قُربان منگي

  1. نالو: قربان علي پُٽ حسين بخش منگيmangi
  2. جنم: پهرئين اپريل 1961ع (خيرپور ميرس)
  3. تعليم: ڊپلوما اِن ڪامرس، ايم. اي (ايڪانامڪس)
  4. پرڏيهي سفر: ايران، جاپان، ٿائلينڊ، ملائيشيا، آمريڪا، چائنا، متحده عرب امارات ۽ سريلنڪا.
  5. ڇپيل ڪتاب:
  • ............ ۽ هوءَ هلي وئي (ڪهاڻيون) 1980ع
  • راهن جو رولاڪ (ڪهاڻيون ۽ شاعري) 1987ع
  • مُسافر (سفر نامو) 1990ع
  • هڪ گهڙي پيار جي (سفر نامو) 2004ع
  • آمريڪا ۾ ايڪٽيهه ڏينهن (سفرنامو) 2009ع

            (سنڌي لئنگئيج اٿارٽي پاران ايوارڊ يافته)

  • سچل يادگار ڪاميٽي، تاريخ جي پس منظر ۾ 2010ع
  • هوائيءَ جي هوائن مان (سفرنامو) 2014ع
  • چائنا ۾ چوويههَ ڏينهن (سفرنامو) 2020ع
  • ٿائيلينڊ: جِتي راتيون جاڳن ٿيون (سفرنامو) ڇپائيءَ هيٺ
  1. چيف ايڊيٽر / ايڊيٽر / سب ايڊيٽر/ ميمبر ايڊيٽوريل بورڊ:
  • پوپٽ پبليڪيشن (6 شمارا) 1977ع کان 1984ع
  • ٻارڙن جو صفحو (روزانه نِجات سکر) 1978ع
  • ٻارڙن جو صفحو (روزانه نواءِ انقلاب سکر) 1979ع
  • سچل گزيٽ، ترجمان سنڌ يونيورسٽي شاهه عبداللطيف ڪئمپس خيرپور 1981ع
  • ماهوار ”رابيل“ لاڙڪاڻو (10 شمارا)
  • سچل سووينئر 1991ع کان
  • ”سرمست“، تحقيقي جرنل 1999ع کان
  • آل پاڪستان حضرت سچل سرمست فوٽبال ٽورنامينٽ جي موقعي تي شايع ٿيل سووينئر 1993ع
  • آل سنڌ اسڪائوٽ روئر موٽ جي موقعي تي شايع ٿيل سووينئر 1995ع
  • امن ڪانفرنس سووينئر (سوشل ويلفيئر ڊپارٽمينٽ خيرپور) 1991ع
  • ”بيدل“ سووينئر 2004ع کان 2007ع تائين.
  • سووينئر ـــ شهيد بينظير ڀُٽو اسڪائوٽ ريلي 2011ع کان
  • ٽماهي ”پوپٽ“ مخزن 2012ع کان 2016ع تائين
  • ماهوار نيوزليٽر GML ـــ روٽري انٽرنيشنل ڊسٽرڪٽ 3271 ـــ 2013ع.

 

 

