مسڪين سمون ترتيب : مٺل جسڪاڻي

WhatsApp Image 2020 05 22 at 11.35.01 PMمسڪين سمون: مختصر تعارف ۽ ويچار

ترتيب: مٺل جسڪاڻي

مسڪين، تخلص ۾ مسڪين ضرور آهي، پر مطالعي، ڪچهرين ۽ لکڻ جي حوالي سان بلڪل به مسڪين نه آهي. سندس تعارف ۽ ويچار پهتا، پڙهيم، منهنجي ڀر ۾، سندس ڪم ۾ مصروف منهنجي پُٽ کي ٻُڌايم ۽ چيم ته هي انٽرويو پڙهڻ جهڙو آهي، ته ورندي ۾ چيائين آئون فيس بوڪ تان پڙهي وٺندو آهيان. پوءِ اسان ٻئي پنهنجي پنهنجي ڪم ۾ مصروف ٿي وياسين. شام جو، افطاري وقت، سڀ گڏ ٿياسين، ته منهنجي ان پُٽ ليپ ٽاپ گهرائي ورتو. اسان سڀ گڏ ويٺا هئاسين. منهنجي هڪ پُٽ سڄو انٽرويو پڙهيو ۽ ٻين ”سڀني“ ٻُڌو. اهو ساڳيو انٽرويو، پڙهندڙن جي نظر ڪجي ٿو، اميد ته مثبت موٽ ملندي.

1. اوھان جو نالو؟
سائين، منھنجو مائٽاڻو نالو احمد خان سمون آھي، پر ادبي نالو مسڪين سمون آھي. ادبي نالي جو به ھڪ عجيب پسمنظر آھي! ٿيو ائين جو آئون ستين ڪلاس ۾ پڙھندو ھوس. مون کان ھڪڙو سال اڳيان، اٺين ڪلاس ۾، ساڳئي اسڪول ۾ پڙھندڙ، ڀروارٖي ڳوٺ جو ڇوڪرو نورعلي ٽالپر (جيڪو چار سال کَن پهرين 2016ع ۾ وفات ڪري ويو آھي!!!!) منھنجي ڳوٺُ، پنھنجٖي ھڪ ڪلاس فٖيلوءَ کان اسڪولي ڪم فيئر ڪرڻ لاءِ، فيئر ڪاپي وٺڻ آيو ھو! ساڻس حُجتَ ۽ دوستي ھئي، سو کيسي ۾ ھَٿُ وِڌومانس ته ھڪڙو ڪاڳرُ نڪري آيو. جيڪو سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ وارٖي اٺين ڪلاس جٖي انگريزي ڪتابَ جو اندريون پَنُو ھو. جنھن تي ڪتابَ جي رائٽرس جا نالا لکيل ھئا. اُنھن مان ھڪڙو نالو ھو Miskeen Ahmed Mansoor. مون ڇا ڪيو جو منصور ڇڏي باقي مسڪين احمد ڪَٽي، پنھنجِيءَ ڇھين ڪلاس جِي عربيءَ جِي ڪاپيءَ تي چڙھيل خاڪِي ڪَوَرَ مٿان کوئنرَ سان چَنبڙائي ڇڏيو.. ۽ پوءِ ائين ”مسڪين“، منھنجو تخلص بنجي ويو!

