ايازلطيف دايو ترتيب: مٺل جسڪاڻي

WhatsApp Image 2020 05 22 at 11.37.43 PMايازلطيف دايو: مختصر تعارف ۽ ويچار

ترتيب: مٺل جسڪاڻي

منهنجي نظر ۾ ايازلطيف دايو اهڙين چند شخصيتن ۾ شمار ٿئي ٿو، جن تي منهنجو لکڻ گهڻو ضروري نه آهي. منهنجي لاءِ اهو اعزاز آهي، ته اياز به اهڙين ئي تمام ٿورڙين شخصيتن مان هڪ آهي، جن منهنجي هن فيس بوڪ انٽرويو سلسلي کي مانُ بخشي، منهنجي عام دعوت کي خاص سمجهي، سوالن جا جواب ڏياري موڪليا. ۽ مون ۾ اهو ويساهه وڌايو، ته مون اهڙو ڪم هٿ ۾ کنيو آهي، جنهن ۾ حصو وٺڻ لاءِ، ذاتي طور، ڪنهن کي به چوڻ جي ضرورت نه آهي. اوهان جي مثبت راءِ جو آئون ته منتظر رهيو آهيان، هن ڪڙي جي حوالي سان، اوهان جي راءِ لاءِ اياز به انتظار ڪندو، مهرباني.

1. اوھان جو نالو؟
اياز احمد (ادبي نالو: ايازلطيف دايو).

2. ولديت ذات سميت؟
حاجي خان محمد دايو.

3. رھائشي پتو (ڄمڻ جي تاريخ ۽ هنڌ سميت)؟
پهرين جنوري اوڻيهہ سو پنجاهٺ، محلو رحموالي، تعلقو ۽ ضلعو گهوٽڪي.

4. تعليم؟
بي. ڪام، ايم. اي اڪانامڪس، ايم. بي. اي (فائنانس) ۽ ايل. ايل. بي.

5. ڪرت (پيشو)؟
نيشنل بينڪ ۾ ملازم.

6. ترجيحاتي مصروفيتون، وندر؟
صبح کان رات تائين نوڪري جي حوالي، باقي وقت ادبي ۽ سماجي سرگرمين ۾.

7. ليکڪ آھيو ته شاعر، ڪھاڻيڪار، ناول نويس، مضمون نگار يا ڇا ڇا لکندا آھيو؟
شاعري، ڪهاڻيون ۽ اخبارن ۾ ڪالم.

8. مطالعي ۾ ڇا پڙھڻ کي اوليت ڏيو ٿا؟
شاعري، ناول، تاريخ ۽ باقي سڀ ڪتاب.

9. سير سفر، اوھان جي نظر ۾؟
زندگيءَ جي حسناڪين کي پروڙڻ جي لاءِ بيحد ضروري آهي.

10. ڪچھريون، اوھان جي نظر ۾؟
ڪچهريون، اوڀاريون لهواريون، اسانجي سنڌي سماج جو اٽوٽ حصو آهن.

11. ادبي تقريبون، اوھان جي نظر ۾؟
باشعور قومن جي سڃاڻپ انهن ادبي پروگرامن جي ذريعي ٿيندي آهي.

12. سماجي ڪم ۽ تقريبون، اوھان جي نظر ۾؟
پنهنجي انفرادي عمل لاءِ هر ماڻهو زندگي گذاري ٿو، پر جيستائين اجتماعيت جو جذبو ناهي، ته اها زندگي بيڪار آهي.

13. اوھان جا عزيزن سان لڳ لاڳاپا ۽ رويا؟
تمام بهترين ۽ محبتن وارا آهن.

14. اوھان جا سنگت ساٿ سان لڳ لاڳاپا ۽ رويا؟
دوستن ۽ سنگت ساٿ کانسواءِ زندگي اڌوري آهي.

15. اوھان جي پسند جو رنگ ۽ خوشبو؟
رنگ گلابي ۽ خوشبو پنهنجي ڇڪ پاڻ رکندي آهي.

16. اوھان جي پسند جي سواري؟
ڪلٽس ڪار، اولڊ ماڊل.

17. اوھان جي اھڙي خواھش، جيڪا ٻڌائڻ پسند ڪريو؟
سنڌ مان فضول قسم جو هوٽل ڪلچر ختم ٿيڻ گهرجي، ديس جي مڪمل خوشحالي، سنڌ ديس جا سڀ وسيلا، سنڌي ماڻهن جي هٿن ۾ هجن.

18. مٽن مائٽن متعلق ڇا ٿا چاھيو؟
ننڍن اختلافن کي ختم ڪرڻ گهرجي، هڪٻئي جي احساسن کي اوليت ۽ عزت ڏيڻ گهرجي.

19. سنگت ساٿ لاءِ ڇا ٿا چاھيو؟
سنگت جي خوشحال زندگيءَ جي لاءِ هر قدم تي نيڪ تمنائون ۽ دعائون گڏ آهن.

20. عام ماڻھو ڪيئن ۽ ڪھڙا ھجڻ گهرجن؟
ڪنهن به رنگ، نسل، ٻولي ۽ مذهبي مت ڀيد جي ميٺ محبت بنيادي منشور هجڻ گهرجي.

21. اوھان ڪو پيغام ڏيڻ چاھيو، ته ضرور لکو؟
پيغام جي بدران بس هڪ وينتي ڪندس ته هر سنڌي ماڻهو کي پنهنجي گهر ۾ هڪ لائبريري هجڻ گهرجي، جنهن ۾ ادب، فلسفو، تاريخ، تهذيب ۽ هر ٻوليءَ جا ڪتاب هجڻ گهرجن، پر شاهه لطيف جو رسالو ته لازمي هجڻ گهرجي.

 

Good Wishes