  1. علمي / ادبي/ سماجي/ ثقافتي مقرريون:
  • صدر گُــلن جهڙا ٻارڙا سنگت ــ خيرپور 1977ع
  • تعلقه آرگنائيزر، گلن جهڙا ٻارڙا سنگت ـــ تعلقو خيرپور 1978ع
  • ضلعي آرگنائيزر، چڻنگ سنگت، خيرپور 1978ع
  • مرڪزي وائيس چيئرمين، ٻارن جي محفل، حيدرآباد 1980ع
  • صدر، سنڌ ٻالڪ سنگت 1982ع کان
  • ميمبر، سچل سرمست يادگار ڪاميٽي 1982ع کان
  • ميمبر، هلال احمر سوسائٽي خيرپور 1991ع کان
  • سيڪريٽري سنڌي ادبي سنگت خيرپور 1991ع
  • چيئرمين اين جي اوز ڪو آرڊينيشن ڪائونسل خيرپور. 1993ع کان 1995ع.
  • ڪنوينر، پبلشنگ ڪاميٽي، جشن خيرپور 96 ــ 1995ع
  • ڪوآرڊينيٽر ايڊووڪيسي گروپ خيرپور (عورت فائونڊيشن)
  • ڊسٽرڪٽ ڪو آرڊينيٽر سٽيزنس ڪمپين فار وومينس ريپريزنٽيشن ان لوڪل گورنمينٽ 2001 ـــ 2000ع
  • سيڪريٽري، ڊاڪٽر تنوير عباسي يادگار ڪاميٽي خيرپور 2000ع
  • ميمبر، بيدل يادگار ڪاميٽي 2004ع کان
  • چيئرمين، پوپٽ پبلشنگ هائوس ـــ خيرپور.
  • ڊائريڪٽر، سنڌ چلڊرينس اڪيڊمي ـــ خيرپور.
  • ميمبر، روٽري انٽرنيشنل ـــ خيرپور.
  • ميمبر، جيم خانه ڪلب خيرپور.
  • ميمبر، پاڪستان ـــ جاپان ايسوسيئيشن اسلام آباد.
  • ميمبر، پاڪستان ـــ جاپان ڪلچرل ايسوسيئيشن ڪراچي
  • ميمبر، حامي يادگار ڪاميٽي ـــ خيرپور
  • ميمبر، سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن ـــ خيرپور
  • صدر، شهيد محمد پريل منگي ميموريل ــــ ايجوڪيشنل سوسائٽي ـــ خيرپور
  • ميمبر پبليڪيشن ڪاميٽي ــــ سنڌي ادبي سنگت (سنڌ) مرڪز 2005ع
  • ميمبر، خيرپور هسٽاريڪل سوسائٽي ـــ خيرپور.
  • ميمبر سووينيئر ڪاميٽي، سووينئر، خيرپور فيسٽيول 2011ع.
  • صدر روٽري ڪلب خيرپور 11-2010ع.
  • ميمبر، مانيٽرنگ ڪاميٽي فار پبلشنگ هسٽاريڪل بُوڪ، خيرپور 2009ع.
  • باني ميمبر، آفيس ڪاميٽي ـــ سچل سرمست يادگار ڪاميٽي خيرپور 2010ع.
  • ڪو چيئرمين، انٽريڪٽ پروموشن ڪاميٽي روٽري انٽرنيشنل 12-2011ع
  • ڪو چيئرمين، روٽري لٽريچر ٽرانسليشن ڪاميٽي روٽري انٽرنيشنل 12-2011ع
  • اسسٽنٽ گورنر روٽري انٽرنيشنل 13-2012ع
  • ميمبر ـــ ويجيلنس ڪاميٽي، خيرپور تعلقو، سنڌي مضمون ـــ سنڌي لئنگئيج اٿارٽي حيدرآباد سنڌ.
  • چيئرمين سووينئر ڪاميٽي ـــ شهيد بينظير ڀُٽو اسڪائوٽ ريلي 2012ع
  • جوائنٽ سيڪريٽري خيرپور آرٽس ڪائونسل خيرپور 2012ع
  • اسسٽنٽ گورنر روٽري انٽرنيشنل ڊسٽرڪٽ 3271 سکر ريجن 2012ع کان 2013ع
  • جوائنٽ سيڪريٽري ــ ڏاڏا شاهه يادگار ڪاميٽي خيرپور 2012ع کان
  • لائيف ميمبر ـــ اليومني ايسوسيئيشن ـــ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي 2013ع.
  • ميمبر ــــ آرگنائيزنگ ڪاميٽي، خيرپور لٽريچر فيسٽيول 2017ع کان
  • ميمبر بورڊ آف ڊائريڪٽر ـــ مهڪ اين جي او خيرپور.
  • ميمبر ـــ پريزن اوور سائيٽ ڪاميٽي، سينٽرل جيل خيرپور 2019ع.

 

