منظور ڪالرو ترتيب: مٺل جسڪاڻي

WhatsApp Image 2020 05 22 at 11.33.37 PMمنظور ڪالرو: مختصر تعارف ۽ ويچار

ترتيب: مٺل جسڪاڻي

”منهنجي من جا مامرا“ يا منظور ڪالرو جي من جا مامرا لکبا، ته پوءِ لکبو پيو ويندو. اوهان پڙهندڙن جي لاءِ ”منهنجي من جا مامرا“ ڇيڙڻ کان بهتر آهي، ته منظور ڪالرو جو موڪليل مختصر تعارف ۽ سندس ويچار به پڙهائجن، ته جيئن اوهان منظور ڪالرو جي من جا مامرا ڄاڻڻ لاءِ ڪا وک وڌائي سگهو. ياد رهي ته اوهان جا مثبت رايا، اسان ٻنهي جي رهنمائي ڪندا.

1. اوھان جو نالو؟
منظور حسين ( ادبي نالو: منظور ڪالرو).

2. ولديت ذات سميت؟
حاجي خان ڪالرو.

3. رھائشي پتو (ڄمڻ جي تاريخ ۽ ھنڌ سميت):
10 آگسٽ، ٽنڊوالھيار. رهائش فراز ولاز، قاسم آباد، حيدرآباد ۽ صفوران چونڪ، گلستان جوھر، ڪراچي.

4. تعليم؟
گريجوئيٽ (سنڌ يونيورسٽي، ڄام شورو) + مختلف ڪورسز، ٽريننگون.

5. ڪرت (پيشو)؟
ڊپٽي چيف مينيجر (رٽائر)، سوئي سدرن گيس ڪمپني @ ريجنل آفيس، حيدرآباد. ڊگھي وقت (34 سالن) کان پوءِ آزادي ملي (رٽائر ٿيڻ تي واندڪائي جا ڏينهن پيا گذاريون. تجرباتي طور ڪنسٽرڪشن/ تعميرات جو ڪم شروع ڪيل.

6. ترجيحاتي مصروفيتون، وندر؟
اخبار پڙهڻ ـ ملڪي غير ملڪي خبرون ٻڌڻ.

7. ليکڪ آھيو ته شاعر، ڪھاڻيڪار، ناول نويس، مضمون نگار يا ڇا ڇا لکندا آھيو؟ اوهان جو ڪو ڪتاب؟
1982ع کان سياسي سماجي مسئلن / ناھموارين / ظلمن تي مضمون لکڻ، خط لکڻ، ماضي جي يادن، ڀلوڙ شخصيتن تي ڪالم لکڻ، ھاڻ سوشل ميڊيا جي بيماري لڳڻ سبب لکڻ موڪلائي ويو آھي ۽ فيس بڪ تي سماجي بھتري لاءِ رايا، ذاتي خيالن جا اظهار، سوال/ جواب/ تنقيد ڪرڻ (اجايو وقت وڃايان پيو). شايع ٿيل مصمونن، خطن مان ڪجھ سھيڙي ڪتاب ”منهنجي من جا مامرا“ ڇپايو ويو آھي، جنھن ۾ ھاڻوڪي ڊپٽي ڪمشنر ٽنڊوالھيار جناب رشيد احمد زرداري جي مڪمل سھڪار سان گڏ سندن ھمٿائڻ ۽ دلي خواھش جون محبتون ۽ ھمدرديون شامل ھيون. ڪتاب شايع ڪرائڻ ۾ سائين مرتضي١ ڏاڏاھي ۽ محترم فقير محمد ڍول جن جي شفقت ڀري رھنمائي نصيب ٿي، جن لاءِ سڀني محبوب شخصيتن جا ٿورا.

8. مطالعي ۾ ڇا پڙھڻ کي اوليت ڏيو ٿا؟
تاريخي معلومات وارا مضمون، يادگيريون.

9. سير سفر، اوھان جي نظر ۾؟
مشاھدن لاء سير ۽ سفر، خاص طور ليکڪن کي ضرور ڪرڻ گھرجي. مون ٿائلينڊ جا خوبصورت شھر ۽ جزيرا ڏٺا. ايران، عراق جا سفر ڪيا آھن. اڃان به شوق گهڻو آھي. خدا ڪري حالتون اجازت ڏين، باقي صوفي بزرگن، اوليائن تي حاضري سميت تاريخي ماڳ مڪانن مان ڪجھ ڏسڻ جو موقعو مليو آھي.

10. ڪچھريون، اوھان جي نظر ۾؟
دل گھرين سڄڻن دوستن يارن ۽ وفادارن جو ڪچھريون شال قائم ھجن.

11. ادبي تقريبون، اوھان جي نظر ۾؟
ادبي گڏجاڻين ۾ باقاعدگي سان وڃڻ نٿو ٿئي. جيتوڻيڪ سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊوالھيار پاران وتايو فقير لائبريري ۾ ھي گڏجاڻيون باقاعدگي سان ٿين ٿيون. سنگت جو ھڪ خاص انگ وڏي پاٻوھ سان علم و ادب جي واڌاري لاءِ، ھنن گڏجاڻين ۾ شريڪ ٿي، پنهنجو پنهنجو ادب، شاعري، فن پيش ڪن ٿا. ڪڏهن ته حيدرآباد جا نالي وارا ڏاھا به اچي سٿ کي سينگھار بخشين، جن ۾ محبوب شخصيت درويش صفت ڀلو ماڻهو محترم محمود مغل صاحب، مٺل جسڪاڻي صاحب، فقير محمد ڍول ته محفل جو مير ھوندو آھي.

