اقبال بلوچ ترتيب: مٺل جسڪاڻي

WhatsApp Image 2020 05 22 at 11.47.23 PMاقبال بلوچ: مختصر تعارف ۽ ويچار

ترتيب: مٺل جسڪاڻي

اقبال بلوچ سان پهرين ملاقات ممتاز مرزا آڊيٽوريم هال، سنڌ ميوزيم حيدرآباد جي سامهون، سج لهڻ مهل واري ٿڌڙي شام جو ٿي هئي. پاڻ سندس وڏي ڀاءَ ناصر بلوچ سان گڏ هو. ان سان به هي پهرين ملاقات هئي. ملڻ جو سبب اسان ٽنهي جو مشترڪه دوست هو. ان جو نالو اقبال ۽ ناصر بلوچ جي امتحان طور نه ٿو لکان!

ان کان پوءِ ملاقاتن جو ئي نه، ڪچهرين جو سلسلو شروع ٿيو، ته اهو صرف ڪچهرين تائين ئي نه، ذاتي سک سور سلڻ تائين پهتو. ڪتابن جي ڏيتي ليتي تائين پهتو. ٻئي ڀائر مون کي سندن ڪتاب مفت ۾ ڏئي، مون کان پڙهڻ ۽ انهن تي لکڻ جو پورهيو ڪرائيندا رهيا آهن.
اسان هڪ ٻئي وٽ آيا ويا به آهيون، ته ڪن ادبي تقريبن ۾ اتفاق سان ته ڪن ۾ وري ملڻ جو اڳواٽ طئه ڪري به ملندا رهيا آهيون.

ٻنهي ڀائرن جو مون تي ۽ منهنجوانهن ٻنهي تي ڇا ڇا قرض آهي، سو ته قطعي ڪو نه لکبو، پر ٻنهي جو مون تي انبڙين جي چٽڻي جو قرض آهي، جيڪو تڏهن لهي سگهندو، جڏهن انبڙين جي موسم ۾ ڪَهي ايندا. اڪيلا ايندا يا ڊاڪٽر جوڻيجي کي به وٺي ايندا، اها سندن مرضي ۽ ڊاڪٽر جوڻيجو اوهان ڪهڙو ٿا سمجهو، اها هڪ اوهان جي مرضي ته ٻيءَ ٻنهي ڀائرن ۽ ڊاڪتر جوڻيجي جي مرضي ته سڄو نالو لڪائين ٿا يا ظاهر ٿا ڪن!

دل ۾ نه ڪجو. آئون گهڻو نه ٿو لکان. اقبال بلوچ جو مختصر تعارف ۽ سندس مختصر ويچار اوهان سان جيئن جو تيئن، ڪاپي پيسٽ وسيلي ونڊ ٿو ڪريان، ان اميد سان ته اوهان کي هي ڳالهه ٻولهه وڻندي ۽ ان جو اظهار، اوهان پنهنجي مثبت راءِ ۾ ڪندا.

١. اوھان جو نالو؟
محمد اقبال بلوچ / اقبال بلوچ.

٢. ولديت ذات سميت؟
حسن علي بلوچ ـ ڪھيري بلوچ ـ ڪاغذن ۾ چانڊيو بلوچ.

٣. رھائشي پتو (ڄمڻ جي تاريخ ۽ هنڌ)؟
جنم پهرين ڊسمبر 1956ع، تلھار شهر، ضلع بدين، ھاڻي ڪراچي ۾ رهائش آهي، بدين ۽ حيدرآباد شهر ۾ به رهڻ ٿيو.

۴. تعليم؟
ايم اي ـ ايل ايل بي.

۵. ڪرت (پيشو)؟
سرڪاري ملازم رٽائرڊ / ٽريزري آفيس، حيدرآٻاد.

٦. ترجيحاتي مصروفيتون، وندر؟
ادب سان دلچسپي

٧. ليکڪ آھيو ته شاعر، ڪھاڻيڪار، ناول نويس، مضمون نگار يا ڇا ڇا لکندا آھيو؟
ھر صنف تي لکيو اٿم پر بنيادي طرح ڪھاڻيڪار آھيان. منھنجا
ست ڪتاب ڇپيل آهن.

٨. مطالعي ۾ ڇا پڙھڻ کي اوليت ڏيو ٿا؟
ڪھاڻيون ـ ناول ۽ آتم ڪٿا وغيرہ...

٩. سير سفر، اوھان جي نظر ۾؟
سير سفر زندگي لاء ضروري آهي.

١٠. ڪچھريون، اوھان جي نظر ۾؟
ڪچھرين سان محبتون وڌن ٿيون.

١١. ادبي تقريبون، اوھان جي نظر ۾؟
وس آھر يا وقت آھر ادبي سرگرمين ۾ شامل ٿيندو آھيان.

١٢. سماجي ڪم ۽ تقريبون، اوھان جي نظر ۾؟
زندگي جو حصو بنائجن.

١٣. اوھان جا عزيزن سان لڳ لاڳاپا ۽ رويا؟
محبتن ڀريا.

١۴. اوھان جا سنگت ساٿ سان لڳ لاڳاپا ۽ رويا؟
محبتن ڀريا.

١۵. اوھان جي پسند جو رنگ ۽ خوشبو؟
اڇو / ڪارو.

١٦. اوھان جي پسند جي سواري؟
ڪار.

١٧. اوھان جي اھڙي خواھش، جيڪا ٻڌائڻ پسند ڪريو؟
دنيا گھمڻ جي خواھش / ۽ ٻي خواھش ٻڌائڻ پسند نه ڪندس.

١٨. مٽن مائٽن متعلق ڇا ٿا چاھيو؟
مٽن مائٽن جي موجودگي ضروري سمجھان ٿو زندگي ۾.

١٩. سنگت ساٿ لاءِ ڇا ٿا چاھيو؟
سنگت ڏک سک ۾ ڪم اچي ٿي.

٢٠. عام ماڻھو ڪيئن ۽ ڪھڙا ھجڻ گهرجن؟
Give / take

٢١. اوھان ڪو پيغام ڏيڻ چاھيو، ته ضرور لکو:
خوشيون ۽ محبتون جيتريون وٺي ڏئي سگهجنa

Good Wishes