  1. ايوارڊ / شيلڊون:
  • بهترين سوشل ورڪر ايوارڊ ـــ منسٽري آف يُوٿ افيئرس پاڪستان 1998ع
  • بهترين سوشل ورڪر ايوارڊ ـــ نيشنل يوٿ آرگنائيزيشن لاهور 1991ع
  • بهتريل سوشل ورڪر ايوارڊ ـــ پاڪستان ڪريسينٽ يُوٿ آرگنائيزيشن 1991ع
  • بهتريل سوشل ورڪر ايوارڊ ـــ سنڌ بواءِ اسڪائوٽس ايسوسيئيشن خيرپور 1991ع
  • يادگار شيلڊ ـــ ”آگھي“ ڪراچي 1994ع
  • بهترين ورڪر ايوارڊ ـــ سچل سرمست يادگار ڪاميٽي خيرپور 1994ع
  • بهترين ورڪر ايوارڊ ـــ سنڌ ڪلچرل ايسوسيئيشن ـــ ڪراچي 1994ع
  • بهترين ورڪر ايوارڊ ـــ آل سنڌ روئر موٽ اسڪائوٽ 1994ع
  • بهترين ورڪر ايوارڊ ـــ جشن خيرپور 96-1995ع
  • مڃتا شيلڊ ـــ سنڌي ادبي سنگت خيرپور 2005ع.
  • بيدل ايوارڊ (بهترين ڪارڪن) بيدل يادگار ڪاميٽي 2009ع
  • مڃتا ايوارڊ ـــ ريڊ ڪريسينٽ سوسائٽي ـــ خيرپور 2009ع
  • مڃتا ايوارڊ: سنڌ سگھڙ لوڪ ادب تنظيم خيرپور 2009ع.
  • مڃتا ايوارڊ ـــ روٽري انٽرنيشنل ـــ 2010ع.
  • ادبي ايوارڊ (بهترين سفرنامه نگار) سنڌي لئنگئيج اٿارٽي ـــ حيدرآباد 2010ع
  • مڃتا ايوارڊ سينٽر فار بائيو ڊائيورسٽي اينڊ ڪنسرويشن ـــ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور 2010ع
  • حامي ايوارڊ (لائيف ٽائيم اچيومينٽ) حامي يادگار ڪميٽي 2011ع
  • سچل ايوارڊ (لائيف ٽائيم اچيومينٽ) سچل سرمست يادگار ڪميٽي 2011ع
  • مڃتا ايوارڊ: ڊسٽرڪٽ بواءِ اسڪائوٽس ايسوسيئيشن خيرپور 2011ع
  • مڃتا ايوارڊ: خيرپور ڊيٽس فيسٽيول 2011ع
  • مڃتا ايوارڊ: روٽري انٽرنيشنل (شاخ گمبٽ) 2011ع
  • مڃتا ايوارڊ: خيرپور فيسٽيول 2011ع
  • مڃتا ايوارڊ: (سفرنامي آمريڪا ۾ ايڪٽيهه ڏينهن تي) روٽري انٽرنيشنل 2011ع
  • مڃتا ايوارڊ: (ٻوڏ جي تباهه ڪارين ۾ خدمتن تي) روٽري انٽرنيشنل 2011ع
  • مڃتا ايوارڊ: (صدر جي حيثيت ۾ بهترين خدمتن تي) روٽري انٽرنيشنل 2011ع.
  • يادگار شيلڊ: ٻئين شهيد محترمه بينظير ڀُٽو اسڪائوٽ ريلي دوران ـــ ضلع حڪومت خيرپور 2011ع.
  • ايم يحييٰ ڀُٽو ايوارڊ: ريڊيو ڊرامه آرٽسٽ فورم خيرپور 2012ع
  • مڃتا ايوارڊ: ڊسٽرڪٽ اسڪائوٽس ايسوسيئيشن خيرپور 2012ع
  • مڃتا ايوارڊ: خيرپور آرٽس ڪائونسل خيرپور 2012ع.
  • مڃتا ايوارڊ: خيرپور فيسٽيول 2012ع.
  • مڃتا ايوارڊ: ڏاڏا شاهه يادگار ڪاميٽي خيرپور 2012ع
  • مڃتا ايوارڊ: (پال هيررس فيلو) روٽري انٽرنيشنل 2012ع
  • مڃتا ايوارڊ: (خيرپور فيسٽيول) ضلعي انتظاميه خيرپور 2012ع.
  • مڃتا ايوارڊ: (خيرپور کجور فيسٽيول) ضلعي انتظاميه خيرپور 2012ع.
  • ادبي ايوارڊ: عباسي ڪلهوڙا تنظيم سنڌ 2012ع
  • مڃتا ايوارڊ: (بهترين اسسٽنٽ گورنر) روٽري انٽرنيشنل 2013ع.
  • مڃتا ايوارڊ: ڏاڏا شاهه يادگار ڪاميٽي خيرپور 2013ع.
  • مڃتا شيلڊ: روٽري ڪلب خيرپور گرين 2013ع.
  • مڃتا ايوارڊ: ڊاڪٽر محبت ٻُرڙو اڪيڊمي قنبر 2013ع.
  • مڃتا ايوارڊ: الفاروق اوپن اسڪائوٽس گروپ خيرپور 2013ع.
  • مڃتا ايوارڊ: خيرپور يوٿ آرگنائيزيشن خيرپور 2013ع.
  • ايوارڊ: ماهوار ناٽڪ مئگزين ڪراچي 2013ع.