12. سماجي ڪم ۽ تقريبون، اوھان جي نظر ۾؟
شاگرد واري دور ۾ سياسي ڪارڪن رھيس. ھاڻ سماجي خدمت ڪرڻ جا گھڻا جذبا آھن، پر اھڙو موقعو مھل نٿو ملي. ماحول وڏن ماڻهن جي چاپلوسي جو ڏسي خاموش ٿيو وڃجي! سنڌ خاص طور ٽنڊوالھيار ۾ فلاحي خدمتن جي سخت کوٽ آھي.

13. اوھان جا عزيزن سان لڳ لاڳاپا ۽ رويا؟
عزيزن سان لاڳاپن ۾ اھو مٺاڻ، طلب محبوبيت ۽ اڪير نه رھي آھي. بس! ھرڪو وقت پاس ڪرڻ تي ھلي پيو آھي. محبتون گھٽجي وڃڻ سبب اسان به پنھنجا پير سوڙھا ڪرڻ ۾ عافيت سمجھي آ.
جيڪو عمل منهنجي روح ۽ دل جي اٿاھ گھراين جي ابتڙ آھي. نيڪ نيتي وارا رشتا ناتا لاڳاپا ۽ قربائتيون مائٽيون برادري جي ٻڌي ۽ ويجھائپ لاء ضروري سمجھان ٿو.

14. اوھان جا سنگت ساٿ سان لڳ لاڳاپا ۽ رويا؟
سنگت سنگت نه رھي آھي. مفاد ھجن، مقصد ۽ منصب ھجن، ميار جي بلندي کي سلام ۽ عزت ڏيڻ جا لاڙا، سماجي دوستي کي ڀور ڀورڪرڻ لڳا آھن. جھان اھو ڏسندي اسان به محدود ٿي وڃڻ واري ڪنڍ ورتي آھي. جيڪو ياد ڪندو تنهن جا غلام ۽ جيڪو ياد نه ڪندو، سو اسانکي وسارڻ اچي ٿو. فاذڪروني اذڪر ڪم.

15. اوھان جي پسند جو رنگ ۽ خوشبو؟
اڇو، ھلڪو آسماني، خوشبو = عطر عود

16. اوھان جي پسند جي سواري؟
ٽانگو، موٽر سائيڪل، ڪار (ٽويوٽا).

17. اوھان جي اھڙي خواھش، جيڪا ٻڌائڻ پسند ڪريو؟
ڪاش! چونڊبل نمائندو = ڪائونسلر / چيرمين ميونسپل ڪميٽي ٿي ڪري لوڪ جي بدتر حالتن ۽ نظام جي بھتري لاء سماج سڌار ڪم ڪريان. (اميد ته ٽنڊوالھيار جا سياسي اڳواڻ ھن ڏس ۾ منهنجي چونڊ ڪندا).

18. مٽن مائٽن متعلق ڇا ٿا چاھيو؟
مائٽن سان تعلقات بھتر آھن، پوءِ به باھمي عزت احترام ضروري سمجھان ٿو. سندن ترقي خوشحالي تي خوشي ٿيي ٿي. ھن ڏس ۾ سادگي وارا عنصر منهنجي پسند جو حصو رھيا آھن. وڏائي ڪير به ڪري اھو ناپسند ٿي ويندو. ”مان جوئي سو آھيان“، مائٽن جو نه ھجڻ به ھڪ غربت آھي (حضرت علي ع).

19. سنگت ساٿ لاءِ ڇا ٿا چاھيو؟
”سنگت ساٿ“ ھاڻ لفظ باقي بچيا آھن. مطلب ۽ مقصد آھي، ته پوءِ سنگت يا ڄاڻ سڃاڻ وارا ويجھا ٿيو وڃن. زماني رنگ بدلائڻ سبب مفاد پرستي جاءِ والاري چڪي آھي، جنھن ڪري محبتن کي بچائڻ جي ضرورت سمجھي وڃي ٿي.

20. عام ماڻھو ڪيئن ۽ ڪھڙا ھجڻ گهرجن؟
21. اوھان ڪو پيغام ڏيڻ چاھيو، تہ ضرور لکو؟
دعا سلام ۽ رابطن جو وڙ زندھ رکڻ جي ضرورت آھي. رابطا تڪڙا ۽ قربائتا رھيا، ته وڇوٽين جو خاتمو اچي ويندو. پاڻ کي ٻين کان گھٽ سمجھڻ ۾ ڪاميابي آھي. علم پرائڻ، محنت ڪرڻ ۽ ڪاوبار ڪرڻ لازمي آھي.

اکر پڙھ الف جو ورق سڀ وسار،
اندر تون اجار پنا پڙھندين ڪيترا.

دعا
سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار،
دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين.

Good Wishes