ڪامريڊ محمد هاشم گهانگهرو

ڪامريڊ محمد هاشم گهانگهرو

ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو

ڪامريڊ محمد هاشم گهانگهري جو جنم ضلعي نوشهري فيروز جي شهر محراب پور لڳ ڳوٺ پير ونهيل ۾ 13هين سيپٽمبر 1908ع تي ٿيو. سندس والد جو نالو محمد ڇٽل هو. والدين جي انتقال ٿي وڃڻ سبب سندس پالنا چاچي فيض محمد ڪئي. مائٽ کيس ٻڪرين چارڻ لاء موڪليندا هئا پر کيس ننڍ پڻ کان ئي پڙهڻ جو شوق هو انڪري سمجهه ڀريو ٿيو ته ٻڪريون جهنگ ۾ ڇڏي مائٽن کي ٻڌائڻ کانسواء ڳوٺ ڇڏي ريل ۾ چڙهي ڪراچي روانو ٿيو.

ڪراچئ ۾ کڏي پهتو جتي مدرسي مظهرالعلوم ۾ داخلا ورتائين. اتي تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوء پڙهائڻ به لڳو. الصادق رسالي جو سب ايڊيٽر به رهيو. حڪيم فتح محمد سيوهاڻئ جي ڪراچئ مان نڪرندڙ هفتيوار اخبار الاصلاح جو 1937 ۾ ايڊيٽر به ٿيو.
آزادئ جي تحريڪ ۾ به حصو ورتائين. سندس رهبر مولانا عبيدالله سنڌي ۽ مولانا محمد صادق کڏي وارو هو.
مولاناعبيدالله سنڌئ جي چوڻ تي سڀاش چندر بوس واري آزاد هند فوج ۾ شامل ٿيو. فوج مان رٽائر ٿيڻ کانپوء مليل زمين اهو چئي هارين ۾ ورهائي ڇڏيائين ته زمين انهن جي آهي جيڪو ان کي کيڙي ٿو.

هن هارين جي حقن لاء تمام گهڻو جاکوڙيو. حيدر بخش جتوئي ۽ قاضي فيض محمد سان گڏجي الاٽي تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتائين.
هو ڪميونسٽ پارٽئ ۾ به شامل ٿيو، جنهن سبب ماڻهو کيس ڪامريڊ به چوندا هئا.هو اهو ڪامريڊ هو جيڪو ماڻهن جي حقن لاء هميشه آواز اٿاريندو رهندو هو. ان سلسلي ۾ هن پنهنجي پوري ڪٽنب کي شامل ڪيو، جيئن هن زماني ۾ احتجاج ڪرڻ ۽ احتجاج لاء ماڻهن کي گڏ ڪرڻ سولو ناهي تيئن پراڻي زماني ۾ وڌيڪ مشڪل ۽ دليرئ جو ڪم هوندو هئو. ڪنهن به ماڻهوء سان زيادتي ٿيندي هئي يا ڪو اجتماعي مسئلو ٿيندو هو ته ڪامريڊ حق سچ چوڻ سان گڏ احتجاج به ڪندو هو. پوء ان احتجاج ۾ ٻيا ماڻهو شريڪ ٿين يا نه ٿين پر هو پنهنجن نياڻين ۽ پٽن کي ساڻ ڪري لازمي احتجاج رڪارڊ ڪرائيندو هو.

ڪامريڊ محمد هاشم گهانگهرو رڳو احتجاج ئي رڪارڊ نه ڪرائيندو هو پر پنهنجي هڙان وڙان سياسي ماڻهن جي مدد به ڪندو هو. هن جو محرابپور شهر ۾ تمام وڏو ڪاروبار هو اهو به سياست تان گهوري ڇڏيائين. سندس سچائ ۽ ايماندارئ جي ڪري مٽن مائٽن توڙي ٻين کيس ڪاروبار ۾ وڏا دوکا به ڏنا. تنهن هوندي به مرڻ گهڙئ تائين سندس ارادا اٽل رهيا۽ ناحق خلاف آواز اٿاريندو رهيو.سندس وفات 15 هين مئي 1993ع تي سکر ۾ ٿي. کيس سکر جي نئين پنڊ واري قبرستان ۾ دفنايو ويو.

سندس پٽن ۾ ٽريڊ يونينسٽ ۽ مزدورن جا ڪيس وڙنهدڙ سپريم ڪورٽ جو وڪيل فيض گهانگهرو( سکر ۾ شيخ اياز۽ رشيد ڀٽيءَ سان گڏ جيل ۾ به رهيو)، شفاعت گهانگهرو (سول سوسائٽي سکر جو سرگرم رڪن) ، قمر الزمان گهانگهرو(استاد ۽ سوين ڪتابن، رسالن ۽ اخبارن جو پيسٽر) ۽ اشفاق احمد گهانگهرو(آءِ ٽي ماهر) ۽ نياڻين ۾ خورشيد پروين، زبيده گهانگهرو( شاگرد يونين ۽ پ ٽ الف جي اڳوڻي اڳواڻ ۽ هاڻي هيومن رائيٽس پروٽيڪشن فورم سنڌ جي صدر)، ڪامريڊ حميده گهانگهرو (شهيد نذير عباسيءَ جي وني، ٽريد يونينسٽ، ليکڪ، اڳوڻي شاگرد اڳواڻ ۽ هاڻي روزاني عوامي آواز جي ايگزيڪيوٽو ايڊيٽر)، مهرالنساءِ گهانگهرو (سکر جي بهترين هاءِ اسڪول ٽيچر)، پروفيسر قمرالنساءَ گهانگهرو (ڪاليج ۾ باٽنيءَ جي استاد)، نورالنساءِ گهانگهرو( آمريڪا ۾ رهندڙ سنڌين جي تنظيم سانا جي اڳوڻي مرڪزي جنرل سيڪريٽري)، ڊاڪٽر عابده گهانگهرو (محقق، ڪهاڻيڪار، 4 ڪتابن جي ليکڪ ۽ وفاقي اردو يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي جي استاد) شامل آهن.

Good Wishes