2. ولديت ذات سميت؟
منھنجي والد صاحب جو نالو محمد رمضان سمون آھي. پاڻ اڻ ـ پڙھيل ھو! پورھيت طبقي جو ماڻهو ھو. خوداري سندس وڏي خوبي ھئي. چاپلوسي ڪرڻ نه ڄاڻندو ھو. حاضريون ڀرڻ ۽ اڳيان پويان ٿيڻ کي پسند نه ڪندو ھو! ان ڪري سدائين اڪيلو رھيو، پر سڄِي حياتي، پنھنجن اصولن تي قائم رھيو! ڪڏھن به پڇتاءُ نه ٿيس!!! چوندو ھو:
” ڀَلِي بُکَ ڀَرَمَ جِي شالَ مَ وَڃٖي شانُ!“
ھُو استادن جو ڏاڍو احترام ڪندو ھو. ھُو اڪثر ڳوٺ جي پرائمري اسڪول ۾ استادن سان ملڻ ويندو ھو. سندس حافظو ايترو سُٺو ھو، جو اسڪولي ٻارَ، استادن کي جيڪي بيتَ ياد يا ڏسي ٻُڌائيندا ھئا، سي اڪثر بابا کي ٻُڌِي ٻُڌِي ياد ٿي ويا ھئا! لوڪ ادب به گهڻو ياد ھئس!
بابا، روزي ۽ نماز جي پابندي ڪندڙ ماڻهو ھو. سچ مُنھَن تي چئي ڏيڻ سندس گُڻُ ھو. پاڻ 31 آگسٽ 1999ع تي اڱاري ڏينھن وفات ڪري ويو.

3. رھائشي پتو (ڄَمَ جي تاريخَ سميت)؟
منھنجي رھائش، ٽنڊي الھيار جي ڳوٺَ محمد صالح سمي ۾ آھي. اُن ئي ڳوٺَ ۾، 22ھِين آگسٽ 1975ع تي منھنجي پيدائش ٿي. ھيءُ ڳوٺ، سنڌ جو ھڪ قديمي ڳوٺ آھي.

4. تعليم؟
سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ ۾ ايم اي.

5. ڪِرت (پيشو)؟
آئون 25 اپريل 1996ع خميس جي ڏينھن کان خانگي تعليمي کاتي ۾ استاد طور ڪم ڪريان پيو. استاد جي عظيم پيشي سان لاڳاپيل ھئڻ ڪري، مون کي سِکڻ جا گهڻا موقعا مليا آھن. ۽ ٻئي طرف عزتون ۽ محبتون به گهڻيون مليون اٿم. جنھن ڪري پنھنجي استاد ھجڻ تي فخر محسوس ڪندو آھيان!!

6. ترجيحاتي مصروفيتون، وندر!؟
پڙھائڻ، پڙھڻ ۽ لکڻ.

7. ليکڪ آھيو ته شاعر، ڪھاڻيڪار، ناول نويس، مضمون نگار يا ڇا ڇا لکندا آھيو؟ اوهان جو ڪو ڪتاب؟
ٻئي! شاعري به ٿئي ٿي ۽ نثر به لکجي ٿو. مون کي ليکڪ وارو تعارف وڌيڪ وڻندو آھي.
مئٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ ڪاليج ۾ داخلا لاءِ بابا کان ورتل فيس مان ھٿ سان لکيل ”نئين لاٽ“ نالي فوٽو اسٽيٽ رسالي جو پهريون پرچو آندم. ان رسالي جا ٻارھن پرچا آيا. اھو رسالو ٽنڊي الھيار جي مختلف ڳوٺن ۽ شھرن ۾ ويندو ھو. نوان ليکڪ اڀريا.
مون روزاني بختوَر حيدرآباد ۾، جڏھن ان اخبار جا چيف ايڊيٽرز نالي وارا ڪھاڻيڪارَ ۽ اديبَ، سائين مدد علي سنڌي صاحب ۽ سائين جمال رند صاحب ھوندا ھئا، ھفتيوار ڪالمَ ” ڏُکِي، ڏُونگَرُ پاڻَ ۾!“ جي عنوان ھيٺ لِکيا. ان کان سواءِ مضمونَ، خاڪا، مقالا وغيرھ لکيا آھن. جيڪي مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجندا رھيا آھن. ماھوار صبوح جا به ڪجهه پرچا، ايڊيٽر طور آندم. ھڪڙي ڪچي ڦڪي ڪھاڻي به لکي، جيڪا ماھوار ”پچار“ ۾ فقير محمد ڍول صاحب ڇپي.
رھي ڳالهه ڪتابن جي ته منھنجو مواد ڪتابي صورت ۾ اڃا ناھي آيو! منھنجا اَٺَ کَنِ ڪتابَ تيار آھن. موقعو مليو ته ڇپائي وٺبا.
1. مون وتائي فقير تي ھڪ نئين رُخَ کان کان ڪتاب لکيو آھي!
2. سنڌ ۾ ھَليَل ھاري ھلچل ۽ تحريڪ جي اھم ڪردارن تي به ڪتاب لکيو اٿم.
3. ڪجهه اھم ۽ مشھور ڪتابن جو اڀياسي جائزو به لکيو اٿم.
4. شاھ جي شاعريءَ جي فڪري پاسن تي به ڪتابُ لکيو اٿم.
5. ھڪ ڪتابُ ساروڻين جو آھي.
6. فڪري مضمونن ۽ ڪالمن جو ڪتابُ.
7. پنھنجي مزاحمتي ۽ انقلابي شاعريءَ جو ڪتاب تيار آھي.
8. پنھنجي شاعريءَ جو ھڪ ٻيو مجموعو.
۽ مطمـئن نه ھئڻ ڪري چئن ڪتابن جيتري شاعري ۽ ھڪ ڪتابَ جيترو نثر، ساڙي ڇڏيم!!
اڄڪلهه ڪِن ٻين موضوعن تي به لکان پيو. (ڪتابن جا نالا ان ڪري نه ڏنا اٿم، جو متان نالن تي قبضو نہ ٿي وڃي!!!!!)

