ڪامريڊ عبدالقادرانڍڙ

ڪامريڊ عبدالقادر انڍڙ 1924ع ۾ پيدا ٿيو، مدرسي ۽ پرائمري کانپوءِ انگريزي فوج ۾ ۽ پوءِ وري رينجرز ۽ پوليس ۾ سپاهي ڀرتي ٿيو . انقلابي طبيعت واري ماڻهوءَ کي ڪيئن ٿيون آهي چاڪريون سونهن، پوء سڌو وڃي حيدر بخش جتوئي جو 1960ع ۾ حبدار ٿيو.

1970 ع ۾ نعپ جو وڏو جلسو ڪرائي گهڻن کي حيران ڪيائين، انا وقت ڪامريڊ نيشنل عوامي پارٽي ضلع سکر جو صدر هو، جلسي ۾ ولي خان، حبيب جالب، مير غوث بخش بزنجو، ميرسڪندر خليل شامل ٿيا. ڪامريڊ
گهڻو ڪري مليشيا جا ڪپڙا، ڪاري قراقلی ٽوپي پهريندو هو. چاپئين ڏاڙهي، قدآور مڙس، ڪاوڙ ڪونه ڪندو هو.
سندس دوستن ۾ مانڌل شر، نورالله ملڪ، عاشق سومرو، سرور سيف ھوندا ھئا.
ڪامريڊ عبدالقادر انڍڙ ڪسمپرسي جي حالت ۾30 سيپٽمبر 1978ع ۾ لاڏاڻو ڪيو. رب پاڪ سندس مغفرت ڪري.

Good Wishes