سيما عباسي ترتيب: مٺل جسڪاڻي

WhatsApp Image 2020 05 22 at 11.56.39 PMسيما عباسي: مختصر تعارف ۽ ويچار

ترتيب: مٺل جسڪاڻي

علمي ادبي حوالي سان سيما عباسي جو نالو ئي ڪافي آهي. ساڻس هڪ ٻن ادبي تقريبن دوران دعا سلام واري مختصر ملاقات ٿي آهي. هڪ ٻه دفعا فون رابطو ٿيو، هڪ ٻه دفعي فيس بوڪ انباڪس وسيلي خيالن جي ڏي وٺ ٿي آهي. ”فيس بوڪ انٽرويو“ سلسلي کي مانُ ڏئي، شريڪ ٿيڻ لاءِ سوالن جا جواب موڪلڻ تي آئون سندس ٿورائتو آهيان.

سيما جو مختصر تعارف ۽ سندس ويچار اوهان جي مطالعي لاءِ منتظر آهن ۽ اسان اوهان جي راين جا منتظر رهنداسين.

1. اوھان جو نالو؟
سيما پروين، ادبي نالو سيما عباسي.

2. ولديت ذات سميت؟
لعل محمد عباسي ڪلهوڙا

3. رھائشي پتو (ڄمڻ جي تاريخ ۽ هنڌ سميت)؟
منهنجي پيدائش ارڙهين اپريل، اوڻويهه سو ٽيهتر، گجڻ پور محلو، نئون ديرو چوڪ، نزد مڇي مارڪيٽ، لاڙڪاڻو ۾ ٿي۔ هاڻوڪي رهائش ڊفينس فيز 1، ڪراچي.

4. تعليم؟
ماسٽرس: 1. سنڌي ادب، 2. اردو ادب، 3. ايجوڪيشن، 4. ايم فل هلندڙ.

5. ڪرت (پيشو)؟
استاد، ليڪچرار، ڪاليج سائيڊ.

6. ترجيحاتي مصروفيتون، وندر؟
ڪتاب پڙهڻ، تخليقي ڪم ڪرڻ، موويز ڏسڻ، انٽرنيٽ هلائڻ، لانگ ڊرائيو تي ويندي جگجيت، متالي، عابدا پروين ۽ راحت فتح علي خان جا غزل ٻڌڻ، سمنڊ ڪناري تي ويهي، پنهنجي تنهائيءَ سان وقت گذارڻ منهنجون ترجيحي مصروفيتون آھن۔

7. ليکڪ آھيو ته شاعر، ڪھاڻيڪار، ناول نويس، مضمون نگار يا ڇا ڇا لکندا آھيو؟ اوهان جو ڪو ڪتاب؟
ذرو پرزو، سڀني صنفن ۾ ملهائڻ جي ڪوشش ڪئي آھي۔ منهنجو پهريون ڪتاب 2015ع ۾ ”لفظن ڀوڳيو آ بنواس“ ڇپيو هيو. جنهن جو ريڪارڊ آ ته اهو ٻن مھينن اندر اندر دڪانن تان اڻ لڀ ٿي ويو هو. ان ڪتاب مونکي تمام گهڻو مشھور ۽ مقبول ڪيو. ان ڪتاب کان متاثر ٿي، ڀائو غلام مصطفا سولنگي منهنجي فن، فڪر ۽ شخصيت تي 2017ع ۾ ”ڏات جي ديوي“ نالي ڪتاب آندو، جنهن ۾ سنڌ جي نالي وارن اديبن مونکي ڀيٽا پيش ڪئي. ان کان پوءِ ٻيو طبعزاد ڪتاب جيڪو غزل تي ئي مشتمل هو ان ڪتاب جو نالو هو ”لاشا لڙڪن جا“، اهو ڪتاب 2018ع ۾ آيو. جنهن کان پوءِ ڀائو مصطفا وري مونکي ڀيٽا طور هڪ ٻئي ڪتاب جي ارپنا ڪئي. جنهن جو نالو هيو ”تو سيما نانءَ ٻڌو آھي“۔ هاڻ منهنجي ڪهاڻين جو هڪ ڪتاب ”ردالي“ زير طباعت آھي. جيڪو شارٽ اسٽوريز تي آڌاريل آھي. هن ڪتاب جو ڪم مڪمل آھي، لاڪ ڊائون جي ڪري پريس ۾ ڦاٿو پيو آھي۔

