ٻيڙو فقير ڪنڀار

سال 1960ع کان لوڪ ڪچهرين جي سلسلي ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سان گڏ سڄيءَ سنڌ جي ڪچهرين ۾ حصو ورتائين. ان دوران مرحوم محمد اسماعيل خان نون سان به سندس رفاقت ٿي. هو هڪ لائق صحافي به هو. هفتيوار ”ڪچهري“ اخبار شايع ڪندو رهيو. هن اخبار جو اصل مقصد لوڪ ادب کي سهيڙڻ ۽ اُن کي محفوظ ڪرڻ هو. سڄيءَ سنڌ جي سگهڙن جي جماعت جو صدر چونڊيو ويو. ان کانسواءِ پنهنجي برادريءَ جي تنظيم جو پڻ صدر هو. 30 آڪٽوبر 1964ع ۾ حيدرآباد شهر جي ڪاري موري تڪ مان يونين ڪائونسل جي اليڪشن ۾ حصو ورتائين. ٻيڙي فقير دل جي دوري پوڻ سبب 2 جنوري 1977ع تي وفات ڪئي. وفات وقت سندس عمر 60 ورهيه هئي. حيدرآباد جي ڪاريءَ موريءَ جي ڀر ۾، ڦليليءَ جي ڪپ تي سندس مزار آهي .
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي ٿورن سان