  • يادگار شيلڊ: المنائي ائسوسيئيشن، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي، خيرپور 2013ع.
  • مڃتا ايوارڊ: اليومني ايسوسيئيشن شاهه عبداللطيف يونيورسٽي 2013ع.
  • يادگار شيلڊ: المنائي ائسوسيئيشن، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور 2014ع
  • يادگار شيلڊ: سنڌ يوٿ آرگنائيزيشن 2014ع
  • يادگار شيلڊ: اسپورٽس ۽ يوٿ افيئرس ڊپارٽمينٽ حڪومتِ سنڌ 2014ع.
  • ايوارڊ: نوا پرڀات (DIL) خيرپور 2014ع.
  • يادگار شيلڊ: ڇهون ڊيٽس ايگزيبيشن ۽ سيمينار خيرپور، ضلع انتظاميه خيرپور 2014ع.
  • يادگار شيلڊ: ستون انٽرنيشنل خيرپور ڊيٽس فيسٽيول خيرپور 2015ع.
  • يادگار شيلڊ: سنڌ ينگ ليڊرس ڪانفرنس 2015ع.
  • يادگار شيلڊ: المنائي ائسوسيئيشن، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور 2015ع.
  • مڃتا شيلڊ: ڏهين انڊس يوٿ ڪانفرنس شيلڊ 2016ع.
  • مڃتا شيلڊ: روزاني وفاءِ سنڌ سٿ 2016ع.
  • يادگار شيلڊ: پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف يوٿ ڊيولپمينٽ 2016ع.
  • ايڪسيلينس ايوارڊ: سنڌ يوٿ آرگنائيزيشن، خيرپور 2016ع
  • يادگار شيلڊ: ڪاليجز ڊسٽرڪٽ بواءِ اسڪائوٽس ائسوسيئيشن 2016ع.
  • مڃتا شيلڊ: صلاحڪاري ڪاميٽي سکر ڊويزن، ثقافت ۽ سياحت کاتو حڪومتِ سنڌ 2016ع.
  • يادگار شيلڊ: مهڪ اين جي او، خيرپور 2016ع.
  • يادگار شيلڊ: سنڌي ٻولي عالمي ڪانفرنس ۽ ثقافتي ميلو، سنڌ گرئجوئيٽس ائسوسيئيشن سنڌ 2016ع.
  • يادگار شيلڊ: ذيليس پاڪستان يوٿ ڪو آپريشن آرگنائيزيشن خيرپور 2017ع
  • يادگار شيلڊ: سنڌ يوٿ آگنائيزيشن 2017ع.
  • مڃتا شيلڊ: روٽري ڪلب خيرپور 2017ع.
  • يادگار شيلڊ: خيرپور يوٿ ڪانفرنس، مهڪ اين جي او خيرپور 2017ع.
  • يادگار ايوارڊ: مهڪ اين جي او خيرپور، اسپورٽس ۽ يوٿ افيئرس ڊپارٽمينٽ گورنمينٽ آف سنڌ 2017ع.
  • يادگار شيلڊ، مهڪ اين جي او، خيرپور 2017ع.
  • يادگار شيلڊ: زونل ڪانفرنس قلندر ذون ـــ روٽريڪٽ ڪلب خيرپور 2018ع
  • ايوارڊ: ادا سائين ٻارڙن جي ادبي تنظيمَ 2019ع.
  • يادگار شيلڊ: يوٿ اسڪل فار سڪسيس ورڪشاپ، مهڪ اين جي او خيرپور 2018ع.
  • باباٰءِ خيرپور ايوارڊ: مُرشدي گورايا ميموريل ڪميٽي خيرپور 2018ع.
  • يادگار شيلڊ: مهڪ اين جي او خيرپور 2018ع.
  • يادگار شيلڊ: يوٿ امپاورمينٽ ڪانفرنس 2018ع ــــ مهڪ اين جي او خيرپور 2018ع
  • ايڪسيلينس ايوارڊ: سنڌ يوٿ آرگنائيزيشن 2018ع.
  • ايڪسيلينس ايوارڊ: مائڪروسافٽ ڪمپيوٽر ۽ انگلش لئنگئيج سينٽر خيرپور 2018ع.
  • يادگار شيلڊ: جرنلزم ۽ ميڊيا يوٿ ورڪشاپ 2018ع.
  • سهراب فقير ايوارڊ: سهراب فقير اڪيڊمي، ٽالپر وڏا 2019ع.
  • يادگار شيلڊ: انٽرنيشنل وومين ڊي ـــ مهڪ اين جي او، خيرپور 2019ع.
  • يادگار شيلڊ: روٽري ڪلب خيرپور ڊيٽس ويلي 2019ع.
  • يادگار شيلڊ: انٽرنيشنل وولينٽيئر ڊي، وومين ڊولپمينٽ فائونڊيشن پاڪستان 2019ع.
  • گلوبل سي ايس آر ايڪسيلينس ۽ ليڊر شپ ايوارڊ: آسٽريلين ملٽي ڪلچرل چيريٽي 2019ع.
