نورمحمد سمون ترتيب: مٺل جسڪاڻي

WhatsApp Image 2020 05 22 at 11.52.13 PMنورمحمد سمون: مختصر تعارف ۽ ويچار

ترتيب: مٺل جسڪاڻي

”نُور“ لفظ جي پنهنجي سونهن ۽ سوڀيا آهي. نُور سان گڏ محمد شامل ڪري نالو رکيو ويندو آهي، ته ان نالي وارو نور محمد سڏيو ۽ سڃاتو ويندو آهي.

نور محمد اسان جي ڳوٺ ۾ به آهي، پر ان کي اسان نورل سڏيون. ان کان اڳ اسي واري ڏهاڪي ۾ جنهن نور محمد سان ويجهڙائي ٿي، ان شاعري شروع ڪئي ته ”ساگر“ لکڻ ۽ سڏائڻ لڳو، پوءِ سندس ئي مڪمل نالي يعني نور محمد سومرو (بدين وارو)، هڪ نرالو شاعر ٿي اڀريو.

سڀ نور محمد ساريندس ته نور محمد سمون رهجي ويندو. جيڪو بهترين نثر نويس آهي. سندس وڏو نالو آهي. مون کي سندس تحريرون وڻنديون آهن. اڪثر فيس بوڪ پوسٽون به برداشت ٿي وينديون آهن، پر ڪڏهن ڪڏهن سندس پوسٽ پڙهي چڙي پوندو آهيان، ته ڪڏهن نظر انداز ڪري ڇڏيندو آهيان، ته ڪڏهن ساڻس وڙهي پوندو آهيان. مون کي پڪ آهي ته نور محمد سمون به ائين ڪندو هوندو.

اسان جي رابطي، واسطي، ميل ملاقات کي ڇڏڻ بهتر ٿيندو، منهنجي سوالن جي جواب ۾ سندس لکيل مختصر تعارف ۽ ڪجهه ويچار اوهان جي نظر ڪجن ٿا، اميد ته پڙهي، پنهنجي راءِ ڏيندا.

1. اوھان جو نالو؟
نورمحمد سمون

2. ولديت ذات سميت؟
سگهو سمون

3. رھائشي پتو (ڄمڻ جي تاريخ، هنڌ سميت)؟
2 مئي 1971ع، ڳوٺ کُڻهار، لڳ ڍورونارو، ضلعو عمرڪوٽ.

4. تعليم؟
ايم اي صحافت

5. ڪرت (پيشو)؟
ملازمت

6. ترجيحاتي مصروفيتون، وندر؟
پڙھڻ لکڻ

7. ليکڪ آھيو ته شاعر، ڪھاڻيڪار، ناول نويس، مضمون نگار يا ڇا ڇا لکندا آھيو؟
مضمون نگاري

8. مطالعي ۾ ڇا پڙھڻ کي اوليت ڏيو ٿا؟
آتم ڪٿائون ۽ تاريخ جا موضوع پسند آھن.

9. سير سفر، اوھان جي نظر ۾؟
حرڪت ۾ وڏي برڪت آھي.

10. ڪچھريون، اوھان جي نظر ۾؟
ڪچهري به ڪلاس وانگر هجي ٿي، جتان سکڻ لاءِ گهڻو ڪجھ ملي ٿو.

11. ادبي تقريبون، اوھان جي نظر ۾؟
ادبي تقريبون ادبي هجن، ته بهتر آھن. عام طور ڏٺو ويو آھي، ته نالو ادب جو هوندو ۽ اندر سياست ٿيندي رهندي آھي. اهڙيون حرڪتون ڪرڻ وارن کي آئون “ٻھروپيا“ سمجهندو آھيان.

12. سماجي ڪم ۽ تقريبون، اوھان جي نظر ۾؟
اهي ڪم ۽ تقريبون لازمي آھن، پر پاڻ وٽ ڏٺو وڃي، جنهن سماج کي ترقي ڏيارڻ جون دعوائون ڪيون وينديون آھن، اهو اڳ کان به بري حال ۾ ٿيندو پيو وڃي. ٻئي طرف دعوائون ڪرڻ وارا پاڻ تمام جلد ٽيڪجيو وڃن. ان پسمنظر تي مظهر لغاري جو هڪ شعر به آھي ته ”اوهان جي بُک گهڻن کي ڍئو ڪرايا“

13. اوھان جا عزيزن سان لڳ لاڳاپا ۽ رويا؟
عزيز سدائين مهربان رهيا ۽ پاڻ ۾ وڏي دل سان پيش ايندا آھيون.

14. اوھان جا سنگت ساٿ سان لڳ لاڳاپا ۽ رويا؟
سنگت ساٿ سان لاڳاپا ويران وير وڌ آھن، پر جڏھن انهن مان ڪو ئي پاڻ ثابت ڪري ڇڏيندو آھي، ته هاڻ اهو ڀروسي جي لائق ناهي، تڏھن گابا ٽاري ڇڏيندا آھيون.

15. اوھان جي پسند جو رنگ ۽ خوشبو؟
فطرت جا سمورا رنگ ۽ خوشبوئون پسند آھن.

16. اوھان جي پسند جي سواري؟
هي سوال سمجھ ۾ نٿو اچي.

17. اوھان جي اھڙي خواھش، جيڪا ٻڌائڻ پسند ڪريو؟
هر قسم جي تعصب کان پاڪ دنيا ڏسڻ چاهيان ٿو.

18. مٽن مائٽن متعلق ڇا ٿا چاھيو؟
خوش هجن.

19. سنگت ساٿ لاءِ ڇا ٿا چاھيو؟
نيڪ خواهشون.

20. عام ماڻھو ڪيئن ۽ ڪھڙا ھجڻ گهرجن؟
جيئن آھن، جهڙا آھن، سونَ ساريکا لڳن ٿا.

21. اوھان ڪو پيغام ڏيڻ چاھيو، ته ضرور لکو؟
حياتي مختصر آھي، اها پيار محبت سان جيئو ۽ صوفي صادق فقير جو هيءَ شعر پڻ:

واڄي وانگر وڄ، مٿي کي مرلي ڪري،
جيڪي آھي اڄ، سو سڀاڻ ناهي صديق چوي.
(صوفي صادق فقير)

Good Wishes