ڊاڪٽر حافظ عبدالوحيد انڍڙ صاحب

IMG 20191015 WA0023ڊاڪٽر حافظ عبدالوحيد انڍڙ صاحب

ڊاڪٽر صاحب هڪ علمي، روحاني خاندان سان وابسته آهي، ڪنهن شاعر جو شعر آهي:

ليس من الله بمستنـــڪر

ان يجمع العالم في واحـد

(الله تعالى کان هيء ڳالھ بعيد نه آهي ته سڄو جهان، هڪ ماڻهو ۾ کڻي گڏ ڪري)

حقيقت ۾ مولانا ڊاڪٽر عبدالوحيد انڍڙ صاحب، انهي عربي شعر جو مصداق آهن، جنهن ٿورڙي ئي عرصي ۾ انتظامي، علمي، نصابي توڙي ادبي ڪمن اندر پاڻ مڃايو آهي. خدمت خلق جو جيڪو جذبو مون منجهن ڏٺو، سو ورلي ڪنهن ۾ هوندو. عاجزي ۽ انڪساريء ۾ پاڻ شيخ سعديء جي هن فارسي بيت جو مصداق آهن:

تواضع ڪند هوشمندي گزيــن

نهد شاخ پر ميوه سر بر زمين

(عقل وارو ئي نوڙت اختيار ڪندو، ميون ڀريل ٽاري ئي ڌرتيء تي پنهنجو سيس نمائيندي آهي)

پاڻ 60 کان وڌيڪ ڪتابن جا مصنف آهن. سندس 100 کا وڌيڪ مقالا/آرٽيڪل ڇپجي چڪا آهن. سندس تصنيفن ۾:

  1. سکر ڏسڻي.
  2. مدرسه مظهر العلوم کڏھ، ڪراچي جون ديني ۽ سياسي خدمتون(سندس پي ايڇ ڊي ٿيسز)
  3. گنجينهء عرفان ترجمه سنڌي ملفوظات مالڪان.(حافظ محمد صديق ڀرچونڊي وارن جي فارسي ملفوظات جو سنڌي ترجمو)
  4. گهوٽڪي ضلعو، تاريخ ۽ ثقافت.
  5. سکر تاريخ وتمدن (اردو)
  6. تاريخ قبيله انڍڙ (اردو)

شامل آهن، ان کان علاوه ڪيترائي نصابي ڪتاب آهن، جن مان هزارين، بلڪه لکين شاگرد لاڀ پرائي رهيا آهن. جهڙوڪ:

  • اخلاقيات (غير مسلمن لاءِ) سنڌي ۽ اردو، پهرئين ڪلاس کان اٺين تائين.
  • ايم اي اسلامڪ ڪلچر ۽ اسلامڪ اسٽڊيز جا اردو ۽ سنڌي ۾ نصابي ڪتاب.
  • ڪاليج جي ڊگري ڪلاسن لاءِ سنڌي،اردو ۽ انگريزيء ۾ نصابي ڪتاب.
  • فرسٽ ايئر ۽ انٽر جي ڪلاسن لاءِ اردو ۽ سنڌي ۾ اسلامڪ ڪلچر جا نصابي ڪتاب.

تعليمي ۽ انتظامي شعبن جي حوالي سان جن عهدن تي ڊاڪٽر صاحب رهيو آهي، انهن جو وچور هن ريت آهي.

  • پاڪ آرمي جي تعليمي شعبي ۾ بطور ايڊيوڪيشن آفيسر خدمتون سرانجام ڏنيون، مختلف ليول جي ڪلاسن ۾ پڙهايو ۽ پروگرام منعقد ڪيا. (1987 کان 2003 تائين)
  • غلام محمد مهر ميڊيڪل ڪاليج ۾ بطور اسلامڪ اسٽڊيز جي وزيٽنگ فيڪلٽي ممبر خدمتون سرانجام ڏنيون. (2001 کان 2003)
  • ٽيچرز ٽريننگ انسٽيٽيوٽ سنڌ، حيدرآباد جو ايڊيشنل ڊائريڪٽر. (2007 کان 2008)
  • مختلف پبلڪ سيڪٽر ڪاليجن ۾ گريجوئيٽ ۽ پوسٽ گريجوئيٽ ڪلاسن ۾ بطور ريگولر توڙي وزيٽنگ ممبر مختلف تعليمي دورانين ۾ پڙهايو.
  • علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جي فاصلاتي تعليمي پروگرامن ۾ گريجوئيٽ ۽ پوسٽ گريجوئيٽ ڪلاسن جو 20 سالن کان وڌيڪ عرصو انچارج ۽ ٽيوٽر رهيو.
  • پنج سال حڪومت پاڪستان جي زير نگراني ماڊل ديني مدرسه اسڪول اينڊ ڪاليج سکر جو پرنسپال رهيو. (2009 کان 2014)
  • هن وقت گورنمينٽ ايليمنٽري ڪاليج آف ايڊيوڪيشن (ميل) سکر (ٽيچر ٽريننگ ڪاليج ) ۾ بطور پرنسپال ڪم ڪري رهيو آهي، هن ڪاليج ۾ ADE ۽ BE.d جي ڊگري جا پروگرام هلندا آهن. جيڪو شاھ عبداللطيف يونيورسٽي، خيرپور سان منسلڪ آهي. ان سان گڏوگڏ شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي شعبه اسلاميات ۾ ايم ايس، ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي جو وزيٽنگ پروفيسر آهي. سندس نگراني ۾ 20/25 شاگرد ايم فل جي ڊگري حاصل ڪري چڪا آهن.
  • صوبائي تعليم کاتي جي واسطي سان وفاقي وزارت تعليم جي ماتحت ڪريڪيولم ڊرافٽنگ ڪميٽي ۾ بطور چيئرمين ۽ ڪميٽي ممبر ڪم ڪيائين.
  • سنڌ سروس پبلڪ ڪميشن ۾ بطور عربي ۽ اسلاميات جي ماهر ڪم ڪيائين.
  • افلئيشن ڪميٽي، ايف بي آئي ايس اي، اسلام آباد جو ممبر.
  • شعبه عربي وفارسي، شاھ عبداللطيف يونيورسٽي، خيرپور جو ممبر.
  • شاھ عبداللطيف يونيورسٽي، خيرپور ۾ ڪميٽي فار ڪوالٽي انهاسنگ ڪميٽي فار اسيسمنٽ جو ممبر.
  • منظور شده نگران براءِ رهنمائي، شعبه اسلاميات، ٿيسس ايوليوٽر (جائزه ڪار) شعبه اسلاميات يونيورسٽي آف ڪراچي، علامه اقبال اوپن يونيورسٽي.
  • شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ اسلاميات/اخلاقيات جو پيپر سيٽر.
  • بورڊ آف انٽرميڊيٽ اينڊ سيڪنڊري ايجوڪيشن سکر/حيدرآباد ۾ لاڳاپيل مضمونن جو پيپر سيٽر.

آخر ۾ ڌڻي در دعا آهي ته الله تعالى ڊاڪٽر صاحب کي اڃان به وڌيڪ عزتون عطا فرمائي. اللهم زد فزد.

 

Good Wishes