صوفي غلام مصطفيٰ "آثم " جکراڻي ‏(شاعر ۽ لیکڪ)


صوفي غلام مصطفيٰصوفي غلام مصطفيٰ "آثم" جکراڻي پھرین سیپٽمبر اڻویھ سؤ چوٽيھ عيسوي تي ضلع جيڪب آباد ۽ تعلقہ ٺل جي ڳوٺ ۾ پيدا ٿیا،
پاڻ شروعاتي تعليم پنھنجي ڀر واري پرائمري اسڪول سمندر خان پٺاڻ ۾ حاصل ڪئي.
اڻويھ سو چوئتاليھ عيسوي ۾ ٺل تعلقي مان لڏي اچي ڳڙھي خیرو تعلقي جي ڳوٺ محمدپور اوڍو ڀرسان فیض آباد جکراڻي ۾ ويٺا، ان ڪري وڌيڪ تعليم يعني سنڌي ست درجا (سنڌي فائینل) پرائمري اسڪول محمدپور اوڍو ۾ پاس ڪيائون،
اڻويھ سؤ ٻاونجاھ عيسوي ۾ تعلقي ڳڙھي خیري جي ڳوٺ گلاب ماڙي رند ۾ پرائمري استاد مقرر ٿیا، ڪجھ عرصي کان پوء پرائمري اسڪول ٻڍاڻي چانڊیو ۾ سندن بدلي ٿی، پاڻ ڪافي عرصو اتي استاد رھيا،
جرئن تہ صوفي غلام مصطفيٰ جن ننڍي ھوندي کان ئي فقيري طبع انسان ھئا انڪري ننڍي ھوندي کان ئي قرآن پاڪ جي تعليم سان گڏ و گڏ اللہ پاڪ جي ذڪر ۾ نھايت دلچسپي ھئي ۽ سدائين اللہ جي ذڪر ۾ مشغول رھندابھئا اڪثر گھرکان ٻاھر جھنگ ۾ اڪيلائي ۾ وڃي ذڪر اذڪار ڪندا ھئا، پاڻ صوم و صلوات جا نھايت پابند رھیا. پاڻ جیئن ئي بلوغت کي پھتا تہ بلوچستان جي مشھور گادي چشمہ شریف جي بزرگ حضرت آغا عبدالحي جان چشموي نقشبندي جن جي ھٿ تي بعيت ڪئي، ان کان پوء ڄڻ تہ سون تي سھاڳو، اڳيئي اللہ جا عبادت گذار ھئا ویتر ڪامل مرشد جي نگاھ کيس پڪو صوفي بڻائي ڇڏیو، پاڻ مرشدن وٽ اچ وڃ جو سلسلو جاریي رکيو ۽ تصوف جون منزلون طئي ڪندا رھیا ۽ مراقبو توڙي نفي اثبات زیادہ ڪندا رھیا، نقشبندي ھئڻ سبب ڪافي ڳالھيون لڪائيندا ھئا، مگر تنھن ھوندي بہ ڪجھ سال اڳ مون کانئس پڇیو "بابا ھاٹی ھڪ دم ۾ ڪترو نفي اثبات پڙھندا آھيو"، جواب ۾ فرمايائون، ابا ھاڻي پنج سؤ ھڪ دم ۾ پڙھندو آھيان،
سندس ننڍي ھوندي کان ئي بزرگن جا عارفانہ ڪلام ڳائڻ ۽ شاعري ڪرڻ جو مشغلو رھيو، انڪري پاڻ بہ پنھنجي شاعري ۾ حمد نعت سي حرفي غزل تی پڻ طبع آزمائي ڪئي اٿن، تخلص  "آثم " استعمال ڪيائون. سنڌي،اردو سرائڪي ۽ بلوچي ٻولين ۾ سندس شاعري موجود آھي، شاعري جو ڪو بہ ڪتاب چپجي نہ سگھيو آھي،
پاڻبسن اڻویھ سو اٺانوي عيسوي  ۾ نوڪري تان رٽائر ٿيا، ۽ ھڪ حج ٻہ عمرہ پڻ ڪيائون، سندس شاعري ۾ عشق ِ رسول صلي اللہ عليہ وآلہ وسلم سندن خاص عنوان رھيو آھي ،  اولاد ۾ 3 پٽ 3 نياڻيون اٿن، پاڻ ھن وقت نھايت ضعيف ٿي چڪا آھن ، سندن رھائش تعلقي ڳڙھي خيري جي ڳوٺ محمدپور اوڍو ڀرسان پنھنجي ڳوٺ فيض آباد جکراڻي ۾  آھي.
پٽن ۾ وڏو پٽ عبدالقيوم ، ٻئي نمبر تي عبدالشڪور ۽ ٽئين نمبر تي عبدالغفور آھن.

Good Wishes