8. مطالعي ۾ ڇا پڙھڻ کي اوليت ڏيو ٿا؟
فلسفي ۽ تصوف تي مشتمل موضوعن کي ترجيح ۾ رکندي آھيان۔ هونئن ته شاعري، ڪهاڻيون، ڪالم، مضمون، ناول، جيڪا به سٺي شيءَ دستياب ٿي ۽ ڪنهن جي به لکيل هجي، ان مان فيضياب ٿيڻ جي ڪوشش ڪندي آھيان۔

9. سير سفر، اوھان جي نظر ۾؟
سامين وانگر سدائين سفر ۾ رهڻ پسند آھي، پر گهريلو ذميداري ۽ نوڪري واري فرضن کان علاوه تخليقي ڪم واري مصروفيت ڪجھ اهڙي نوعيت جي هوندي آھي، جنهن ڪري گهڻي گهمڻ جا متحمل نه ٿي سگهندا آھيون، پر اوهان جي اطلاع لاءِ عرض آھي ته مان پنهنجي ملڪ کي چڱيءَ ريت گهمڻ کان علاوه سنگاپور ۽ ملائشيا به وڃي چڪي آھيان.

10. ڪچھريون، اوھان جي نظر ۾؟
بيمقصد آھن ته وقت جو زيان آهن، جي بامقصد آھن ته انھن مان گهڻو لاڀ پرائي سگهجي ٿو۔

11. ادبي تقريبون، اوھان جي نظر ۾؟
ادب جي فروغ، بهبود ۽ ترقي جو وڏو ذريعو آھن، پر جيڪڏهن تقريبات جو انعقاد صرف تفريحي مقصدن لاءِ نه ڪيو وڃي۔ انهن جي تعميري، اصلاحي ۽ پُرفڪر ترغيبات کي به ملحوظ خاطر رکيو وڃي.

12. سماجي ڪم ۽ تقريبون، اوھان جي نظر ۾؟
جينئن ته انسان کي سوشل اينيمل سڏيو ويو آھي، ان ڪري سماجي رابطن ۽ ڳانڍاپن کان سواءِ اسان ادب دوست هئڻ جو ڪردار، باشعور انداز سان ادا ڪرڻ کان قاصر رهنداسين۔ ضرورت ان ڳالهه جي آھي ته اسان پنهنجي وت ۽ وس آهر، ھر ڪنهن جي ڏک سک ۾ بلا تفريق شريڪ ٿيون۔

13. اوهان جا عزيزن سان لڳ لاڳاپا ۽ رويا؟
جڏهن ڇوڪرين جون شاديون ٿي وينديون آھن، ته ظاهري وٿيون اچي وينديون آھن، پر جڏهن ڀائرن جون شاديون ٿي وينديون آھن، ته دلي وڇوٽيون اچي وينديون آھن۔ بهرڪيف، شادين کان پوءِ هر ڪنهن جي پنهنجي فيملي جڙي پوي ٿي۔ ان ڪري پهريان وارن لاڳاپن ۾ اهو جوش خروش ۽ توجهه نه ٿي رهي. ڪوشش ڪندا آھيون، ته رشتن سان جيڪڏهن بهتر نموني نه ٿا نڀائي سگهون ته، رواجي نموني ئي سهي، پر نڀايون ضرور۔

