نصرالله ڏاهري ترتيب: مٺل جسڪاڻي

WhatsApp Image 2020 05 22 at 11.54.23 PMنصرالله ڏاهري: مختصر تعارف ۽ ويچار

ترتيب: مٺل جسڪاڻي

نوجوان نصرالله ڏاهري سان فيس بوڪ دوست وارو رابطو آهي. سندس پوسٽون پڙهندو رهيو آهيان. پاڻ به منهنجون پوسٽون پڙهندو رهي ٿو. هڪ ٻئي جي پوسٽس تي، ڪمينٽ به ڪبو آهي. هي ”فيس بوڪ انٽرويو“ سلسلو شروع ته مون ڪيو آهي، پر هن جي پسمنظر ۾، نصرالله ڏاهري پاران رکيل هڪ اسٽيٽس آهي. جنهن ۾ هن ڪو سوال پڇيو هو، مون کيس جواب ڏنو هو، پوءِ سوال جواب يا ڪمينٽ پٺيان ڪمينٽ جو سلسلو هليو هو. ٿوري دير بعد منهنجي ذهن ۾ آيو ته آئون ”فيس بوڪ انٽرويو“ سلسلو هلايان. ائين سوچيندي، مختلف ارادن ۽ نيتن جي روشني ۾ سلسلو شروع ٿيو. هلي پيو.

سچ اهو به آهي ته هي سلسلو مون کي مهانگو پئجي ويو آهي! ٿَڪو نه آهيان، پر ٿَڪايو پيو وڃان، پر ڪوشش ڪندس ته هڪ سئو انٽرويو هلايان. پنجاهه کان وڌيڪ انٽرويو پهتا آهن.

خير، سوال جواب جي روشنيءَ ۾ نصرالله ڏاهري جو مختصر تعارف ۽ ويچار اوهان جي نظر، اوهان جا ايندڙ رايا اسان جي نظر...

1. اوھان جو نالو؟
نصرالله ڏاهري

2. ولديت؟
علي محمد ڏاهري

3. رھائشي پتو ڄمڻ جي تاريخ؟
05 اپريل 1987ع، ڳوٺ بودلو ڏاهري (سيد سليمان شاه جو ڳوٺ)، تعلقو ۽ ضلع نوشهروفيروز.

4. تعليم؟
ايم اي سنڌي، ايم اي ايجوڪيشن

5. ڪرت (پيشو)؟
استاد (جي ايس ٽي)

6. ترجيحاتي مصروفيتون، وندر؟
ڪتاب پڙهڻ

7. ليکڪ آھيو ته شاعر، ڪھاڻيڪار، ناول نويس، مضمون نگار يا ڇا ڇا لکندا آھيو؟
شاعري لکندو آهيان، ڪجھ غزل ۽ نثري نظم لکيا آهن.

8. مطالعي ۾ ڇا پڙھڻ کي اوليت ڏيو ٿا؟
شاھ جو رسالو، مثنوي رومي ۽ تاريخي ڪتاب

9. سير سفر، اوھان جي نظر ۾؟
شاھ لطيف فرمائي ٿو ”سامِي جھاڳي سُڃَ، وَسَنئُن کي ويجھا ٿِيا“، زندگيءَ لاءِ سفر ضروري آهي. ان سان منزل ملندي آهي.

10. ڪچھريون، اوھان جي نظر ۾؟
ڪچهريون اهڙيون هجن جن سان عقل جا پردا کلن ۽ ذهن ۾ نئين سوچ جو جنم ٿئي.

11. ادبي تقريبون، اوھان جي نظر ۾؟
ادبي تقريبون ضرور ٿيڻ گهرجن. ان سان امنگ، چاھ، شوق ۽ جذبو اڀري ٿو.

12. سماجي ڪم ۽ تقريبون، اوھان جي نظر ۾؟
سماجي ڪمن کي صف اول تي رکڻ گهرجي. سماج جي اندر رهي ڪري لاچار ماڻهن جي مدد ڪرڻ ئي انسانيت آهي. سماجي ڪمن لاءِ معاشري جي فردن کي سماجي ڀلائي جي ڪمن لاءِ سجاڳيءَ جون تقريبون رکڻ گهرجن.

13. اوھان جا عزيزن سان لڳ لاڳاپا ۽ رويا؟
عزيزن، مٽن مائٽن سان لاڳاپا سٺا آهن.

14. اوھان جا سنگت ساٿ سان لڳ لاڳاپا ۽ رويا؟
تقريبن سنگت ساٿ پنهنجي پنهنجي ڪمن ۾ مصروف آهي. جڏهن به ملڻ ٿئي ٿو ته خوب ٿئي ٿو. سڀني دوستن سان لاڳاپا بهتر آهن.

15. اوھان جي پسند جو رنگ ۽ خوشبو؟
پسند جو رنگ نيرو ۽ خوشبو مشڪ الهند پسند آهي.

16. اوھان جي پسند جي سواري؟
موٽر بائيڪ

17. اوھان جي اھڙي خواھش، جيڪا ٻڌائڻ پسند ڪريو؟
پهريان سعودي عرب پوءِ ترڪي گهمڻ جي خواهش آهي.

18. مٽن مائٽن متعلق ڇا ٿا چاھيو؟
مٽن مائٽن جو قدر ڪرڻ گهرجي، ڏکي وقت ۾ مٽ مائٽ ڪم ايندا آهن. ڪجهه مٽ هن نفسا نفسي دور ۾ ڏور ٿي ويا آهن.

19. سنگت ساٿ لاءِ ڇا ٿا چاھيو؟
دوستی عام ہے لیکن اے دوست،
دوست ملتا ہے بڑی مشکل سے.
آءُ چاهيان ٿو سنگت ساٿ ڪڏهن پنهنجي پيارن کي اڪيلو نه ڇڏي. هر حال ۾ هڪٻئي جو ساٿ ڏين.

20. عام ماڻھو ڪيئن ۽ ڪھڙا ھجڻ گهرجن؟
عام ماڻهوءَ ۾ شعور هئڻ گهرجي. وڏيرڪي ۽ پيري مريديء جي نظام کي الوداع چئي تعليم جو گس وٺن.

21. اوھان ڪو پيغام ڏيڻ چاھيو، ته ضرور لکو؟
دنيا جي ڪھڙي به ڪنڌ ڪڙچ ۾ رهو پر سنڌي ٻولي پڙهو ۽ لکو.

Good Wishes