وفا ناٿن شاهي
وفا ناٿن شاهي
ليکڪ: مختيار علي چانڊيو

“نمڪ حرام نڪي بي ضمير آهيون دوست،
خلوص دل سان پيا سنڌ سان نڀايون دوست”
وفا ناٿن شاهي جتي رهيو جتي ننڊو ٿي وڏو ٿيو انهن ئي مسئلن ئي معاملن ۾ اک کولي جتي پورهيت پيڙهجي رهيو هو، ۽ ماڻهن کي مذهبي معاملن ۾ منجهائي هڪ ٻئي جي ڄنڊا پٽ ڪري رهيا هئا، نه تعليم نه علم نه ئي تربيت هر طرف بک بدحالي ۾ ماڻهون ڳري سڙي رهيا هئا ۽ سياسي ڀوتار عوام سان ڪوڙا واعدا ڪري انهن کي سک سلامتي روزگار ۽ بنيادي صحولتون ڏيڻ بجاء انهن جو رت چوسي پنهنجا گهر ڀري رهيا هئا ۽ هر طرف پورهيت ۽ غريب ماڻهن جو آهون دانهون هجن اتي وفا ناٿن شاهي تڙپي چوي ٿو ” ڳوڙهو ڳوڙهو ماڻهون جو، ڪوڏي ڪوڏي کان سستو“ رات ڏٺو مون سپني ۾، سنڌ جي هٿ ۾ ڪشتو“ هو سنڌ جي ماڻهن ۾ غربت ۽ غلامي جي چڪي ۾ پيسجندو ڏسي دانهون ٿو ڪري ۽ ڪاٿي ڪاٿي مايوس ٿي وڃي ٿو، ڪنهن وٽ دانهن کڻي وڃون ڪير ٻڌڻ وارو ناهي ڪير به دانهن ورجائڻ وارو ناهي ۽ چوي ٿو ته:
“نه دودو نه هوشو نه هيمون،
وفا ڪنهن کي اوکي ۾ سڏيون”
يا ٻئي هنڌ چوي ٿو ته
“اجهو اٽو لٽو، رڳو اٿو ڏٺو،
يا موت سان وهو، يا زندگي کٽو”
هي عوام دوست انسان دوست ۽ انقلابي شاعر هجڻ جي حيثيت سان حڪمرانن جا ڪوڙا نعرا ٻڌي ٻڌي اهڙي نا برابري تي ماڻهن کي تحرڪ ۾ آڻڻ جي صلاح ڏئي ٿو، جڏهن هر طرف آنهون دانهون ۽ ناانصافي ڏسي هو ماڻهن کي بغاوت تي اڪسائي ٿو ۽ چوي ٿو اهڙن ڪوڙن نعرن کي ڇڏي اڳتي وڌن ۽ قومي آجياپي لاء پاڻ پتوڙن، وفا ناٿن شاهي پنهنجي مفلسي ۽ غربت تي پڻ خوبصورت انداز ۾ لکيو آهي، هن جا اهڙا خوبصورت خيال جو ماڻهو پڙهڻ ۽ ٻڌڻ سان دنگ رهجي وڃي ۽ دماغ مان ٺڪاء نڪري وڃن ٿا، سندس هن سٽن ۾ جيڪو ڪجهه لکيو ويو آهي ڄڻ ته سنڌ جي ننڊي وڏي جي ڪهاڻي سمايل آهي.
“نه ڪوئي آسرو، نه سرپرست ڪو، نه ڪوئي ڌڻي،
اسان جو ڀاڳ ڄڻ يتيم ٻار آهي دوستو”
وفا پيار عشق ۽ سونهن پرست شاعر هو جنهن جي شاعري ۾ زبردست خوبصورت تشبيهون ڏنيون ويو آهن وفا پيار بابت چئي ٿو. ”ڪوئي ته فرض جواني ادا ڪري ڇڏيون اچو ته سونهن کي پوڃي خدا ڪري ڇڏيون، اچو ته حسن جو دشواريون ڪيون آسان اچو ته پيار جا پرچم کڙا ڪري ڇڏيون“ هو غزل جي حوالي سان اسان جي جديد سنڌي شاعري جو بيباڪ شاعر هيو جنهن بهترين نظم غزل جوڙي انهن ۾ اهڙي ته جان ۽ جوش پيدا ڪيو جو پڙهڻ واري جي روح ۾ جمبش پيدا ٿي وڃي هڪ هنڌ وفا لکي ٿو ته ” ڀيليو ڇو ٿا گاهه ته ناهين نرم سهي بي ساهه ته ناهيان، ڇو ٿا موکي ڦاسي چاڙهيو، ايڏو حــق اگاهه ته ناهيان،منهنجو مذهب پيار محبت ڏسجو مان گهمراهه ته ناهيان، نيٺ خطا ٿي ويندي مونکان آدم هان الله ته ناهيان، وفا پنهنجي شاعري ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو جڏهن به دل ڪو درد مند آواز ڏنو ته ان کي پنهنجي قلم سياهه مس سان قيد ڪري اڇي پني ته پنهنجي سوچ سونهن عبرت عبارت جا عڪس اڏي ڇڏيائين جيڪي جڏهن به ڪنهن شاعري جو ڪتاب کوليو ته سندس حيرت ۽ عبرت منجهان خيالي دنيا ۾ گم ٿي ويا، هڪ هنڌ چوي ٿو ته:
”گل ٽڙيا ته مونکي ياد آئين،
ڀونر مڙيا ته مونکي ياد آئين،
روزانو امڪان اخبار جي ٿورن سان