انجنيئر عبدالوھاب سهتو ترتيب: مٺل جسڪاڻي

انجنيئر عبدالوھاب سهتو: مختصر تعارف ۽ ويچار

WhatsApp Image 2020 05 22 at 11.45.37 PMترتيب: مٺل جسڪاڻي

مهربان پڙهندڙو! فيس بوڪ انٽرويو سلسلي جي ٽئين ڪڙي ۾ پهاڪن، چوڻين، ورجيسين، محاورن ۽ اصطلاحن تي شايد سنڌ ۾ ٻين سڀني کان گهڻو ڪم ڪندڙ محقق ۽ ڪهاڻيڪار انجنيئر عبدالوھاب سهتي جو مختصر تعارف ۽ سندس ڪجهه ويچار اوهان جي نظر ڪجن ٿا. اميد ته قبول پوندا.

اوهان جي محبتن ڀري مثبت موٽ، اوهان لاءِ وڌيڪ معلومات ۽ بهتر ويچار ونڊڻ لاءِ اتساهه بڻبا. اوهان جي مطالعي منتظر سوال جواب آهن:

1. اوھان جو نالو
عبدالوھاب.

2. ولديت ذات سميت
محمد بچل سھتو.

3. رھائشي پتو (ڄم جي تاريخ ۽ ھنڌ سميت)
ڄم پنج مئي ۱۹۵۹ع، ڄم جو ھنڌ ڳوٺ ڄام نورالله، تعلقو ڪنڊيارو، ضلع نوابشاھ/ نوشھروفيروز، موجودھ پتو: ۸۹- پروفيسرس ڪالوني، گھٽي -۳، قنبر روڊ، لاڙڪاڻو.

4. تعليم
بي اي (سول) (سال ۱۹۸۴ع) ، ايم اي (سنڌي) (سال ۱۹۹۳ع).

5. ڪرت
پيشو: انجنيئر.
ڌنڌو/ ڪار: پرنسپال، لاڙڪاڻه گرامر اسڪول، لھر ڪالوني، ميرو خان روڊ، لاڙڪاڻو.

6. ترجيحاتي مصروفيتون، وندر
پڙھڻ، لکڻ، بلاگنگ ۽ فيسبڪ تي چئٽ.

7. ليکڪ آھيو تہ شاعر، ڪھاڻيڪار، ناول نويس، مضمون نگار يا ڇا ڇا لکندا آھيو
ڪھاڻيڪار (ڪھاڻين جا ٽي مجموعا)، مضمون نگار (چند مضمون)، مترجم (چند مضمونن جا). ۲. لوڪ ادب ۾ پھاڪا ۽ چوڻيون (سورھن کن ڪتاب ڇپيل). لغتيات (ورجيسون؛ پسمنظر ۽ ڪارج)

8. مطالعي ۾ ڇا پڙھڻ کي اوليت ڏيو ٿا
نثر (افسانا، مضمون/ مقالا، ڪالم). شاعريءَ ۾ فقط شاھ جو رسالو.

9. سير سفر، اوھان جي نظر ۾
چڱو آھي، پر ھوند سان. بشرطيڪ ساٿي خوبصورت ھجي، موسم سھاني ھجي، روڊ رستا شاندار ھجن، گاڏي آرامده ھجي، ڊرائيور خوبرو ۽ فرمانبردار ھجي، پنھنجي صحت سالم ھجي.

10. ڪچھريون، اوھان جي نظر ۾
سدا قائم ھجن. سٺيون آھن. شرط اھو آھي ته منجھن ويٺل محفل جا مور، گفتي جا ڄاڻو، لفظن جا سپورنج، سخن چين، سخن ور، سخن دان، ديده ور، دل کولي داد ڏيندڙ ھجن.

11. ادبي تقريبون، اوھان جي نظر ۾
چڱيون. اڻيھي نه ھجن. زندگيءَ ۾ ھڪ اڌ يادگار تقريب پڻ ٿيڻ گھرجي. بشرطيڪ مندوبين مانائتا/ شانائتا، علم جا ڄاڻو، گفته شناس، گفتگو جا ماھر، ادب شناس، اديب/ ادب سان پيش ايندڙ، لفظن جا گوھر سندن چپن تي ھجن. نه ڊاڙي لٻاڙي ھجن، نه گلم جا توبچي ھجن. نه گفتي جا غازي ھجن، نه ٺڪائي ٻٽاڪي ھجن.

