انجنيئر موهن لال ترڪيو

4
منهنجو پورو نالو موهن لال ولد خميسو مل ذات ميگھواڙ انٽر ڪاسٽ ترڪيو جڏهن ته نک تونهر آهي. منھنجو جنم پنجين اپريل 1990 ۾ ٿرپارڪر جي تعلقي مٺي جي ڳوٺ آمريو جوڻيجا ۾ ٿيو.  آئون بابا جي سڀني اولاد ۾ وڏو آهيان جڏهن ته مونکان چار ڀاءُ ننڍا ۽ ٽي ڀينرون ننڍيون آهن. منهنجو بابا صحت کاتي ٿرپاڪر ۾ نائب قاصد آهي. مون پرائمري تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول آمريو مين مان محترم استادن سائين چهنو مل ۽ ڪيول رام جي شفقت ۾ حاصل ڪئي. اٺين درجي تائين ڳوٺ آمريو کان ڏيڍ ڪلوميٽر پري گورنمينٽ برانچ مڊل اسڪول لياري جوڻيجا مان حاصل ڪئي جتي محترم سائين ليلا رام امراڻي، نظر محمد جوڻيجو ۽ تسي ڏنو جوڻيجو استاد رهيا.
2003 ۾ نائين درجي ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول نارٿ ڪالوني مٺي ۾ داخل ٿيس تنهن وقت محترم هيمن داس چندا ڻي هيڊ ماستر هئا ۽ 2005 ۾ مئٽرڪ پاس ڪري گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج مٺي مان2007  انٽر جو امتحان پاس ڪيو، هن دوران پروفيسر چهنگر گوسوامي صاحب پرنسپال هئا . 2003 کان 2007 تائين مٺي ۾ سماجي تنظيم ٿرديپ جي ٻارڙن واري پروجيڪٽ ۾ ٻارڙن جو تنظيمون ٺاهڻ ۽ انهن جي حقن جي جاڳرتا ڏيڻ لاءِ ورڪشاپ ڪرڻ ۽ انهن تنظيمن جي ميمبرن کي تربيت ڪرائڻ ۾ ڪو آرڊينيٽر طور ڪم ڪيو. ان ڪري ملڪ جي مختلف شهرن ۽ سماجي تنظيمن گهمڻ جو موقعو پڻ مليو. ساڳئي وقت ۾ لال مهراڻ ٻارڙا تنظيم ترڪيا ڪالوني ٺاهي ۽ لال مهراڻ لائبرري پڻ شروع ڪئي ان وقت لائبريري ۾ ڪل 200 ڪتاب ۽ مئگزين جيڪي ٿرديپ جي لرننگ ريسورس سينٽر طرفان فراهم ڪيل هئا. ساڳئي وقت ريڊيو پاڪستان مٺي جي نوجوانن ۽ شاگرد ساٿين لاءِ پروگرام اڏام ۾ سلسلو سوجھرو ۽ نوجوانن جو ڪالم پيش ڪندو هئس. هي پروگرام هر هفتي اربع ڏينهن تي شام جو نشر ٿيندو هو. اسٽيشن ڊائريڪٽر مرحوم محمد انور هڪڙو صاحب جي سکيا هيٺ پروگرام ڪمپيئر ۽ ڪالم نگار ٿيس. هتان منهنجي باقاعده طور لکڻ جي شروعات ٿي. منهنجو پهريون ڪالم ڊگري ڪاليج مٺي طرفان ڇپايل مٺي مئگزين ۾ شايع ٿيو.
سماجي ۽ ادبي سرگرمين سان گڏ پڙهائي جاري رهي. 2007 جي انٽري ٽيسٽ ۾ سنڌ يونيورسٽي ۾ انگريزي ادب ۾ داخلا ملي ۽ مهراڻ يونيورسٽي ۾ ميرٽ تي ميٽلرجيڪل انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ ۾ پڻ داخلا ملي. ڪجهه وقت سنڌ يونيورسٽي جي انگريزي ڊپارٽمينٽ ۾ پڙهڻ ويس پر جلدي مهراڻ يونيورسٽي جي 2008 بئنچ  ۾ باقاعدي پڙهڻ شروع ڪيم. 2008 ۾ ڪراچي جي دائود انجنيئرنگ ڪاليج ۾ پڻ داخلا آفر ٿي هئي. مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو مان چار سال پڙهي ڊسمبر 2011 ۾ بيچلر آف انجنيئرنگ جو امتحان ڏنو ۽ 2012 ۾ رزلٽ اچي وئي ۽ فرسٽ ڊويزن ۾ پاس ڪيم. گريجوئيشن دوران شاگرد تنظيمن ۾ سرگرم رهيس ۽ سماجي ڪمن ڪارن ۾ پڻ شامل رهيس. حيدرآباد ۾ رهڻ ڪري سنڌ جي ناليوارن سماجي ۽ ادبي لڏن سان سلهاڙيل