اياز عمراڻي ترتيب: مٺل جسڪاڻي

WhatsApp Image 2020 05 22 at 11.36.54 PMاياز عمراڻي: مختصر تعارف ۽ ويچار

ترتيب: مٺل جسڪاڻي

اياز عمراڻي سان روبرو وارين روح رهاڻين جي ڀيٽ ۾ سندس تخليقن سان وڌيڪ ويجهڙائي رهي اٿم. کل ڀوڳ جهڙو محسوس نه ٿيندو آهي، پر برداشت ڀلي کانئس کان ئي سکجي. اهو سڀ ڪجهه هن ميل جول مان سکيو، پڙهي پرائڻ مان سکيو. سندس مختصر تعارف ۽ ويچار پڙهي، پڙهندڙ ڇا سکندا، اها خبر سندن راين مان پوندي.

1. اوھان جو نالو؟
غلام حيدر، ادبي نالو اياز عمراڻي۔

2. ولديت ذات سميت؟
محمد يعقوب عمراڻي.

3. رھائشي پتو (ڄمڻ جي تاريخ ۽ ھنڌ سميت)؟
پهرين جنوري، 1969ع، گهر نمبر 23، بلاڪ A، گلشن حيدر ٽائون، ميرپورخاص۔

4. تعليم؟
ايم اي، ايم ايڊ.

5. ڪرت؟
سرڪاري ملازمت، تعليم کاتو سنڌ.

6. ترجيحاتي مصروفيتون، وندر؟
لکڻ ۔ پڙھڻ، سير تفريح.

7. ليکڪ آھيو ته شاعر، ڪھاڻيڪار، ناول نويس، مضمون نگار يا ڇا ڇا لکندا آھيو؟ ڪو/ڪي ڪتاب به ڇپيا آھن يا؟
شاعر ۽ نثرنگار، ڇپيل ڪتاب 01 ”لکاڪي ۾ چنڊ“ شاعري، اڻ ڇپيل ڪتاب 01 ”تنهنجي ڳليءَ جون ڳالهيون“ جنم ڪٿا، 02 ”پروفائيل ۔ خاڪا ۽ مضمون“، 03 ”شاعري“۔

8. مطالعي ۾ ڇا کي اوليت ڏيو ٿا؟
تاريخ ۔ ادب ۽ فلسفو.

9. سير سفر، اوھان جي نظر ۾؟
سير تفريح ھر ماڻهو لاءِ ضروري آھي۔ مون سڄي سنڌ گهمي آھي۔ وادي نيلم، وادي ناران، اتريان علائقا، ايران ۽ عراق گهميو آھيان۔

10. ڪچھريون، اوھان جي نظر ۾؟
ڪچهريون تمام ضروري آھن۔ ڪچهريون نان فارمل ادارن جي ذمري ۾ اچن ٿيون۔

11. ادبي تقريبون، اوھان جي نظر ۾؟
موجوده وقت ۾ ٿيندڙ ادبي پروگرامن ۾ لابيون ۽ سطحي پڻو حاوي آھي، پر وقت سان گڏ سڀ ڪجھ ٺيڪ ۽ بهتر ٿي ويندو۔

12. سماجي ڪم ۽ تقريبون، اوھان جي نظر ۾؟
سماجي خدمت عظيم تر عبادت آھي۔

13. اوھان جا عزيزن سان لڳ لاڳاپا ۽ رويا؟
منهنجا، منهنجي عزيزن قريبن سان بي لوث ۽ سٺا لاڳاپا آھن۔

14. اوھان جا سنگت ساٿ سان لڳ لاڳاپا ۽ رويا؟
سنگت جو حلقو وسيع آھي۔ سڀني دوستن ۽ احبابن سان بنا ڪنهن غرض جي بهتر لاڳاپا آھن۔ ڪي دوست ھينئين ٿوڻيون آھن۔

15. اوھان جي پسند جو رنگ ۽ خوشبو؟
ڳاڙھو.

16. اوھان جي پسند جي سواري؟
ڪرولا ڪار.

17. اوھان جي اھڙي خواھش، جيڪا ٻڌائڻ پسند ڪريو؟
ھزارون خواھشين ايسي که ھر خواھش پي دم نڪلي۔

18. مٽن مائٽن متعلق ڇا ٿا چاھيو؟
مٽ مائٽ ڏاڍا ڀلا آھن۔

19. سنگت ساٿ لاءِ ڇا ٿا چاھيو؟
سنگت ساٿ مون لاءِ منهنجي ورٿ آھن۔

20. عام ماڻھو ڪيئن ۽ ڪھڙا ھجڻ گهرجن؟
مثالي معاشرو ھجي، جنهن ۾ ڪابه ٻه نمبري نه ھجي۔

21. اوھان ڪو پيغام ڏيڻ چاھيو، ته ضرور لکو؟
عورت جي آزادي کانسواءِ معاشي توڙي معاشرتي ترقي ٿي نٿي سگهي۔ عورت کي سڀ کان پهرين جنس بجاءِ انسان ٽريٽ ڪيو وڃي۔ مطالعي ۽ مشاھدي کي وڌ ۾ وڌ اھميت ھجي

Good Wishes