8. مطالعي ۾ ڇا پڙھڻ کي اوليت ڏيو ٿا؟
مطالعي ۾ فلسفو، سائنس، ادبُ، تاريخَ، نفسيات، لِسانيات، سياسيات، دنيا جا مذھبَ، سوشيالاجي وغيرھ منھنجي پسند جا موضوعَ آھن.

9. سير سفر، اوھان جي نظر ۾؟
ضرور ٿيڻ کپن. مشاھدي ۽ نيچر جي مطالعي لاءِ به ضروري آھن. تخليقي سَگَهه تي به اثر پوي ٿو.

10. ڪچھريون، اوھان جي نظر ۾؟
ڪو زمانو ھو، سنڌ ۾ ڪچھريون عروج تي ھيون. ڇا ته دور ھو!!
بس!
”ويا مور مري، ھَنجُهه نه رھيو ھيڪڙو“!!!! (شاھ)
منھنجٖي نانٖي جِي اوطاقَ ھئي. روز ڪچھريون ھيون. ھُو سال ۾ ٽي خيراتون عُرسُ، يارھين۽ رَجبِي، ڪندو ھو. 80 کان 100 تائين ديڳِيُون لَهنديون ھيون. رات جو مولودي ۽ سُگهڙَ محفل مچائيندا ھئا. ڀر واري ڳوٺ جو مشھور سُگهڙُ مرحوم رمضان ٽالپر به ايندو ھو. جنھن جو ڳُجهارت ڀَڃڻ وقت تَڪيو ڪلام ھوندو ھو: ” ھَل ٻانڊِي گُدامَ تي!!“... گهڻو ڪري مھمان ھوندا ئي ھئا. پوءِ وري استاد حاجُوءَ جو لُھارُڪو ھَٽُ مرڪز ٿيو!
ڪيڏو نه سٺو ٿئي، جو ڪچھريون وري جيارجن!! ياد رھي ته انھن ڪچھرين ۾ گلا نالي واري شيءِ ڪانه ھوندي ھئي!