رهيس. شاگردن جي حقن ۽ مسئلن جي حل لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي ۽ سندس آوازن کي ميڊيا تي آڻڻ لاءِ ڪالم پڻ لکيا سين ۽ احتجاجن ۾ اڳواڻي پڻ ڪئي. ساڳئي وقت مهرانين ميگھواڙ اسٽوڊنٽ ايسوسيئيشن ممسا جو فائونڊنگ ميمبر ۽ وائس پريزيڊنٽ پڻ رهيس. مهراڻ يونيورسٽي جي مهرانين مٽيريئلس ايڊوانٽيج چيپٽر(MMAC) جو ميڊيا ڪوآرڊينيٽر طور ڪم ڪندو رهيس. شاگرد واري دور ۾ اسٽيڊي سرڪل ڪرائڻ سان گڏ شاگردن کي الوداع چئي نون شاگردن کي ويل ڪم ڪرڻ لاءِ سنڌي لئنگئيج اٿارٽي هال ۾ ڪيترائي پروگرام ڪرايا. سنڌي اخبارن ۽ مئگزينن ۾ ڪالم لکندو رهيس 2010 ۾ امر وير لڌا رام ميموريل سوسائٽي پنو عاقل سکر طرفان امر وير لڌا رام ايوارڊ بطور ڪالم نگار مليو. لکڻ پڙهڻ سان چاه سبب اڄ تائين ڪالم لکندو رهان ٿو. حيدرآباد سول اسپتال ۾ ٿرپارڪر کان آيل مريضن کي رت ڏيڻ لاءِ دوستن جا رت گروپ لسٽ ٺاهي پاڻ وٽ محفوظ ڪئي ۽ ڪيترن ئي مريضن کي رت جون بوتلون پڻ ڏنيون سين. انهن عملي ڪمن سبب منهنجي ڪيترن ئي سياسي سماجي ۽ ادبي ۽ پروفيشنل ماڻهن سان واقفيت ٿي. جيڪا منهنجي لاءِ هڪ اعزاز هو. 2012 ۾ آل پاڪستان انجيئرنگ ڪانفرنس ۾ پنهنجي انجنيئرنگ ريسرچ پروجيڪٽ پيش ڪرڻ لاءِ پاڪستان جي وڏي نالي واري اداري غلام اسحاق خان انسٽيٽيوٽ آف انجنيئرنگ سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي ٽوپي ضلعو صوابي خيبر پختونخواه وڃڻ جو موقعو مليو اتي پاڪستان جي مختلف يونيورسٽين جا شاگرد شريڪ هئا. اتي ٻئين نمبر تي آيس. يونيورسٽي جي پڙهائي دوران ملڪ جي مختلف علائقن گهمڻ جا پڻ موقعا مليا.
حيدرآباد ۾ اڪثر وقت لکڻ ۾ گذريو ۽ مختلف اخبارن ۾ نيوز ڊيسڪ تي ڪم پڻ ڪيوسين. پڙهائي مڪمل ڪري ڌنڌي ڌاڙي لاءِ ڪراچي سائيٽ ايريا ۽ ڌابيجي جي ملن ۾ ڌڪا کاڌا سين. ڪجهه وقت ڊي ايس موٽر يعني يونيڪ موٽر سائيڪل ڪمپني حيدرآباد ۾ پڻ ڪم ڪيوسين. پر جلدي ٿرپارڪر ۾ سنڌ ڪول اٿارٽي جي آر او پلانٽ سائيڊ تي مٽيريئلس انجنيئر مقرر ٿيس. اتفاق سان منهنج مقرري تاريخ 12-12-2012 آهي. هي پروجيڪٽ پاڪ اوئسيس انڊسٽريز لميٽيڊ کي ڏنو ويو ۽ اسين اسٽاف پاڪ اوئسيس جي ماتحت ٿياسين.  جون 2014 تائين هن ڪمپنيءَ ۾ ڪم ڪيو هتي ڪم دوران سڄي ٿرپارڪر وزٽ ڪرڻ جو پڻ موقعو مليو. 
انھي عرصي ۾ سنڌ جي تعليم کاتي ۾ استادن جي ڀرتين جو عمل جاري هو ۽ اين ٽي ايس ٽيسٽ پاس  ڪري 9 جون 2014 تي ايجوڪيشن اينڊ لٽريسي ڊپارٽمينٽ ۾ جونيئر اسڪول ٽيچر طور جوائننگ اختيار ڪئي ۽ پهرين پوسٽنگ گورنمينٽ بوائز لوئر سيڪنڊري اسڪول گوگاسر ذڪريا جوڻيجو ۾ ٿي جتي هيڊ ماستر پڻ آهيان.
پهرين جولائي 2014 تي شادي ڪئي ۽ استاد ٿيڻ کانپوءِ بي ايڊ ۽ ايم ايڊ جون ڊگريون پڻ حاصل ڪيوسين. هن وقت مونکي ٻه پٽ ۽ هڪ ڌي جو اولاد آهي. 2012 کان هن وقت تائين ڪيترن ئي ڪميشن امتحانن ۾ لکت امتحان پاس ڪيا آهن پر قسمت جي ساٿ نه ڏيڻ سبب اڃا به جستجو جاري آهي. گڏوگڏ لکڻ پڙهڻ جو شوق به هلندڙ آهي

Good Wishes