12. سماجي ڪم ۽ تقريبون، اوھان جي نظر ۾
تمام ڀليون. شرط اھو آھي ته نيڪ نيتيءَ تي مبني ھجن. اھڙو لڪائي سخا ڪجي جو وٺندڙ وٺندي عار محسوس نه ڪري، ڏيندڙ جا ڏيندي ھٿ سور نه ڪن. نام نمود، ديد شنيد کان پري ھجي.

13. اوھان جا عزيزن سان لڳ لاڳاپا ۽ رويا
ڳنڍڻ وارا، برداشت ۽ سھپ سان جيترو ھلي سگھن. وري ڀرم رکڻ وارو رب ڪريم آھي، تنھن کي پارت آھي.

14. اوھان جا سنگت ساٿ سان لڳ لاڳاپا ۽ رويا
سھپ ۽ برداشت وارا. شرط اھو آھي ته اڳلا به پٽ پٽان نه ڪن.

15. اوھان جي پسند جو رنگ ۽ خوشبو
آف وھائيٽ ۽ آسماني.
مٽيءَ تي ڇڻڪار سان اٿيل ھٻڪار جي مھڪ واري خوشبوءِ وڻندڙ، فرحت بخش آھي. ٻين خوشبوئن سان مٿي ۾ سور پوندي دير نه ٿيندي آ.

16. اوھان جي پسند جي سواري
چؤ-ڦيٿي. ماڊل نئون ۽ ايئر ڪنڊيشنڊ، آرامده، پيٽرول اڻ-ميو، اسٽيئرنگ پنھنجي ھٿ ۾ ھجي.

17. اوھان جي اھڙي خواھش، جيڪا ٻڌائڻ پسند ڪريو
ھزارون خواھشين ايسي ڪه ھر خواھش پي دم نڪلي، بھت نڪلي ارمان ميري، ڦر ڀي بھت ڪم نڪلي. بھرحال دنيا جون خواھشون ڌارجن، ته ھزارين آھن. رب پاڪ انھن کان پناھ ۾ رکندو. بس کانئس اھا تمنا آھي ته ھلنديءَ ھلائي، ڪنھن جو محتاج نه ڪري، نه ڪنھن جو ڳيجھو ڪري.

18. مٽن مائٽن متعلق ڇا ٿا چاھيو
الله کين سدائين آباد رکي، ڪا تڪليف نه ڏئين. اگر انھن تي تڪليف آئي، اھا ڦري پاڻ تي ايندي. اسان کي ھجي نه ھجي، انھن کي ضرور ھجي. ور نه ته عربي چوڻي آھي؛ الاقارب کالعقارب.

19. سنگت ساٿ لاءِ ڇا ٿا چاھيو
الله سدا آباد رکين. سدا خوش ھجن. اھي خوش آھن، اسان خوش آھيون. انھن جي خوشيءَ ۾ اسان جي خوشي آھي. انھن جي تڪليف، اسان جي تڪليف آ.

20. عام ماڻھو ڪيئن ۽ ڪھڙا ھجڻ گهرجن
الله ﷻ سڀني کي سوچي سمجھي ٺاھيو آھي. ظاھر توڙي باطن، صورت توڙي سيرت. جيڪي به آھن، تمام ڀلا آھن. الله ﷻ جي جوڙ تي ڪو به اعتراض ناھي. تمام سھڻي آھي. اگر مون کي سمجھ ۾ نه ٿي اچي ته منھنجي سمجھ جي ڪمي ڪوتاھي آھي.

21. اوھان ڪو پيغام ڏيڻ چاھيو، تہ ضرور لکو
محنت ۾ عار نه سمجھڻ گھرجي. جيڪو به ڪم ڪجي سچتائيءَ سان ڪجي. منجھس ڪو به جھول نه ڇڏجي. دل و جان سان، بنا ڪنھن ناغي يا ڪوتاھيءَ/ ڪاھليءَ جي ڪجي.

Good Wishes