سرمد کوسو ترتيب: مٺل جسڪاڻي

سرمد کوسو: مختصر تعارف ۽ ويچار

ترتيب: مٺل جسڪاڻي

WhatsApp Image 2020 05 22 at 11.36.00 PMسرمد سهپ ۽ ساڃاهه وارو سيبتو نوجوان ليکڪ ۽ استاد آهي. منهنجو اندازو آهي ته جيڪو به سندس ڪا هڪ به تحرير پڙهندو، ته هن جي ٻيءَ، ٽئين، چوٿين ۽ جنهن به نمبر واري تحرير تي نگاهه پوندي، اها به پڙهندو. سرمد جي لڳ لاڳاپن، اٿڻ ويهڻ ۽ ڳالهائڻ ٻولهائڻ مان، سندس ٿيل تربيت جو به اندازو ٿيندو آهي، ته هن ۾ تربيت ڪرڻ جي جيڪا صلاحيت آهي، ان جو به اندازو ٿي ويندو آهي. مون کي يقين آهي ته فيس بوڪ انٽرويو جي هي ڪڙي به پڙهندڙن کي نه صرف وڻندي، پر ياد به رهندي. وڌيڪ تصديق ته ايندڙ راين مان ئي ٿي سگهندي.

1. اوھان جو نالو؟
سرمد

2. ولديت ذات سميت

سومار کوسو.

3. رھائشي پتو (ڄمڻ جي تاريخ ۽ ھنڌ سميت)؟
16 جون، 1986ع، ڳوٺ ڊاڪٽر سومار کوسو، ضلعو بدين.

4. تعليم؟
ايم اي سوشيالاجي، ايم ايس سي ڪيميسٽري، ايم ايڊ.

5. ڪرت (پيشو)؟
استاد.

6. ترجيحاتي مصروفيتون، وندر؟
لکڻ، پڙهڻ ۽ موسيقي ٻُڌڻ.

7. ليکڪ آھيو ته شاعر، ڪھاڻيڪار، ناول نويس، مضمون نگار يا ڇا ڇا لکندا آھيو؟ ڪو/ڪي ڪتاب به ڇپيا آھن يا؟
مون کي مضمون لکڻ سُٺو لڳندو آهي. تعليم جي موضوع تي مضمونن جو هڪ ڪتاب ”تنين کي تعليم جي“ شايع ٿيل آهي.

8. مطالعي ۾ ڇا پڙھڻ کي اوليت ڏيو ٿا؟
ڪهاڻيون، آتم ڪٿائون ۽ تاريخ.

9. سير سفر، اوھان جي نظر ۾؟
تاريخي ماڳن جو سير ڪرڻ تي دل چوندي آهي.

10. ڪچھريون، اوھان جي نظر ۾؟
تمام محدود ۽ هم خيال دوستن سان هجڻ گهرجن. گهڻي ڊيگهه مون کي وقت جو زيان لڳندي آهي. هاڻي روايتي ڪچهرين وارو وقت به ناهي رهيو. فڪري ۽ نظرياتي ڪچهريون سٺيون لڳنديون اٿم، جن مان گهڻو ڪجهه سِکڻ لاءِ ملي ٿو، پر افسوس اسان وٽ اهڙين ڪچهرين وارو ٽرينڊ ناهي. باقي رڳو هتان هُتان جو خبرون يا گلائون ڪري، پنهنجو ۽ ٻئي جو وقت وڃائڻ سٺو ناهي لڳندو.

11. ادبي تقريبون، اوھان جي نظر ۾؟
ٿيڻ کپن پر جيڪي اسان وٽ ادب جي نالي ۾ تقريبون ٿي رهيون آهن، سي ڪيتريون ادبي آهن؟ اِهو هڪ وڏو بحث آهي. آئون انهن ادبي تقريبن ۾ وڃڻ کان لنوائيندو آهيان.

12. سماجي ڪم ۽ تقريبون، اوھان جي نظر ۾؟
سماجي ڪم ۽ تقريبن وارو خيال ته سُٺو آهي، پر اسان وٽ جڏهن کان مختلف اين جي اوز جي لوڌ لٿي آهي، تڏهن کان اهي سڀ پنهنجي اهميت وڃائي ويٺا آهن.

13. اوھان جا عزيزن سان لڳ لاڳاپا ۽ رويا؟
اِهو عزيز ئي ٻُڌائي سگهن ٿا، مون کي خبر ناهي.

14. اوھان جا سنگت ساٿ سان لڳ لاڳاپا ۽ رويا؟
منهنجي سنگت تمام محدود آهي، منهنجي نظر ۾ هر دعا سلام وارو دوست ناهي هوندو. منهنجا اهي ٿورا دوست، مون کي منهنجين خامين باوجود پيار ڪن ٿا، جيڪو مون لاءِ ڪنهن اعزاز کان گهٽ ناهي.

15. اوھان جي پسند جو رنگ ۽ خوشبو؟
پسند جو رنگ ڪارو ۽ خوشبوءِ موتئي جي.

16. اوھان جي پسند جي سواري؟
ريل گاڏي، ريل گاڏي جي سواري دوران ڪو ڪتاب پڙهڻ، ڪو شعر لکڻ يا ڪا ڪهاڻي لکڻ تي دل چوندي آهي.

17. اوھان جي اھڙي خواھش، جيڪا ٻڌائڻ پسند ڪريو؟
دنيا مان سڀني ظالمن جو خاتمو ٿي وڃي. اهڙو ڏينهن اچي جو سڀ حرامخور مري پون.

18. مٽن مائٽن متعلق ڇا ٿا چاھيو؟
سدائين آباد ھجن.

19. سنگت ساٿ لاءِ ڇا ٿا چاھيو؟
سدائين سلامت هجن.

20. عام ماڻھو ڪيئن ۽ ڪھڙا ھجڻ گهرجن؟
جيڪو وڻين سو ٿين، پر رڳو منافقي ۽ ٻهروپيت نه ڪن.

21. اوھان ڪو پيغام ڏيڻ چاھيو، ته ضرور لکو؟
پنهنجي ضمير کي روشن رکو.

Good Wishes