پريم پتافي ترتيب: مٺل جسڪاڻي

WhatsApp Image 2020 05 22 at 11.51.18 PMپريم پتافي: مختصر تعارف ۽ ويچار

ترتيب: مٺل جسڪاڻي

پهرين ڳالهه اها ته اڄ (05 مئي) شاعري جي مجموعي ”روشني جون اکيون“ وسيلي، اکين وارن جي اکين جِي جوت وڌائڻ جِي ڪوشش ڪندڙ، سھڻي ۽ سيبتي سرجڻھار پريم پتافي جي سالگرھه آهي، ان ڪري پريم سميت شاعري سان چاھه رکندڙن ۽ پريم سان پيار ڪندڙ سڀني دوستن، عزيزن، مٽن مائٽن ۽ گھڻگھرن کي پڻ پريم جي سالگرهه مبارڪ، پريم سميت سڀني لاءِ انيڪ نيڪ تمنائون...

ٻيءَ ۽ آخري ڳالهه اها ته پريم سان روبرو ملاقاتون، ڪچهريون، ٽيليفون رابطا، فيس بوڪ دوستي وغيره جي حوالي سان آئون ڀلي ته ڇا به لکان، هڪ ته گهڻيون ڳالهيون رهجي وينديون، ٻيو ته ممڪن آهي پريم يا پڙهندڙ اختلاف ڪن ۽ ٽيون ته هن سلسلي وسيلي اوهان تائين سڌو سئون مختصر تعارف ۽ ويچار پهچائڻو آهي، ان ڪري تفصيلي خاڪو نه، جيڪو به آهي، اِهو ئي آهي، اوهان پڙهو، اسان کي پنهنجي راءِ کان آگاهه ڪندا، ته اوهان جا ٿورا ٿيندا.

1. اوھان جو نالو؟
عبدالرزاق، ادبي نالو پريم پتافي.

2. ولديت ذات سميت؟
محمد يوسف پتافي

3. رھائشي پتو (ڄمڻ جي تاريخ ۽ ھنڌ سميت):
ڄمڻ جي تاريخ 5 مئي 1969ع، ڳوٺ مولوي بھاءُالدين پتافي، رھائش سومرا ڪالوني ميرپور ماٿيلو، ضلعو گھوٽڪي.

4. تعليم؟
ايم اي سنڌي، ايم ايڊ

5. ڪرت (پيشو)؟
استاد

6. ترجيحاتي مصروفيتون، وندر؟
لکڻ پڙھڻ ۽ پڙھائڻ.

7. ليکڪ آھيو ته شاعر، ڪھاڻيڪار، ناول نويس، مضمون نگار يا ڇا ڇا لکندا آھيو؟
شاعر آھيان، شاعري جو ھڪ ڪتاب ”روشنيء جون اکيون“ 2010ع ۾ ڇپيو، ٻيو گھوٽڪي جي گڏيل شاعرن جي مجموعي ”تارا تارا جھول ۾“ شاعري ڇپيل آھي، ٽيون ڪتاب ”وجود“ ڇپائي ھيٺ آھي.

8. مطالعي ۾ ڇا پڙھڻ کي اوليت ڏيو ٿا؟
نثر ۽ شاعري جا ڪتاب مطالعي ھيٺ رھن ٿا.

9. سير سفر، اوھان جي نظر ۾؟
سير ۽ سفر ۾ سکڻ لاء تمام گھڻو مواد ملندو آھي. خاص ڪري تاريخ جي معلومات ملندي آھي ۽ شاعري لاء مشاھدو ملندو آھي.

10. ڪچھريون، اوھان جي نظر ۾؟
ڪچھريون ماڻھوءَ جي شخصيت ۾ نکار پيدا ڪن ٿيون. ماڻھو اٿڻ ويھڻ ۽ ڳالھائڻ جا آداب، ڪچھرين مان سکي ٿو.

11. ادبي تقريبون، اوھان جي نظر ۾؟
12. سماجي ڪم ۽ تقريبون، اوھان جي نظر ۾؟
تقريبون ادبي ھجن يا سماجي خواهه سياسي، ماڻھو جي ذھني صلاحيت جي اوسر ڪن ٿيون ۽ تمام گھڻي معلومات فراھم ڪن ٿيون. ڪڏھن ڪڏھن تقريبون نوان نوان بحث ڇيڙين ٿيون. جيڪي ڪڏھن مثبت ته ڪڏھن تڪراري به ھجن ٿا.

13. اوھان جا عزيزن سان لڳ لاڳاپا ۽ رويا؟
مائٽن سان تعلقات تمام گھڻا بھتر، سندن ڏک سک ۾ ڪوشش ڪري ضرور شريڪ ٿيندو آھيان.. ۽ ڪڏھن ڪڏھن ائين کين ملڻ لاء به نڪري ويندو آھيان.

14. اوھان جا سنگت ساٿ سان لڳ لاڳاپا ۽ رويا؟
سنگت ساٿ سان پنھنجي طرفان ڪنھن حد تائين نڀائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندو آھيان.

15. اوھان جي پسند جو رنگ ۽ خوشبو؟
مون کي سڀ رنگ وڻندا آھن، ڇو ته سڀ رنگ منھنجي محبوب جا آھن.

16. اوھان جي پسند جي سواري؟
جيڪا وقت تي ملي وڃي، اھا پسند اٿم.

17. اوھان جي اھڙي خواھش، جيڪا ٻڌائڻ پسند ڪريو؟
ھزارون خواھشين ايسي ڪہ،
ھر خواھش پہ دم نڪلي.

18. مٽن مائٽن متعلق ڇا ٿا چاھيو؟
مائٽن لاء سک ۽ خوشيون چاھيندو آھيان.

19. سنگت ساٿ لاءِ ڇا ٿا چاھيو؟
دوست جتي به هجن، خوش ھجن. سندن لاء ھر وقت دعاگو رھندو آھيان.

20. عام ماڻھو ڪيئن ۽ ڪھڙا ھجڻ گهرجن؟
ھرڪو ماڻھو پنھنجي پنھنجي مزاج جو مالڪ آھي. آئون سڀني کي سٺو ۽ مھذب ڏسڻ چاھيان ٿو.

21. اوھان ڪو پيغام ڏيڻ چاھيو، ته ضرور لکو؟
آئون ننڍڙو ماڻھو آھيان، منھنجو ڪھڙو پيغام.. شاھ سائين جي بيت جي صورت ۾ سڀني لاءِ دعا ته..
سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار،
دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين.
(شاهه)

Good Wishes