مايا راهي

وچولي ۽ نئين پيڙهيءَ جي ليکڪائن جي پريڻا -
مايا راهي"
✍🏻 ڊاڪٽر سنڌيا چندر ڪندناڻي
facebook 1570671706166سنڌي ساهت جا ادبي جوڙا سندري ۽ اي جي اُتمچنداڻي , ڪلا ۽ موتي پرڪاش, اندرا ۽ هريش واسواڻي, پارو ۽ ٺاڪر چاولا ساڳئي ئي سٿ جو ساهت اڪادمي انعام يافت آدبي جوڙو مايا ۽ ڪرشن راهي آهن. هنن سڀني جوڙن ساهت جي کيتر ۾ ايترو  يوگدان ڏنو, جو سنڌي ادب جو ڪنواس وشال ۽ وسيع پئماني تائين ڦلجندي, اوچ مقام حاصل ڪيو.
جڏهن ت ورهاڱي کانپوءِ سنڌي ساهت ۾ جيڪڏهن اوچ ڪوٽيءَ جي ليکڪائن جي ڳڻپ ڪجي ت سڀ کان اول سداحيات گلي سدارنگاڻي , پوپتي هيراننداڻي, سندري اُتمچنداڻي, ڪلا پرڪاش ۽ پارو چاولا
 ۽  تاراميرچنداڻي, مايا راهي, ڊاڪٽر ڪملا گوڪلاڻي  وينا شرنگي ۽ اندرا شبنم جن ليکڪائن ورهاڱي کانپوء قدم قدم تي منزل جا پيچرا رستا طئه ڪندي,ڀارت ۾ نئين سر سنڌي اتهاس جو هڪ ناياب سونهري ورق جوڙيندي, وچولي ۽ نئين پيڙهي جي ليکڪائن لاء ساهتڪ صاف سٿرو پٿ تيار ڪندي, هڪ پريڻا جي روپ ۾ اُڀريندي, ممتاز ڀري مقام تي پهتل آهن اُن ساڳئي سٿ جي
ڪهاڻيڪار, مضمون نگار , شاعرا, سنڌي ساهت جي بولڊ ,بي باڪ , بلند حوصلي واري ,کليل دماغ واري, دل جي صاف سٿري, اوچ خيالات واري , شانائتي شخصيت وچولي ۽ نئين پيڙهيءَ جي ليکڪائن جي پريڻا مايا راهي جو جنم 10 آڪٽوبر 1939 ڪراچي سنڌ ۾ ٿيو. هوءَ اڃا ستن سالن جي ننڍڙي ٻالڪا ئي مس هئي جو ڪراچي جي فسادن جو خوفناڪ ماحول ۽ ورهاڱي جا دل ڏاڙيندڙ منظر  هن جي ٻال هرديه اکين سان ڏٺا. جنهن جي ڇاپ ڪجه ڌنڌلي ت ڪجه چٽي هن جي دل تي اڄ ڏينهن تائين ڇڏيل آهي.
ورهاڱي کانپوءِ اسڪولي ۽ ڪاليجي تعليم حاصل ڪندي  مايا جي جيون ۾ اڻ ڳڻيا پيچرا رستا درپيش آيا پر نيٺ سندس پوڙهو ثاب ٿيو. هوءَ پنهنجي لگن ۽ محنت سان ڌيري ڌيري جيون جا ڏاڪا چڙهندي رهي.
سنڌي ٻولي ۽ سنڌيت لاءِ ت کيس محبت هئي ئي جنهن ڪري هوءَ منگهارام ملڪاڻي جي ادبي بيٺڪن جو حصو بڻي جتي هن جي ملاقات ڪرشن راهيءَ سان ٿي پهرين ملاقات دوستيءَ ۾ بدلجي ۽ وري دوستي محبت جو روپ ورتو ۽ ٻنهي مائٽن جي رضامنديءَ سان شادي ڪئي. کين هڪ پٽ ۽ ٻ ڌيئر آهن. ائين ٻنهي گڏجي جيون سان گڏ ساهتڪ گاڏو ب هلايو.جڏهن ت ساهتڪ کيتر ۾ پڻ ٻنهي جو مقام اوچو رهيو.
افسوس جو 6 اپريل 2007 ۾ ڪرشن راهي وڇاڻي هن دنيوي دنيا ۽ ادبي دنيا کان الوداع ڪئي.
