امام راشدي ترتيب: مٺل جسڪاڻي

WhatsApp Image 2020 05 22 at 11.43.19 PMامام راشدي: مختصر تعارف ۽ ويچار

ترتيب: مٺل جسڪاڻي

فيس بوڪ انٽرويو جي اعلان کان پوءِ ھڪ ڪلاڪ اندر پھتل پھرئين ڪڙي پيش ڪندي مون کي تمام گهڻي خوشي ان ڪري ٿي رھي آھي، تہ مون کي مثبت موٽ ملڻ ۾ ويرم ئي نہ لڳي.

اميد تہ ھي پھرين ڪڙي، ڊگهي سنگهر جوڙيندي، ممڪن آھي، تہ اڳتي ھلي، ڪتاب جي صورت ۾ شايع ٿئي.

سوالن جا جيڪي به، جيئن به جواب مليا، اهي حاضر آھن، اوهان جي مثبت راءِ جو انتظار رهندو.

اوھان جو نالو:
سيد امام المتقين شاھ، قلمي نالو امام راشدي.

ولديت ذات سميت:
سيد بدر الدجيٰ شاھ.

رھائشي پتو (ڄمڻ جي تاريخ ۽ ھنڌ سميت):
03 ڊسمبر 1960ع، محله پير جو ڳوٺ - نئون ديرو

تعليم:
ايم اي سنڌي

ڪرت (پيشو):
پرائمري استاد

ترجيحاتي مصروفيتون، وندر:
دعا، سڳا ۽ تعويذ لکڻ.

ليکڪ آھيو ته شاعر، ڪھاڻيڪار، ناول نويس، مضمون نگار يا ڇا ڇا لکندا آھيو؟
تحقيق ۽ ٻاراڻو ادب.

مطالعي ۾ ڇا پڙھڻ کي اوليت ڏيو ٿا؟
تاريخ، آتم ڪٿا، سفرناما

سير سفر، اوھان جي نظر ۾؟
سير سفر کان سواءِ انسان ڄڻ ته انڌو آهي.

ڪچھريون، اوھان جي نظر ۾؟
ڪچھري ضروري ۽ نھايت اھم آھي، ڪچھريءَ سان قربت وڌندي آهي.

ادبي تقريبون، اوھان جي نظر ۾؟
ادبي تقريبون ادب جي ڦهلاءَ ۽ اتساھ ڏيارڻ ۾ معاون ثابت ٿين ٿيون.

سماجي ڪم ۽ تقريبون، اوھان جي نظر ۾؟
سماجي ڪم ۽ تقريبون اوليت جي بنياد تي ٿيڻ کپن، حقوق العباد به آھي.

اوھان جا عزيزن سان لڳ لاڳاپا ۽ رويا؟
منھنجا ڪن عزيزن سان لڳ لاڳاپا ۽ رويا ٺيڪ آھن ۽ ڪن سان درست ناھن، جو مون کي نٿا سھن.

اوھان جا سنگت ساٿ سان لڳ لاڳاپا ۽ رويا؟
سنگت ساٿ سان لڳ لاڳاپا رويا ڪجھ ٺيڪ ته ڪجھ نامناسب رھيا آھن، دوستن دوستيءَ ۾ ڏاڍا ڏک ڏنا.

اوھان جي پسند جو رنگ ۽ خوشبو؟
پسند جو رنگ نيوي بليو ۽ خوشبو گلاب.

اوھان جي پسند جي سواري؟
پسند جي سواري موٽرسائيڪل.

مٽن مائٽن متعلق ڇا ٿا چاھيو؟
مٽ مائٽ عظيم سرمايو آهن، پر ھاڻي رشتا ٽٽندا وڃن ٿا.

سنگت ساٿ لاءِ ڇا ٿا چاھيو؟
سنگت ساٿ وڏي دولت آھي، پر ھاڻي سنگت مطلب جي ٿي پئي آهي.

عام ماڻھو ڪيئن ۽ ڪھڙا ھجڻ گهرجن؟
عام ماڻھو ھر حال وارا ھجن، ادب اخلاق پھريون شرط آھي.

اوھان ڪو پيغام ڏيڻ چاھيو، ته ضرور لکو:
منھنجو پيغام محبت آهي، پوء جيستائين پھچي

Good Wishes