11. ادبي تقريبون، اوھان جي نظر ۾؟
اِھي به ٿيڻ کپن. سماج کي جيئرو ۽ متحرڪ رکڻ لاءِ، اِنھن تقريبن جي وڏي ضرورتَ ۽ اھميتَ آھي. اَن عمل سان سماج ۾ گهڻ طرفا مثبت لاڙا ۽ رويا جنم وٺندا آھن. زندگي، جموديت کان بچي پوندي آھي!! نوان بحث جنم وٺندا آھن.

12. سماجي ڪَمَ ۽ تقريبون، اوھان جي نظر ۾؟
سماجي ڪَمَ ته بِنَهه ضروري آھن. ھاڻوڪي اين جي اوز ۽ ذات لاءِ جيئڻ واري فئملي ڪلچر واري زماني ۾، سماجي ڪم، جيڪي اڳي خدا جي خلق جي خدمت لاءِ خدا ڪارڻ ڪبا ھئا، سي ھاڻ نٿا ٿين يا گهٽجي ويا آھن. ھرڪو چوي ۽ سوچي ٿو ته مفت ۾ ڇو ڪريان! ڀلائي به بنا پئسي نه ڪريان. اھو لاڙو خطرناڪ، سماج دشمن ۽ انسانيت جو ويري آھي! اِھو لاڙو وڌڻ ڪري ماڻهو، ماڻهوءَ کان پَري ٿي ويو آھي! شاھ سائينءَ به ڄڻ ان پس منظر ۾ چيو آھي:
” پاڙٖي ناھِ پَروڙَ، ڪا راتِ رَنجائِي گُذرِي!“ (شاھ)
ماضيء’ ۾ ڏِسبو ته اسان جا ھندو ڀائر به ان ڪم ۾ اڳڀرا ھئا!! پکين لاءِ داڻو پاڻي رکڻ، وَڻَ پوکڻ، وڻن ھيٺ جانورن جي پيئڻ لاءِ حوضَ ٺھرائڻ، کُوھَ کوٺائڻ، مسافر خانا ٺھرائڻ، خيراتون ڪرڻ، سخاوتون ڪرڻ جھڙا ڪمَ شامل ھئا. ھاڻ ائين نٿو ٿئي.
منھنجٖي والد جي نانٖي (جيڪو منھنجي نانٖي جو والد ھو.) نصرپور ٽنڊي الھيار روڊ تي، ڪراچي ھوٽل اسٽاپ تي، ڪنھن زماني ۾، ورھاڱي کان اڳ، مسافرن لاءِ کُوھُ کوٽايو ھو. جيڪو پوءِ اتي جي ماڻهن طرفان سنڀالي نه ٿيڻ ڪري غالبن 90 واري ڏھاڪي جٖي شروع ۾ يا ٿورو پهرين پُورجي ويو... اتي ان سان گڏ مسجد به ٺھرائِي ھئي، جنھن جي ٻيھر مرمت ۽ پَڪِي ڇِتِ، سندس پُٽ (منھنجي نانٖي) 80 واري ڏھاڪي جي شروع ۾ ڪرائي ھئي، اھا مسجد اڃا موجود آھي.. اڳ ٻين انسانن لاءِ سوچبو ھو ۽ ھاڻ صرف پنھنجيءَ ذات ۽ خاندان لاءِ سوچيو وڃي ٿو.

