نعت گو شاعر ياسين ڪنڀر


  1587619736135 IMG 20200423 WA0005    ياسين ڪنڀر ولد شاھ محمد ڪنڀر پھرين آڪٽوبر 1979 ع بمطابق ٩ ذواقعد ١٣٩٩ ھجري بروز سومر ڳوٺ سلطانپور تعلقو پنوعاقل ضلع سکر ۾ ڄايو۔
ناظره قرآن پاڪ مولوي احمد علي ناپر(وفات ڊسمبر 2019) وٽ پڙھيو۔پرائمري تعليم GPS سلطانپور ۾ ۽ ميٽرڪ اي ون گريڊ ۾  GBHS سلطانپور مان  1997ع ۾ ڪئي۔
يارھون ٻارھون درجو GBHSS پنوعاقل ۾ 1999ع ۽ بي اي جي تعليم ڊگري ڪايج پنوعاقل مان  سال 2002 ع ۾ حاصل ڪئي۔
ايم اي سنڌي (first Division)۾  شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان 2004ع ۾  ڪئي۔
2005ع ۾ ايجوڪيشن ڪاليج سکر کان بي ايڊ جي ڊگري ورتي۔
پھرين 1999ع کان 2001 ع تائين آرمي پبلڪ اسڪول پنوعاقل ۾ رياضي جو ٽيچر رھيو .نومبر 2001ع کان سنڌ گورنمينٽ ۾ پرائمري استاد ٿيو ۔2015ع ۾ جي ايس ٽي مقرر ٿيو۔
شاعري جي شروعات اٺين ڪلاس کان ڪيائين پھريون شعر 
”مالڪ ته دوجھان جو رب ذوالجلال آھي“ ”جاڳو“ اخبار ۾ 1998ع ۾ ڇپيو ۽ ساڳي سال پي ٽي وي تان به نشر ٿيو۔
سندس شاعري الحاج امدادالله ڦلپوٽو پنھنجي ڪيسٽ واليم نمبر 73۾ رليز ۽ رڪارڊ ڪئي۔
شاعري ۾ استاد سيد رفيق احمد شاھ امروٽي اٿس۔
   ياسين ڪنڀر جا نعتيه شاعري جا 8 ڪتاب شايع ٿيل آھن۔جن مان سندس ٻن مجموعن  ”سرھاڻ“ ۽ ”جانان جان“ تي ٻه دفعا صدارتي ايوارڊ  سال 2017 ۽ 2019 ع ۾ ملي چڪا اٿس۔
ياسين ڪنڀر جي سڃاڻپ ھڪ نعتيه شاعر طور آھي۔سندس شاعري مھراڻ، عبرت ميگزين، ڪاوش ،ھزار داستان، نئين زندگي، سرتيون ،عزم ،ادا سائين،امرتا،سنگت مخزن، وغيره ۾ شايع ٿيندي رھي ٿي۔
ياسين ڪنڀر 2002 ع ۾ پنھنجي چاچي مستري حاجي غوث بخش ڪنڀر جي نياڻي سان شادي ڪئي۔ کيس ھڪ پٽ محمد اسامه ۽ چار نياڻيون آھن۔

Good Wishes