پريتم قاضي ترتيب: مٺل جسڪاڻي

WhatsApp Image 2020 05 22 at 11.58.31 PMپريتم قاضي: مختصر تعارف ۽ ويچار

ترتيب: مٺل جسڪاڻي

پريتم قاضي تمام پياري شخصيت آهي. سندس محبتن ۽ خلوص جو آئون مقروض رهيو آهيان. اسان جو هڪ ٻئي کان ”پنڌ پراهون“ هجڻ جي ڪري اچ وڃ نه آهي، پر ”ڪي ويجها ئي ڏور، ڪي ڏور به اوڏا سپرين“ واري ڪار آهي. اسان ٻنهي وٽ، جيڪڏهن اسان کان هلي سگهڻ جهڙي ڪار هجي، ته پوءِ شايد اسان جون ملاقاتون تڪڙيون ۽ ڪچهريون ڊگهيون به هجن. ان هوندي به هڪ ٻئي سان گهٽ نه ڪندا آهيون. مهل موقعو ڏسڻ بدران، جنهن جنهن وقت به دل گهري ٿي، هڪ ٻئي جون موبائيل گهنٽيون وڄائيندا آهيون. لکبو، ته لکبو پيو وڃبو. ان ڪري بهتر ائين ٿيندو ته هاڻي پريتم قاضي جو مختصر تعارف ۽ ويچار پڙهي، اسان سان اوهان پنهنجا ويچار ونڊ ڪريو.

1. اوھان جو نالو؟
حاجي سڪندر آفتاب، المعروف پريتم قاضي
2. ولديت ذات سميت؟
قاضي خضر حيات (انجينيئر/ آرٽسٽ)

3. رھائشي پتو (ڄمڻ جي تاريخ ۽ هنڌ سميت)
18 ڊسمبر 1973ع، نئون ديرو، ضلعو لاڙڪاڻو، رهائش A/13 - سڪندر آرٽ گئلري، نوابشاهه، شھيد بينظير آباد.

4. تعليم؟
B.E. Civil, A.M.C. (Art Master course)

5. ڪرت (پيشو)
Art Teacher

6. ترجيحاتي مصروفيتون، وندر؟
پبليڪيشن جون ذميواريون سنڀالڻ کان علاوه تعليم وتدريس جي عمل سان تقريباً 26 سالن کان واگيل آھيان . ء بابا سائين قاضي خضر حيات جي جوڙيل« سڪندر آرٽ گئلري» جي سار سنڀال به منهنجي ذمي آھي.

7. ليکڪ آھيو ته شاعر، ڪھاڻيڪار، ناول نويس، مضمون نگار يا ڇا ڇا لکندا آھيو؟
شاعر، ليکڪ، پبلشر، استاد ء خطاط. منهنجي شاعري جو مجموعو ”احساسن جا عڪس“ سال 2005ع ۾ سنڌ بوڪ ڪلب، نوابشاهه پاران چپيو. ان کان علاوه سائين عبدالحڪيم ارشد جي 2 ڪتابن ”آجپي جي گيت جھڙي شاعري“ ۽ ”ٽٽل عڪس سونھن جا“ کي مرتب ڪرڻ جو موقعو مليو، جيڪي ڇپجي مارڪيٽ ۾ اچي چڪا آهن. 2017ع ۾ امان مرحومه جي نانءِ سان اشاعتي اداري ”خورشيد خضر علمي، ادبي ۽ اشاعتي ادارو“ جو بنياد وجھندي، ڪتابن جي اشاعت جو سلسلو شروع ڪيم.

8. مطالعي ۾ ڇا پڙھڻ کي اوليت ڏيو ٿا؟
عموماً شاعري ۽ اڄڪلھ سفرناما ۽ آتم ڪٿائون.

9. سير سفر، اوھان جي نظر ۾؟
زندگي لاءِ انتھائي ضروري آهي.

10. ڪچھريون، اوھان جي نظر ۾؟
اھي ڪچهريون، جن مان انسان جي مثبت اوسر ٿئي، انجو قائل آھيان. جن ڪچھرين مان ھڙ حاصل نه ٿئي انجو سخت مخالف آهيان.

11. ادبي تقريبون، اوھان جي نظر ۾؟
انتھائي ضروري آھن، جن مان اديبن جي سکيا ٿئي.

12. سماجي ڪم ۽ تقريبون، اوھان جي نظر ۾؟
جيڪي بني نوع انسان جي واقعي فلاح و بھبود لاءِ ھجن، سي ڪارائتيون سماجي تقريبون ھونديون نه ته اجڪلھ صرف ڏيکاءُ آھي.

13. اوھان جا عزيزن سان لڳ لاڳاپا ۽ رويا؟
عزيزن سان ھر ڪو سھڻا ۽ بھترين لاگاپا چاھيندو آھي. آئون به اھو ئي چاھيندس.

14. اوھان جا سنگت ساٿ سان لڳ لاڳاپا ۽ رويا؟
شاگردي واري زماني ۾ انيڪ دوست ھئا، ھينئر آھن، پر محدود.

15. اوھان جي پسند جو رنگ ۽ خوشبو؟
سائو / نيرو ۽ عطر.

16. اوھان جي پسند جي سواري؟
ڪا خاص ناھي.

17. اوھان جي اھڙي خواھش، جيڪا ٻڌائڻ پسند ڪريو؟
ڪاش! اسان جي اندر مان منافقي وارا رويا بلڪل نيست ونابود ٿين ۽ اسان سڀني کي ڪجھه دين اسلام جي سمجھ اچي.

18. مٽن مائٽن متعلق ڇا ٿا چاھيو؟
پنھنجي اولاد لاءِ اھوئي چاھيندس ۽ دعا ڪندس ته اھي نيڪ ۽ صالح بڻجن ۽ سدائين پنهنجي مقصد سان سچائي ڏيکاريندي سچا رھن. تڏھن ئي ڪامياب ٿيندا.

19. سنگت ساٿ لاءِ ڇا ٿا چاھيو؟
اھوئي ته سک ۾ ته ھرڪو ساڻ ھوندو آھي، پر ڏک ۾ ساٿ نباھيو ته ڪيڏو نه خوبصورت عمل ٿئي اوھان جو.

20. عام ماڻھو ڪيئن ۽ ڪھڙا ھجڻ گهرجن؟
سنڌ جي ڏتڙيل ۽ پيڙھيل ماڻھن لاءِ عرض ته ھاڻي سجاڳ ٿين ۽ پنھنجي اولاد کي وڏيرن جي اوطاقن جا ڪتا بنجڻ کان بچائن ۽ کين تعليم جي زيور سان آراسته ڪرڻ کان علاوه شعور حيات به حاصل ڪن.

21. اوھان ڪو پيغام ڏيڻ چاھيو، ته ضرور لکو؟
سنڌ سونھاريءَ جي عوام کي اھو عرض ڪندس ته ھي ”ڪورونا وائرس“ الاھي ڏمر آھي. الله پاڪ جي در تي گڙگڙائي، روئي روئي، کيس راضي ڪريو. بھرحال ڪورونا وبا کي مذاق نه سمجھو. الله پاڪ سموري سنڌ واسين کي پنھنجي حفظ و امان ۾ رکي، آمين.

Good Wishes