13. اوھان جا، عزيزن سان لَڳَ لاڳاپا ۽ رويا؟
ڏاڍو اھم سُوالُ پُچيو اَٿوَ!! ان تي ھڪڙو پورو چئپٽر لکي سگھجي ٿو... اسان جو سڄو ڳوٺ سواءِ ھڪ خاندان جي، باقي سڀئي ھڪڙي ڏاڏٖي ”سڄڻ“ يا ڪِن روايتن موجب ”جيئندٖي“ جٖي ٽن پُٽن احسان، طيب ۽ عثمان جو اولاد آھي. جن جون قبرون نصرپور روڊ تي قائم ڳوٺ محمد صالح ھاليپوٽي ۾ ”خليفن وارٖي قبرستان ۾ آھن..
سنڌ جي ھر ڳوٺ وانگر، ھتي به نئين دور جون نيون ھوائون گُهليون آھن. (باقي شهرن ۾ وڻ وڻ ڪاٺِي ھُئڻ ڪري، ميارَ ناھي ھوندِي!) رشتن ۾ ڏارَ پيا آھن. رَتُ، اَڇو ٿيو آھي. ڪلفتون ڪاھي پيون آھن. جن جو تفصيلي ذڪر ساروڻين لکڻ ۾ ڪريان پيو...
بھرحال منھنجي ڪوشش ھوندي آھي ته رھيل رشتا قائم رھن. ٽُٽل رشتن سان به سهڻو سلوڪ رکندو آھيان.. ٻيو نه ته انھن جي غمين ۾ ڀرپور شرڪت ڪندو آھيان.. منھنجي مثبت رويي جي ڪري رُٺل توڙي پرتلن جو توڙي انھن جٖي اولادَ سان احترام جو رشتو قائم آھي.. وڏي خواھش اٿم ته ڳوٺ ۾ جلد تربيتي ڪلاسن جو سلسلو شروع ڪري، اھڙو ماحول پيدا ڪريان، جيئن نـئون نسلُ ھڪٻئي جٖي ويجھو اچي، ڪدورتون ۽ ڪلفتون دُور ٿين. منھنجٖي غير تڪراري رَوَيّٖي جي ڪري مون کي موٽ به سُٺي ملڻ جو يقين آھي.. اميد ته ھڪ نئين دور جي شروعات ڪرڻ ۾ ڪاميابي ملندي.

14. اوھان جا سنگت ساٿ سان لڳ لاڳاپا ۽ رَوَيّا؟
ڪوشش ڪري نڀائڻ جي ڪندو آھيان.
”اوھندِي او ڄاڻٖي، تون اَپڻِي توڙ نِڀاءِ!“
اِھو پھاڪو، اڪثر بابا ڏيندو ھو!!!

15. اوھان جِيءَ پسند جو رنگُ ۽ خوشبو؟
رنگ اڇو ـ ۽ خوشبوءِ موتيي جي!

16. اوھان جِيءَ پسند جِي سُواري؟
جيڪا آسانيءَ سان مِلٖي ۽ منزل تي پُڄائي.

17. اوھان جي اھڙي خواھش، جيڪا ٻُڌائڻ پسند ڪريو؟
مرزا غالب چواڻيءَ:
”ہزاریں خواہشیں ایسی کہ ہر خواہش پہ دم نکلے!“
خواھشون ته گهڻيون آھن، پر وڏي خواھش جيڪا آھي، اُھا اِھا ته ڳوٺ ۾ نئون محبتن وارو ماحول ٺاھيان. نئين نسل کي ھڪٻئي جي ويجھو آڻيان.

18. مِٽن مائٽن متعلق ڇا ٿا چاھيو!؟
انسانُ ھِڪُ سماجي جانور آھي، پر ھُو جن ڳالهين جي ڪري اشرف آھي، تن مان ھِڪَ اِھا آھي ته ھُو عامَ جانورنِ جي ڀيٽَ ۾، وَڳَرَ ۽ وَلَرَ جٖي حوالي سان، وڌيڪَ سُڌريل آھي! ان ڪري اسان کي، پنھنجٖي وَڳَرَ (مِٽن مائٽن) کي نه وسارڻ گهرجي!
عجيب اتفاق ھو!! بابا جا ڀائرَ ننڍيءَ وَھيءَ ۾ فوت ٿي ويا. انڪري مون کي ڪوبه سَؤٽ ڪونهي! ماما ويچارا به دنيا ۾ نه رھيا. ٽي فطري موت ۽ ھڪڙو چاچٖي ھٿان قتل ٿي ويو!!
امان کي ڪابه ڀيڻ نه ھئي، ان ڪري مونکي ماسات به ناھي!! بابا جا سؤٽَ ھئا!! پر اُنھن جا مِزاجَ پنھنجا ھئا.. سو بابا کي ۽ اسان کي پنھنجائپ ڪڏھن به محسوس ڪانه ٿي!!!
اڪيلو وڏو ڀاءُ ھو سو به آڪٽوبر 2004ع ۾ 30 سالن جي عمر ۾ موتَ کَسٖي ورتو!!!
”اسين بس رھياسين اڌورا اڌورا!!“ ( آڪاش انصاري)
جيڪر پنھنجا ھجن ۽ پنھنجو سمجهن ته، پنھنجو ٿي ڏيکارجٖي!!