14. اوھان جا سنگت ساٿ سان لڳ لاڳاپا ۽ رويا؟
منهنجي حلقي ۾ سڀ تمام باوقار، باشعور ۽ اوهان جهڙا بردبار ماڻھو آھن۔ لاڳاپن ۽ روين جي نوعيت جو دارومدار، بهرڪيف، ماڻھن جي روين ۽ نيتن تي پڻ دارومدار رکندو آھي۔ چڱو هلندا آھن ته پاڻ انهن کان به چڱو هلڻ جي ڪوشش ڪندا آھيون. جيڪڏهن چڱو نه هلندا آھن، ته دل سان کين معاف ڪري، انهن کان ڪجهه مڙئي پاسيرا ٿي هلندا آھيون۔

15. اوھان جي پسند جو رنگ ۽ خوشبو؟
اڇو، ڪارو ۽ گلابي رنگ، خوشبو اٽرنٽي.

16. اوھان جي پسند جي سواري؟
پنهنجي گاڏي، جنهن ۾ ريڊيو هلندڙ ھجي، يا پراڻا گيت ۽ غزل۔

17. اوھان جي اھڙي خواھش، جيڪا ٻڌائڻ پسند ڪريو؟
هزاروں خواہشیں ایسیں، کہ ہر خواہش پہ دم نکلے۔
مولا جو مون تي خصوصي ڪرم رهيو آھي۔ هڪ اڌ کان سواءِ هر خواهش پوري ٿي آھي۔

18. مٽن مائٽن متعلق ڇا ٿا چاھيو؟
ان حوالي سان به هاڻي سوچڻ جا انداز بدليا آھن۔... ميل ملاقاتون گهٽجي ويون آھن۔ ھن ڪمپيوٽرائيزڊ جديد دور ۾ مصروفيتن، رشتن جا خلوص ۽ فرض ختم ڪري ڇڏيا آھن۔ خبر ناهي تربيت جو مسئلو آ، يا هر ڪنهن کي ڪم ڪار گهڻا ٿي پيا آھن. بهرحال هي دور ڏکيو هلي رهيو آھي۔

19. سنگت ساٿ لاءِ ڇا ٿا چاھيو؟
ان سوال جي بهتر ترجماني شاه سائين جو هي بيت ڪري سگهندو:
ڪي ويجها ئي ڏور، ڪي ڏور به اوڏا سپرين!

20. عام ماڻھو ڪيئن ۽ ڪھڙا ھجڻ گهرجن؟
بس، انسانيت کان مبرا نه هجن، يعني ماڻھو نه انسان هجن ۽ هر ڪنهن ۾ آسانيون پيدا ڪرڻ وارن گڻن کان واقف ڪار هجن۔ ڇو ته منهنجي نظر ۾ ڪوبه ماڻھو ظاهري طور ڪيڏو به خوبصورت، صاحب حيثيت، ۽ سوسائٽي ۾ اپر ڪلاس جيڏو مٿاهون رتبو رکندڙ ھجي، پر جيڪڏهن ان انسان جو اندر ڪوجهو آھي، ان ۾ ماڻھپو ناهي، ۽ هن جي مٿاهين حيثيت، ماڻھن ۾ آسانيون ورهائڻ واري ناهي، ته پوءِ منهنجي نظر ۾ اهڙي ماڻھوءَ کي انسان نه ٿو چئي سگهجي۔

21. اوھان ڪو پيغام ڏيڻ چاھيو، ته ضرور لکو؟
مذھبي شدت پسندي کان بالاتر ٿي ماڻھن ۾ آسانيون پيدا ڪرڻ درحقيقت انسانيت آھي۔ عبادتون پنهنجي جاء تي پر اصل عبادت پنهنجي وت ۽ وس آھر، ماڻھن جي ڪم اچڻ آھي۔
منطقي ويچار ٿي سوچيو سدا،
ماڻھپو ڪردار ٿي سوچيو سدا.
(س۔ع.)

Good Wishes