مير سردار چنڙ

مير سردار چنڙ

مان سنڌ جي تاريخي علمي ادبي شھر پاٽ شريف ۾ 16آگسٽ 2001ع (اسڪولي رڪارڊ موجب 16 فيبروري 2003ع ) آچر جي رات پرائمري استاد پيارو خان چنڙ جي گھر ۾ جنم ورتو جيڪو پڻ غريب ھاري منظور احمد چنڙ جو پٽ آھي منهنجي سار سنڀال پاٽ شريف ۾ ئي ٿي منهنجي ننڍپڻ ڳوٺ پاٽ شريف ۾ گذريو ڪجهه سالن کان پوء 2014ع ۾ پاٽ شريف دادو مان ماروي گارڊ قاسم آباد حيدرآباد لڏي آياسين جتي رھائش پذير آھيو.

تعليم
مان پرائمري استاد جو پٽ ھئڻ ڪري شروعات تعليم پنهنجي پيءٔ پيارو خان چنڙ وٽان پرائمري اسڪول اولڊ ڪلري مان حاصل ڪئي اسان ڪلري ۾ 4 ڄڻا بشير (ڀاء) شوڪت ۽ اصغر (سوٽ) ۽ مان روزانو 2ڪوھ پنڌ ڪرص ڪلري وينداھئاسين ان ننڍي عمر ۾ پنڌ ڪرڻ تمام عجيب ھوندو ھو اتي 2ڪلاس پڙھي رھيو ھئس ته پاٽ شريف ۾ ڊاڪٽر حبيب الله صديقي پاران فخر ڪريم ماڊل سيڪنڊري اسڪول نالي پرائيوٽ اسڪول جو بنياد وڌو جتي داخلا ورتي ۽ 6ڪلاس تائين پڙھيم فخر ڪريم ۾ مان 6 سال ئي پوزيشن ھولڊر رھيس مان تمان گھڻو ھوشيار ۽ مڃيل شاگرد ھئس 6ڪلاس کان 10 ڪلاس تائين تعليم گورنمينٽ علامه آء آء قاضي ھاء اسڪول پاٽ شريف مان ڪئي (اٺين نائين ۽ ڏھين ڪلاس جا ڪلاس مان شاھ لطيف پبلڪ اسڪول قاسم آباد حيدرآباد مان ورتا جڏھن ته داخلا پاٽ شريف ھاء اسڪول ۾ ھئي ) انٽر گورنمينٽ ھاء اسڪول ڪاليج ڦلجي اسٽيشن دادو مان ڪئي 10سالن جي عمر ۾ حافظ عبدالرزاق ملاح وٽان قرآن مجيد جي ناظره ڪئي حفظ ڪري رھيو ھئس ته حيدرآباد لڏي آياسين تنھنڪري حفظ ڪري نه سگھيس .ان کان علاوه مختلف ادارن ۾ مختلف ڪورس ڪري چڪو آھيان .
ادبي وابسطگي

ادب جي ميدان ۾ لاڙو ڪيئن ٿيو ان کان مان پاڻ اڄ تائين بي خبر آھي ڪا ڄاڻ نه اٿم باقي اٺين ڪلاس کان ڪتاب جي دنيا ۾ گھڙيو آھيان مان پنهنجو پھريون آرٽيڪل "سون ورني سنڌ جي ثقافت" جي عنوان سان لکيو ھيو جيڪو 6 ڊسمبر 2016۾ روزاني سوڀ ۾ شايع ٿيو ھو
2017ع کان مير سردار چنڙ جي نالي سان مسلسل لکڻ شروع ڪيوـ اھڙي طرح سياسي سماجي مسئلن تي مسلسل لکندو رھيس جيڪي عوامي آواز,سوڀ , ھلال پاڪستان ڪلياڻ عبرت ڪوشش پورھيو روزاني ارادو سميت مسلسل ڇپندا رھيا بعد ۾ منهنجو ڌيان ٻاراڻي ادب ڏانهن ويو مان ٻاراڻي ادب جون ڪافي ڪھاڻيون لکيون جيڪي لاڳاتار مٺڙا ٻار رسالي ۾ـشايع ٿينديون ان کان علاوھ ٻارن جي ٻاري رسالي ۾ پڻ شايع ٿيون 2018۾ احساس ميگزين ۾ انٽرويو لاء انٽرويو وٺڻ شروع ڪيا جن ۾ مختلف علمي ادبي شخصيتن کان انٽرويو وٺي شايع ڪرايا . ان کان علاوه مان خاڪا نويسي تي پڻ ڪم ڪيو آھي جنهن ۾ ڪيترائي شخصيتي مضمون لکيا جن ۾ ھڪ مضمون "درد کي لفظ ڪرڻ سولو ناھي "عنوان تحت عين سحر جي زندگي تي لکيل منهنجو مضبون تمام گھڻو پڙھيو ويو منهنجو اھو مضمون ھندستان جي عالمي رسالي ھندواسي شايع ڪيو تنهن کان پوء سند ئي چوڻ تي مان ھندواسي ۾ پڻ لکيو ان کان سواء مان سفرناما ڪتابي تبصرا ٻيون تحريون لکيون آھن منهنجو خاڪا نويسي تي ھڪ ڪتاب ترتيب ڏنل آھي جيڪا 2020۾ آخر تائين اچي ويندو ادب جي دنيا ۾ منهنجو رھنما عين سحر ۽ ثنا لھٻر آھي عين سحر ۽ ثنا لھٻر سدائين ھمٿايو آھي مونکي سدائين لکڻ پڙھڻ حوالي سان شاندار صلاح مشورا ڏيندا آهن
ايوارڊ / سرٽيفڪيٽ
فخر ڪريم ماڊل سيڪنڊري اسڪول طرفان ڪيترا ئي سرٽيفڪيٽ مليا
ڊي آئيڪونز آڪيڊمي پاران 2020 ۾ مڃتا شيلڊ ملي
نيو اورا ٽيڪ ڄامشورو (New ora Teck)پاران مڃتا سرٽيفڪيٽ ملي چڪو آھي .
مير سردار چنڙ
03433684578
This email address is being protected from spambots. You need JavaScript enabled to view it.

Good Wishes