19. سنگت ساٿ لاءِ ڇا ٿا چاھيو؟
خليل جبران چيو ھو: ”دوستيءَ ۾، روحَ جي گهاٽٖي ڳانڍاپي وڌائڻ کان سواءِ، ٻيو ڪوبه مطلبُ نه ھُئڻ گُهرجي!“
ڪنھن ٻئي ڏاھٖي چيو آھي ته: ”مون ڪجهه دوستَ، اُنَ ڪري وڃايا آھن جو، ھڪڙا موتَ کسي ورتا، ۽ ٻين کي اُن ڪري وڃائي ويٺس جو، مون انهن وٽ (ڪِن سببن جي ڪري) وڃڻ ڇڏي ڏنو!!“
ٻيو ڏاھو Thoreau چوندو ھو:
”منھنجي ڪمري ۾ ٽي ڪرسيون رکيل آھن. ھڪڙي تنھائيءَ لاءِ، ٻِي دوستيءَ لاءِ ۽ ٽِينۡ سماج لاءِ!“ وڏي ڳالهه ڪري ويو، جيڪر اسين سمجهون!
وفا پَليءَ چيو:
” وقتَ وارن جا وارَ سَهبا، پَرَ :
دوستن جو سُلُوڪُ مارٖي ٿو!“
آئون وِليَم بلئڪ سان سهمت ٿو ڪريان ته، ”ماڻهوءَ لاءِ دوستي، ائين ضروري آھي، جيئن پکيءَ لاءِ آکيرو ۽ ڪوريئڙي لاءِ ڄار ضروري ھوندو آھي!!“

20. عام ماڻھو، ڪيئن ۽ ڪھڙا ھُجڻ گُهرجن؟
منھنجي دلي خواھش آھي، ته ھر عامَ ماڻهو، تعليم يافته ۽ باشعور ھئڻ گهرجي! فڪري توڙي نظرياتي طور سَگهارو، ثابت قدم، امن پسند، انسانيت سان پيار ڪندڙ، مستقل مزاج ۽ جدوجھد ڪندڙُ ھجي! اجتماعي سوچَ جو مالڪُ ھُجي ۽ آدرشي ھُجي، ته جيئن ھڪَ نئينءَ دنيا جا بنيادَ رکجي سگهجن! عُمر خَيام چيو ھو:
” جيئن خدا کي، ھِن ڪائناتِ تي اختيار حاصل آھي، تيئن مون عُمر خيام کي به جيڪڏھن اھڙو اختيار حاصل ھجي ھا ته، ِھِن (خراب) دنيا کي ھَٿَ ۾ کڻي جو ھيٺ پَٽَ تي ھَڻان ھا ته پُرزا پُرزا ٿي وڃي ھا!! ۽ پوءِ آئون ھِڪَ نئين دنيا ۽ نئون آدرشي انسانُ ٺاھيان ھا!!“

21. اوھان ڪو پيغامُ ڏيڻ چاھيو، ته ضرور ڏيو!
ڪنھن اُڙدوءَ جٖي شاعِرَ چيو آھي:
”جیئو تو اِس طرح کہ زندگی کو رَشک آئے،
اور مَرو تو موت بِهی کہے کہ کونہ مَر گیا یارو!؟“

Good Wishes