حبيب ساجد  ترتيب: مٺل جسڪاڻي

WhatsApp Image 2020 05 22 at 11.44.19 PM1حبيب ساجد: مختصر تعارف ۽ ويچار

حبيب ساجد جا ٿورا نہ ٿورا، جنھن ٿوري وقت ۾ سندس تعارف ۽ من اندر جي منشا موڪلي. اميد تہ پڙھندڙن کي ھي ونڊ بہ وڻندي.

سوال ۽ انھن جا جواب:

1. اوھان جو نالو
حبيب الله بلوچ.... حبيب ساجد

2. ولديت ذات سميت
رحمت الله کورکاڻي بلوچ

3. رھائشي پتو، ڄمڻ جي تاريخ ۽ ھنڌ سميت
25 ڊسمبر 1968، ڳوٺ... گل محمد بلوچ، نزد ڪوٽ مير محمد، تعلقو ڪنگري، ضلع خيرپور.
... هاڻوڪي رهائش... ماڪا ڳوٺ، نزد سکر بورڊ، سکر.

4. تعليم.
ماسٽرس... آثار قديمه

5. ڪرت (پيشو)
ٽرين انچارج... ريلويز سکر ڊويزن.

6. ترجيحاتي مصروفيتون، وندر.
ڪتاب پڙهڻ، موويز ڏسڻ ۽ انٽرنيٽ سرفنگ.

7. ليکڪ آھيو تہ شاعر، ڪھاڻيڪار، ناول نويس، مضمون نگار يا ڇا ڇا لکندا آھيو..
ٿورو ٿورو..... سڀ

8. مطالعي ۾ ڇا پڙھڻ کي اوليت ڏيو ٿا.
ڏيهي ۽ پرڏيهي ادب.

9. سير سفر، اوھان جي نظر ۾.
سدا سفر تي هوندو آهيان مگر ٽرين ۾... ۽ خانيوال تائين

10. ڪچھريون، اوھان جي نظر ۾...
هڪ ٻئي کي سمجهڻ جي ناڪام ڪوشش..

11. ادبي تقريبون، اوھان جي نظر ۾...
رڳو پٽاڙون، رڳو وعده

12. سماجي ڪم ۽ تقريبون، اوھان جي نظر ۾...
زندگيءَ جو بهترين استعمال.

13. اوھان جا عزيزن سان لڳ لاڳاپا ۽ رويا..
فرينڪ ناهيون... بس ڪم ڪار جيترو تعلق.

14. اوھان جا سنگت ساٿ سان لڳ لاڳاپا ۽ رويا..
ڪجهه سان بيحد گهرا، ڪن سان بيحد ڇڊا.

15. اوھان جي پسند جو رنگ ۽ خوشبو.
پيلو ۽ هلڪو گلابي... خوشبو جاسمين

16. اوھان جي پسند جي سواري..
مهراڻ ڪار مگر غزل ڪليڪشن سان.

17. اوھان جي اھڙي خواھش، جيڪا ٻڌائڻ پسند ڪريو..
پراگ گهمڻ جو خواب

18. مٽن مائٽن متعلق ڇا ٿا چاھيو..
بس نالي ماتر... ڪي ته آلن ٽوئن ۾ ساڙڻ جهڙا...

19. سنگت ساٿ لاءِ ڇا ٿا چاھيو...
ڪا ڪا سنگت ساه جي ويجهو ۽ ڪا ڪا باه جي ويجهو..

20. عام ماڻھو ڪيئن ۽ ڪھڙا ھجڻ گهرجن..
ساده ۽ سلوڻا...

21. اوھان ڪو پيغام ڏيڻ چاھيو، تہ ضرور لکو
جن وٽ ڏکندو ڏور ٿئي... انهن وٽ لڙي به وڃجي..

Good Wishes