  • ٽوڪن آف ائپريسيئيشن: مهڪ مين ڪائينڊ ايجوڪيشن اينڊ هيلٿ ائسوسيئيشن خيرپور 2019ع.
  • رڪگنائيزيشن شيلڊ: يوٿ ڪاليج آف ليڊرشپ آگنائيزيشن 2019ع.
  • ائپريسيئيشن ايوارڊ، سنڌ ينگ ليڊرس ڪانفرنس 2020ع.
  1. مڃتا سرٽيفڪيٽَ:
  • فائن آرٽس سوسائٽي ــــ حيدرآباد 1982ع
  • ڊپٽي ڪمشنر ــــ خيرپور 1982ع
  • سچل نيشنل سيمينار 1982ع
  • اسسٽنٽ ڪمشنر ــــ خيرپور 1987ع
  • اسسٽنٽ ڪمشنر ــــ خيرپور 1987ع
  • حيدرآباد جئسيس ــــ حيدرآباد 1988ع
  • پاڪستان ڪريسينٽ يُوٿ آرگنائيزيشن 1990ع
  • سنڌي گريجوئيٽس ايسوسيئيشن ــــ سنڌ 1990ع
  • پريس انسٽيٽيوٽ آف پاڪستان 1990ع
  • ڊپٽي ڪمشنر ــــ خيرپور 1991ع
  • منسٽري آف فارين افيئرس ــــ جاپان 1991ع
  • نيشنل يُوٿ آرگنائيزيشن آف پاڪستان 1991ع
  • پاڪستان سوشل ايسوسيئيشن ــــ پنجاب 1992ع
  • بيت التبسم ــــ ڪراچي 1993ع
  • سنڌي ادبي سنگت (سنڌ) 1993ع
  • سنڌ يونيورسٽيز اسپورٽس چيمپئن شپ 1994ع
  • فيملي پلاننگ ايسوسيئيشن آف پاڪستان 1994ع
  • ڊسٽرڪٽ ريڊ ڪريسنٽ سوسائٽي ــــ خيرپور 1994ع
  • سنڌ ڪلچرل ايسوسيئيشن ــــ ڪراچي 1994ع
  • ڊپٽي ڪمشنر ــــ خيرپور 1995
  • ڊائريڪٽر پلاننگ ۽ ڊولپمينٽ اينٽي نارڪوٽڪ فورس اسلام آباد 1995ع
  • ريڊ ڪريسنٽ پاڪستان، ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن ۽ امپيڪٽ پاڪستان 1997ع
  • پاڪستان سوشل ايسوسيئيشن پاڪستان 1997ع
  • ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر ــــ خيرپور 1997ع
  • عورت پبليڪيشن اينڊ انفارميشن سروس فائونڊيشن 2003ع.
  • سنڌ پوليس خيرپور ۽ ضلعي حڪومت خيرپور 2010ع
  • روٽري انٽرنيشنل (ڊسٽرڪٽ 3270) 2010ع
  • روٽري انٽرنيشنل (ڊسٽرڪٽ 3271) 2010ع
  • پريزيڊينشل سائيٽيشن ايوارڊ، روٽري انٽرنيشنل 11-2010ع.
  • ڪلب جي بهترين صدر جو سرٽيفڪيٽ. روٽري انٽرنيشنل 11-2010ع.
  • اسسٽنٽ گورنر ٽريننگ سرٽيفڪيٽ. روٽري انٽرنيشنل 13-2012ع.
  • روٽري ليڊر شپ ٽريننگ ڪورس ـــ حصو پهريون 2012ع.
  • خيرپور ڊيٽس ايگزيبيشن ۽ سيمينار 2012ع
  • ڊاڪٽر تنوير عباسي سرٽيفڪيٽ ـــ عباسي ڪلهوڙا تنظيم سنڌ 2012ع.
  • سرٽيفڪيٽ آف پارٽيسپيشن ـــ روٽري ڪلب نوشهرو فيروز 2012ع.
  • روٽري يونيسيف ماسٽر ٽرينر ورڪشاپ 2012ع.
  • ائپريسيئيشن سرٽيفڪيٽ، روٽري گورنر 2013ع
  • پال هيررس فيلو سرٽيفڪيٽ ـــ روٽري انٽرنيشنل 2013ع.
  • المنائي ايسوسيئيشن ڪانفرنس 2013ع.
  • روٽري ليڊر شپ ٽريننگ ڪورس ـــ حصو ٻيو 2013ع.
  • روٽري ليڊر شپ ٽريننگ ڪورس ـــ حصو ٽيون 2013ع.
  • گرئجوئيشن سرٽيفڪيٽ ، روٽري ليڊرشپ انسٽيٽيوٽ پاڪستان ۽ افغانستان ريجن 2013ع.
  • ايگل ٽريڪ زِپ لائين (چَنگ مائي ٿائلينڊ) 2013ع.
  • ڊسٽرڪٽ ڊزاسٽر سي ايس او ايس نيٽرورڪ خيرپور 2014ع.
  • خيرپور ڊيٽس ايگزيبيشن ۽ سيمينار 2014ع.
  • خيرپور ڊيٽس ايگزيبيشن ۽ سيمينار 2015ع.
  • تنظيم فڪر و نظر سنڌ 2016ع.
  • سرٽيفڪيٽ آف ائپريسيئيشن، روٽري ڪلب ڊسٽرڪٽ 3271 ـــ 2016ع.

