امداد سهتو ترتيب: مٺل جسڪاڻي

WhatsApp Image 2020 05 22 at 11.49.32 PMامداد سهتو: مختصر تعارف ۽ ويچار

ترتيب: مٺل جسڪاڻي

امداد سهتو طبيعت ۾ مدد ڪندڙ ۽ سهپ رکندڙ، وقت جي زيان کان بچڻ جي ڪوشش ڪندڙ، گهڻي وچڙ کان پرهيز ڪندڙ، شاعر ته آهي، شروعات ۾ شاعري کي سمجهڻ جي ڪوشش گهڻي ڪيائين ۽ اڃا به ڪوشش ڪندو رهي ٿو، پر وچ ۾ شاعري جي نين صنفن تي طبع آزمائي سان گڏوگڏ نيون صنفون متعارف ڪرڻ جي به ڪوشش ڪيائين.

آئون لکندس ته لکندو ويندس، امداد جو سندو لکيل مختصر تعارف ۽ ويچار رهجي ويندا. ان ڪري اوهان پڙهو، پڙهي راءِ ڏيو.

1. اوھان جو نالو؟
امداد علي (امداد سهتو)

2. ولديت ذات سميت؟
عبدالرحمان سهتو

3. رھائشي پتو (ڄمڻ جي تاريخ ۽ هنڌ سميت)؟
پهرين اپريل، ٺاروشاه ۾ جنم، عارضي رهائش اسلام آباد ۾، مستقل طور نيو تڪ، ٺاروشاه، تعلقو ڀريا، ضلع نوشهرو فيروز.

4. تعليم؟
ايم بي بي ايس ۽ پبلڪ هيلٿ ايڊمنسٽريشن ۾ ڊپلوما.

5. ڪرت (پيشو)؟
ملازمت

6. ترجيحاتي مصروفيتون، وندر؟
مطالعو

7. ليکڪ آھيو ته شاعر، ڪھاڻيڪار، ناول نويس، مضمون نگار يا ڇا ڇا لکندا آھيو؟
شاعري ۽ شارٽ اسٽوريز تي طبع آزمائي ڪئي اٿم. شاعري جي گڏيل مجموعي ”پير پير جو پنهنجو پنڌ“ ۾ منهنجو مواد به آهي، جڏهن ته منهنجو مجموعو ”وڃايا ريت ۾ پيرا“ ڇپجڻ لاءِ ڪمپوز ٿي چڪو آهي.

8. مطالعي ۾ ڇا پڙھڻ کي اوليت ڏيو ٿا؟
ادبي ڪتاب.

9. سير سفر، اوھان جي نظر ۾؟
سير سفر سان دل، دماغ ٻئي تازه توانا رهن ٿا. سکڻ جو، مختلف ڪلچرن کي سمجهڻ جو موقعو ملي ٿو. پريڪٽيڪل لائيف نظر اچي ٿي ۽ نوان نوان دوست به متعارف ٿين ٿا.

10. ڪچھريون، اوھان جي نظر ۾؟
هڪ ٻئي کي ٻڌڻ ۽ سمجهڻ جو موقعو ملي ٿو.

11. ادبي تقريبون، اوھان جي نظر ۾؟
هڪٻئي کان سکجي ۽ سيکارجي ٿو.

12. سماجي ڪم ۽ تقريبون، اوھان جي نظر ۾؟
انسان جي سڃاڻپ ئي اتان ٿيندي آهي. سماجي ڪمن سان معاشرو مضبوط ٿئي ٿو. ڪنهن جي ڪم اچي، روحاني خوشي ۽ دعائون به حاصل ٿين ٿيون. سماجي تقريبن ۾ شرڪت سان هڪٻئي جو ٻانهه ٻيلي به ٿجي ٿو ۽ بهتر انداز ۾ خدمت جو موقعو پڻ ملي ٿو.

13. اوھان جا عزيزن سان لڳ لاڳاپا ۽ رويا؟
تمام بهترين ۽ مثالي رهيا آهن، پر انهن کي اها شڪايت وري به ضرور هوندي آهي، ته مان غمي شادي ۾ گهٽ شريڪ ٿي سگهندو آهيان. جنهن جو واحد سبب نوڪري جي مجبوري (requirement) ۽ پري جا پنڌ رهيا آهن. اهڙي طرح پاڙي ۾ به هرڪو عزيزن واري حيثيت ڏيندو آهي.

14. اوھان جا سنگت ساٿ سان لڳ لاڳاپا ۽ رويا؟
تمام بهترين.. مونسان اڄ تائين ڪو سنگت وارو ناراض ناهي رهيو. جنهن ڪري دوستي جو انگ وڌندو آهي، کٽندو ناهي.

15. اوھان جي پسند جو رنگ ۽ خوشبو؟
آسماني رنگ، خوشبوءَ ۾ موتئي جي خوشبو.

16. اوھان جي پسند جي سواري؟
ذاتي گاڏي / موٽر سائيڪل

17. اوھان جي اھڙي خواھش، جيڪا ٻڌائڻ پسند ڪريو؟
ڪاش ٻاراڻو وقت موٽي اچي.

18. مٽن مائٽن متعلق ڇا ٿا چاھيو؟
جتي به هجن خوش هجن.

19. سنگت ساٿ لاءِ ڇا ٿا چاھيو؟
جگ جگ جيئن(جڳ جڳ جيئن).

20. عام ماڻھو ڪيئن ۽ ڪھڙا ھجڻ گهرجن؟
بس ماڻهو هجڻ کپي، جنهن کي اشرف المخلوقات جو درجو مليل آهي.

21. اوھان ڪو پيغام ڏيڻ چاھيو، ته ضرور لکو؟
هن وقت ته اهوئي پيغام آهي، ته دنيا وبائن جي لپيٽ ۾ آهي. ان کان بچڻ / صحتمند رهڻ لاءِ جيترو وقت گهر ۾ گذاري سگهجي ٿو، ته گذارجي.

Good Wishes