ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو ترتيب: مٺل جسڪاڻي

WhatsApp Image 2020 05 22 at 11.50.26 PMڊاڪٽر رياضت ٻرڙو: مختصر تعارف ۽ ويچار

ترتيب: مٺل جسڪاڻي

ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو جي لاءِ جيڪڏهن آئون لکان ته هي پنهنجي منهن مٿي، پنهنجي رمز ۾، جيئن ۽ جهڙي تربيت ٿيل اٿس، پنهنجي ڪم سان ڪم رکندڙ، ڪم ڪندڙ، ليکڪ ۽ محقق آهي، استاد آهي، ته شايد ان ۾ ڪو وڌاءُ به نه آهي. ڇو ته منهنجون ساڻس ملاقاتون ته نه، ملاقات به نه آهي (جڏھن تہ ھن پوسٽ تي ڪمينٽ ۾ ياد ڏياريائين تہ ”اسان جي هڪ ننڍڙي ملاقات حيدرآباد لٽريچر فيسٽيول ۾ ٿيل آهي“) لکڻ پڙهڻ ناتي، فيس بوڪ تي، هڪ ٻئي سان دوستي ته ٿي آهي، پر مون کيس اجايو گهڻو سرگرم نه ڏٺو آهي. فيس بوڪ تي پوسٽون رکندو آهي، ڪنهن پوسٽ تي حاضري طور لائيڪ بٽڻ جو استعمال، ڪو ورلي، اهڙي طرح ڪو رايو به قسمت سان لکي. نه ڪنهن جي پنجن ۾، نه ستن ۾... پنهنجو گس وٺي، پنهنجو پنڌ پَٽيندڙ پانڌيئڙو آهي.

مون کي جنهن وقت ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو طرفان، فيس بوڪ انٽرويو جي هن سلسلي ۾ شرڪت لاءِ، سوالن جا جواب مليا، سچ پچ ته خوشي پنهنجي جاءِ تي، مون کي حيرت به ٿي. آئون پنهنجي سوچ، پنهنجي عقل وارو، ڪٿان کان ڪٿان ٿيندو، موٽ کاڌم. پنهنجي ڪم ۽ وندر ۾ مصروف ٿي ويس. اڄ اٺين ڪڙي جو وارو آهي، ان ۾ منهنجي پڇيل سوالن جا جواب، يعني ڊاڪٽر رياضت جو مختصر تعارف ۽ سندس ويچار آهن. اميد ته ڌيان سان پڙهندا ۽ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندا.

1. اوھان جو نالو؟
رياضت علي، ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو.

2. ولديت ذات سميت؟
شوڪت علي ٻرڙو

3. رھائشي پتو (ڄمڻ جي تاريخ ۽ ھنڌ سميت)؟
27- فيبروري 1970ع، قنبر شھر. 2009ع کان لاڙڪاڻي ۾ رهائش.

4. تعليم؟
بِي ايس سي (آنرز)، ايم ايس سي (فزڪس)، ايم ايڊ، ايم اي (سنڌي) ۽ پي ايڇ ڊي (سنڌي)

5. ڪرت؟
اسسٽنٽ پروفيسر، گورنمينٽ شاهه لطيف ڊگري ڪاليج، قنبر.

6. ترجيحاتي مصروفيتون؟
لکڻ ۽ پڙهڻ.

7. ليکڪ آھيو ته شاعر، ڪھاڻيڪار، ناول نويس، مضمون نگار يا ڇا ڇا لکندا آھيو؟
رڳو ناول نه لکيو آهي، نه ته لڳ ڀڳ هر صنف ۾ لکيو اٿم. لڳ ڀڳ 35 مختلف لکيل، ترجمو ڪيل ۽ سھيڙيل ڪتاب ڇپيل ۽ ڇپجڻ جي انتظار ۾ آهن.

8. مطالعي ۾ ڇا کي اوليت ڏيو ٿا؟
اڳ شاعري، ڪھاڻيون، ناول، سوانح حياتون، هاڻ لسانيات ۽ شاهه سائينءَ جو رسالو ۽ ان جي لغت.

9. سير سفر، اوھان جي نظر ۾؟
تمام ضروري آهي. گهمڻ ڦرڻ جو چاهه اٿم، پنھنجو ملڪ ڪجهه نه ڪجهه ڏٺو اٿم، ٻاهريان ملڪ گهمڻ چاهيان ٿو.

10. ڪچھريون، اوھان جي نظر ۾؟
اهم. دوستن ۽ اديبن سان ڪچھرين جو خواهشمند هوندو آهيان.

11. ادبي تقريبون، اوھان جي نظر ۾؟
تمام ضروري آهن.

12. سماجي ڪم ۽ تقريبون، اوھان جي نظر ۾؟
سماج جي اوسر لاءِ لازمي آهن.

13. اوھان جا عزيزن سان لڳ لاڳاپا ۽ رويا؟
ڪوشش ڪري سٺا رکندو آهيان. وقتن فوقتن ملڻ سميت فون تي ڳالهائيندو آهيان.

14. اوھان جا سنگت ساٿ سان لڳ لاڳاپا ۽ رويا؟
سٺا ۽ اطمينان جوڳا.
15. اوھان جي پسند جو رنگ ۽ خوشبو؟
سڀ پسند اٿم، تڏهن به اڇو، ناسي، ڪارو ۽ بِلو.

16. اوھان جي پسند جي سواري؟
ڪار، خاص ڪري جڏهن محبوب همسفر هجي.

17. اوھان جي اھڙي خواھش، جيڪا ٻڌائڻ پسند ڪريو؟
ماڻهپي ۽ آزاديءَ سان جياپو.

18. مٽن مائٽن متعلق ڇا ٿا چاھيو؟
علمي ۽ سماجي طور ترقي ڪن.

19. سنگت ساٿ لاءِ ڇا ٿا چاھيو؟
سندن جائز خواهشون پوريون ٿين.
20. عام ماڻھو ڪيئن ۽ ڪھڙا ھجڻ گهرجن؟
علم ۽ انسانيت سان پيار ڪندڙ ۽ سھپ رکندڙ.

21. اوھان ڪو پيغام ڏيڻ چاھيو، ته ضرور لکو؟
مناسب تعليم ضرور پِرائڻ گهرجي

Good Wishes