 سنڌي ٻوليءَ ۾ ٻاراڻي ادب جي شديد کوٽ آهي ـــ هڪ دؤر ۾ ٻارن لاءِ کوڙ سارو ادب تخليق ڪندـڙ اديبن ٻارن لاءِ لکڻ ڇڏي ڏنو آهي. اهـڙن خيالن جو اظهارُ نامياري سفرنامه نِگار ۽ پبلشر قربان منگيءَ ڪاوش سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته سنڌي ٻوليءَ ۾ ٻارن لاءِ نڪرندڙ واحد رسالو ”گل ڦل“ به مستقل طور شايع نه ٿو ٿئي، سنڌي ادبي بورڊ پاران ڪنهن زماني ۾ ٻارن لاءِ پلاننگ سان ڪتاب شايع ٿيندا هئا. جيڪي هاڻي ڪونه ٿا ڇپجن. ٻارن جون ادبي تنظيمون ڳوليون ڪونه ٿيون لڀن، جن ماضيءَ ۾ ٻارن جي ادبي ۽ شعوري اؤسر ڪئي ۽ اهي اڳتي هلي وڏا اديب ۽ ڪامياب انسان بڻيا. پهرئين اپريل 1961ع تي خيرپور جي نظاماڻي محلي ۾ جنم وٺندڙ قربان منگيءَ ٻُڌايو ته هُنَ 1977ع کان 1986ع تائين  جي عرصي ۾ ٻارن لاءِ ڪتابي سلسلي ”پوپٽ“ جا ڇهه شُمارا مُرتب ڪري شايع ڪيا جنهن ۾ هِنَ دؤرـَ جي نامور ليکڪن جون ابتدائي لکڻيون ۽ شاعري شايع ٿي ـــ قربان منگيءَ ٻُڌايو ته ”پوپٽ“ جي پليٽ فارم تان ئي سنڌ ٻالڪ سنگت جو بنياد رکيو ويو ۽ جنهن سنڌ جي ٻارن کي هِڪَ بينر هيٺ منظم ڪيو ۽ ڪيترائي يادگار ڪل سنڌ ٻالڪ ميلا منعقد ڪرايا ويا ۽ اڻ ڳڻيون ننڍيون وڏيون تقريبون منعقد ٿيون.

دُنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جو سير ڪري، انهيءَ سفر جي يادگيرين کي سفرنامن جي صورت ۾ محفوظ ڪندڙ قربان منگي هن وقت تائين، ايران، جاپان، ٿائلنڊ، ملائيشيا، آمريڪا، يونائيٽيڊ عرب امارات، چائنه ۽ سريلنڪا جا سفر ڪري  چُڪو آهي. هُنَ ٻُڌايو ته سندس چار سفرنامه ”مسافر“، ”هِڪَ گهڙي پيارَ جي“، ”آمريڪا ۾ ايڪٽيهه ڏينهن“ ۽ ”هوائيءَ جي هوائن مان“ شايع ٿي چُڪا اهن جن مان ”آمريڪا ۾ ايڪٽيهه ڏينهن“ کي سال 2009ع ۾ سنڌي لئنگئيج اٿارٽي حيدرآباد پاران بهترين سفرنامي جو ايوارڊ ۽ سنڌ جي ثقافت واري کاتي پاران ڪيش پرائيز ملي چُڪو آهي. جڏهن ته سندس چين جو سفرنامو ”چين ۾ چوويههَ ڏينهن“ اشاعتَ هيٺ آهي. پوپٽ پبلشنگ هائوس جي چيئرمين جي حيثيت سان 90 کان مٿي مختلف موضوعن تي ڪتاب شايع ڪندڙ قربان منگي ٽماهي ادبي مخزن ”پوپٽ“ جو چيف ايڊيٽر پڻ آهي. سندس چوڻ آهي ته ”پوپٽ“ سنڌي معياري ۽ صحتمند تنقيدي، تخليقي ۽ تحقيقي ادب جو ترجمان رسالو آهي، جنهن جو ڪَمُ صحتمند ادبي ماحول قائم ڪرڻ ۽ نوجوانن کي ڪِتابن ڏانهن مائل ڪرڻ به  آهي، قربان منگيءَ چيو ته پڙهندڙ معياري ڪتاب ڳولي ڳولي پڙهي ٿو، پَرـَ جي اُهو معياري هجي ته. پنهنجي عمر جا چار ڏهاڪا سچل سرمست يادگار ڪاميٽيءَ کي ارپيندڙ قربان منگيءَ چيو ته سچل يادگار ڪاميٽيءَ سان سندس جُنون جي حَدَ تائين محبت رهي آهي. ڊاڪٽر تنوير عباسي کي ادب ۽ خيرپور جي اڳوڻي ڊپٽي ڪمشنر ۽ ادب دوست شخصيت غلام محمد ميمڻ کي پنهنجو محسن سمجھندڙ قربان منگي چوي ٿو ته مون چاليهه سالَ هڪ ورڪر جي حيثيت سان سچل سائينءَ جي فڪر جي ڦهلاـءَ لاءِ خدمت ڪئي آهي. تحقيقي جرنل ”سرمست“ کان وٺي ”سچل سووينئر“ جي سهيڙَ کان وٺي انهن جي ڇپائيءَ تائين پاڻ پتوڙيو آهي ۽ موٽ ۾ ڪنهن به عهدي ۽ ايوارڊ جي طلب ناهي ڪئي ـــ هُنَ ٻُڌايو ته سندس ڊاڪٽر عطا محمد حاميءَ سان نياز منديءَ وارو رشتو رهيو جنهن لکڻ جي ابتدائي دؤرَ ۾ سندس ڪچن ڦڪن شعرن جي اصلاح به ڪئي. قربان منگيءَ ٻُڌايو ته هُو خادم سنڌي، اُميد خيرپوري ۽ مير صوبدار سعيد سميت ڪيترن ئي قلمڪارن ۽ شاعرن جا ڪتاب به شايع ڪرائي چُڪو آهي، جن جي ڪتابن کي ڪو به ادارو شايع ڪرڻ لاءِ تيار ناهي رهيو.

