال پنهنجي علائقي ۾ هر آچر تي رضاڪار طور هاري تربيتي اسڪول هلايو. آبادگارن کي آئي پي ايم پروگرام تحت تربيت ڏني۔ زراعت تي ڪجهه تحريرون سنڌي ۾ لکي، اخبارن ۾ موڪليون، پر جواب ۾ اخبارن ۾ ڪونه آيون۔ ڪجهه تحريرون اردو ۾ ڪري، اردو زرعي مئگزين ۾ موڪليون، ته اهي سڀ شايع ٿيون۔ پوء ڪجهه ڪمپني جي دوستن سان ملي، زرعي پمفليٽ سنڌي ۾ لکي ڏنا ۽ PPT مختلف فصلن جو سنڌي ۾ ٺاهي ڏنيون۔ منهنجي هر دم ڪوشش هوندي آهي، ته زرعي معلومات کي سنڌي ۾ لکي شيئر ڪريان، ته آبادگارن کي هر ڳالهه صحيح سمجهه ۾ اچي۔ آئون ڪيترن سالن کان پروفيسر مٺل جسڪاڻي جا سنڌي ۾ لکيل زرعي مشورا ۽ ان جو تحريرون پڙهندو رهندو آهيان۔ زرعي ڄاڻ سائين سنڌي ۾ تمام سٺي ۽ نرالي انداز ۾ لکندو آهي۔

8. مطالعي ۾ ڇا پڙھڻ کي اوليت ڏيو ٿا؟
زراعت جي باري ۾ گهڻو پڙهندو ۽ ان کي واٽسپ ۽ فيس بڪ تي شيئر ڪرڻ معمول آهي۔

9. سير سفر، اوھان جي نظر ۾؟
سير سفر سان سٺي ڄاڻ ۽ هر ماحول جي خبر پئي ٿي۔ زراعت لاء سير سفر لازمي آهي۔ مون کي آئي پي ايم پروگرام تحت سکر، ڪراچي، بهاول پور، ملتان، اسلم آباد ۽ راولاڪوٽ، ڪشمير ۾ هاري ڪانفرنس، سيمينار ۽ ميلن ۾ شرڪت جو موقعو مليو، ته سير سفر ٿي پيو۔

10. ڪچھريون، اوھان جي نظر ۾؟
سنڌ آهي مهمانوازي ۾ مشهور۔ مهمانن سان ڪچهريون يا دوستن سان اوطاقن ۾ ڪچهريون، سنڌ جي شان آهن۔

11. ادبي تقريبون، اوھان جي نظر ۾؟
ادبي پروگرامن ۾ شرڪت گهٽ رهي آهي، ڇو جو اڌ ڏينهن نوڪري آهي۔

12. سماجي ڪم ۽ تقريبون، اوھان جي نظر ۾؟
سماجي ڪم ڪارن ۾ دلچسپي رهي آهي۔

13. اوھان جا عزيزن سان لڳ لاڳاپا ۽ رويا؟
سڀني مٽن مائيٽن سان سڌا، سٺا تعلقات رهيا آهن ۽ رهندا۔ ڏک سک ۾ هرهڪ سان گڏ آهيون۔ مرڻي پرڻي سڀني وٽ حاضري لازمي ڀريان ٿو۔

14. اوھان جا سنگت ساٿ سان لڳ لاڳاپا ۽ رويا؟
دوستي محدود آهي، پر جن سان آهي، انهن سان دوستي ختم ڪونه ڪئي آهي۔ مثال طور مئٽرڪ جا 73 ڪلاس فيلو هئا۔ اڄ به سڀني سان دوستي آهي۔

15. اوھان جي پسند جو رنگ ۽ خوشبو؟
رنگ سائو پسند آهي، خوشبو گلاب جي پسند آهي۔

16. اوھان جي پسند جي سواري؟
جيڪا به ملي، پسند آهي، پر چنگچي ۾ سفر ڪندي ڊپ ٿئي ٿو۔

17. اوھان جي اھڙي خواھش، جيڪا ٻڌائڻ پسند ڪريو؟
جيڪا به خواھش هئي، اها وقت تي پوري ٿي آهي۔ خدا جو شڪر، ڪنهن جو انتظار ڪونه ڪيو۔ مثال طور پنهنجي شادي ته 16 سالن ۾ وقت تي ٿي ويئي۔ ٻارن جي تعليم به صحيح رهي۔ ٻه ڇوڪرا آهن، هڪ زرعي گريجوئيٽ آهي، ته ٻيو گريجوئيشن ڪري پيو۔ ٻارن جون شاديون به وقت تي ڪري ڇڏيون. هاڻي ڪو فرض رهيل ڪونهي۔ آخري هڪ خواھش فيملي سان ڀلي پار مڪي شريف ۽ مديني شريف جي زيارت ڪري اچان۔

18. مٽن مائٽن متعلق ڇا ٿا چاھيو؟
جيڪو پوکبو اهو ئي ڪٽبو۔ مٽن مائٽن سان ڪي به اختلاف ڪونه آهن۔۔۔

19. سنگت ساٿ لاءِ ڇا ٿا چاھيو؟
سڀني سان هلڻ سکو۔ Love to All.

20. عام ماڻھو ڪيئن ۽ ڪھڙا ھجڻ گهرجن؟
هڪٻئي جو احترام ڪن۔ ڪو ڪنهن سان اجايو حسد نه ڪري۔

21. اوھان ڪو پيغام ڏيڻ چاھيو، ته ضرور لکو؟
منهنجو پيغام اهو آهي، ته اجايو نفرتون نه ڪجن۔ هر هڪ فرد کي، خدا جيڪا عزت ڏني آهي، اسان به ان جو احترام ڪريون ۽ ان کي مڃون۔ غلط کي غلط ۽ صحيح کي صحيح مڃون۔

Good Wishes