سنڌي ادبي سنگت جي باري ۾ ڇپيل هڪ سوال جو جواب ڏيندي قربان منگيءَ چيو ته ماضيءَ ۾ سنڌي ادبي سنگت هِڪَ طويل ماٺار جو شڪار ٿي وئي هئي تڏهن خيرپور جي دوستن پريس ڪلب خيرپور ۾ ان جي مرڪزي اليڪشن ڪرائي هئي جنهن ۾ انور پيرزادي ۽ تاج جويي جي وچ ۾ مقابلو ٿيو هو ۽ تاج جويو کٽي آيو هو. اڄوڪي سنگت شديد فڪري ۽ تنظيمي بحران جو شڪار ٿي وئي آهي، بوگس شاخون قائم ڪري، پيٽي مفادن جي حاصلات لاءِ هِڪَ مخصوص ٽولو سنگت جهڙي باوقار اداري تي سياسي هٿ ڪنڊن ذريعي قابض ٿي ويو آهي.

بيدل يادگار ڪاميٽي، حامي يادگار ڪاميٽي، روٽري انٽرنيشنل ۽ ٻين اڻ ڳڻين ادارن ۾ انتهائي متحرڪ ڪردار ادا ڪندڙ قربان منگيءَ خيرپور ۾ ڪيترائي ادارا به قائم ڪيا آهن. هن ٻُڌايو ته پوپٽ پبلشنگ هائوس، سنڌ چلڊرينس اڪيڊمي، سنڌ ٻالڪ سنگت سندس قائم ٿيل ادارا آهن، پَرَ هُنَ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن، خيرپور آرٽس ڪائونسل، جيم خانه ڪلب خيرپور ۽ ريڊيو پاڪستان خيرپور جي حوالي سان به ڪيتريون ئي بنيادي خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. سچل سرمست ايوارڊ، حامي ايوارڊ، بيدل ايوارڊ، محبت ٻُرڙو اڪيڊمي ايوارڊ، ڏاڏا شاهه يادگار ايوارڊ، سنڌي ادبي سنگت مرڪز ايوارڊ، سگا ايوارڊ ۽ ٻيا اڻ ڳڻيا ايوارڊ حاصل ڪندڙ ايوارڊ قربان منگيءَ چيو ته مون زندگيءَ ۾ ڪَمَ ۽ صرف ڪَمَ کي اهميت ڏني آهي ۽ زندگيءَ جي هَر پل کي سجايو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هُنَ ٻُڌايو ته بنهه نوجوانيءَ جي عُمر ۾ سنڌ ٻالڪ سنگت جي پليٽ فارم تان پي ٽي وي ڪراچي سنڌ تان ٻارن جي پروگرام ”روشن تارا“ تي پيل بندش جي خلاف جدوجهد ڪري ان کي بحال ڪرايُم جنهن تي هميشه فخر محسوس ڪندو آهيان. ٻارن جي تنظيم ”گلن جهڙا ٻارڙا“ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندڙ قربان منگيءَ جو خيالُ آهي ته اڄوڪي سنڌ جي ٻارن کي هڪٻئي سان ڳنڍڻ لاءِ ڪنهن نيٽ ورڪ جو جُڙڻ ضروري آهي. هُنَ چيو ته سرڪاري ادارا پنهنجي جاءِ تي ضرور موجود آهن، پَرَ علم، ادبَ، فن ۽ ثقافت جي واڌاري لاءِ انهن ڏانهن واجھائڻ بدران پنهنجي مدد پاڻ تحت ڪوشش ڪرڻ گهرجي. هُنَ چيو ته لطيف سائينءَ جي لفظن ۾ ”کرڪڻا لاهي، سُکَ نه سمجھڻ گهرجي“ پر هَرپَل اڳتي نهارڻ گهرجي.

خيرپور جي ادب ۽ ثقافت جي حوالي سان هڪ سفيرَ واري حيثيت ماڻيندڙ قربان منگيءَ جو چوڻ آهي ته سماجَ ۾ تبديلي ۽ فرسوده قدرن جي خامتي لاءِ اسان سڀني کي اڳتي اچڻو پوندو. نوجوانَ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا ۽ سنڌ جا ساڃاههَ وَندَ سنڌ جي اجتماعي مسئلن لاءِ هِڪَ منظم رٿا تحت ڪم ڪن ته سِنڌُ جا سُورَ ختم ٿي سگهن ٿا.

 

Good Wishes