(سندن ٻئي ڌيئر هن وقت امريڪا ۾ پنهنجي گهوٽ ۽ ٻارن سان خوش آهن ۽ مايا راهي هن وقت پٽ سان ٿاڻا ۾ رهندي آهي. )
 مايا راهي اها ٻهوگڻي شخصيت جي مالڪ آهي جنهن نثر چاهي نظم ۾ ڪاميابيءَ سان قلم هلائيندي, گذريل ڇهن ڏهاڪن کان سندس اڻ ٿڪ قلم اُن ساڳئي ئي جوش وخروش سان هلي پيو ٿو. ساهتڪ کيتر ۾ بنيادي طور مايا راهي ڪهاڻيڪار جي روپ ۾ ڃاتي سڃاتي ويندي آهي. هيل تائين سندس ڪهاڻين جا ڇه مجموعا "محبت جو مينهن", "موڪش" "ڍال" ۽ "مهانگي مُرڪ".جڏهن ت ٻ ڪتاب هنديء ۾ "موڪش" ۽ اور وو اُداس هو گئي" ڇپجي چڪا آهن.سندس ڪهاڻيون ماڊرن تيڪنڪ جي آڌار تي رچيل هونديون آهن. هر هڪ ڪهاڻي ۾  نوان اوتيندي, ماڊرن عنوان, ڪهاڻين جي پلاٽ ۾ سماج جي عڪاس ,برجستي ڪردارنگاري, بولڊ خيال ويچار ,ٻولي سادي سپڪ ۽ سولي وقتي ٺهڪندڙ اصطلاح ۽ پهاڪا ڪم آڻيندي آهي. 
سندس ڪهاڻيون  وقت ب وقت اخبارن مخزن ۽ رسالن جي سونهن وڌائيندا رهندا آهن. ويجهرائي ۾ سندس نئين ڪهاڻي سپون ۾ "ايس. ايم. ايس" ڇپجي هئي جڏهن ت ڪونج پرچي ۾ "ٽي ڏينهن ٽي پيڙهيون" ڇپجي جا پڻ  سنڌي ساهت جي بهترين ڪهاڻي آهي. ڪهاڻيء جو عنوان ئي ماڊرن ۽ نواڻ طرف اشارا ڪري ٿو . “ٽي ڏينھن ٽي پيڙھيون“ ۾ حالانڪ اڄ ڪلھ جي ماڊرن ٽيڪنالاجي سبب پيڙھين ۾ تڪرار طرف اشارا ڪيل آھن. پر آمريڪا ۾ رھندڙ ان ڪٽنب جي نئين توڙي پراڻي پيڙھي اتي جي واتاورڻ کان اثرانداز ٿيل آھي. ماڊرنائيزيشن جو اثر نانيء تي بہ حاوي ٿيل آھي ڇو تہ ڏوھٽي کي بک ھجي پوء بہ نانيء کي پھرين يوگا مٺڙي لڳي.  ناني پاڻ چوي ٿي تہ 
“ھتي اچي مان بہ پوري طرح آمريڪن ٿي وئي آھيان".
ظاهر آهي وديشي اثر نه فقط اڄ جي ماڊرن اولاد تي اهي پر برزگ پيڙهي به ڪنهن وقت ان وهڪري ۾ وهي وڃي ٿي.جڏهن ت ڪهاڻيء ۾ يوگا جي ڀرپور مهما ٻڌائڻ جو وجه ليکڪا ڪون ڇڏيو اهي.
مايا راهي ڪيترن ئي سيمينارن تي تز مقالا ۽ بهترين صدارتي تقريرون ڪيون آهن.جڏهن ت ڪيترن ئي پروگرامن جو سڦل سنچالن پڻ ڪيا اٿس.
مايا راهي ن فقط ڪهاڻيڪار ,مضمونگار ۽ مقالانويس آهي پر هوءَ هڪ بهترين شاعرا پڻ آهي
آنءُ چاهيان ٿي پاٺڪ ب سندس شاعريءَ جي پنکڙين جي خوشبوءَ جو واس وٺن
"انسان ڀل برهم ن ٿئي
هڪ انسان بڻجي ڇو نٿو جيئي"
جڏهن ت مايا راهيءَ جو چوڻ آهي جيون هڪ تپسيا آهي. ڇو جو هُن زندگيءَ جا  ڏاڪا چڙهندي ,جوڳيءَ جيان تپسيا ئي تپسيا ڪئي آهي. جنهن جي جهلڪ هن شاعريءَ ۾ ملي ٿي.
جيون هڪ تپسيا آ ,
جوڳيءَ جيان جيئڻو آ ,  
مايا راهي کي ڪيترين ئي سرڪاري چاهي غير سرڪاري سطح تي عهدن مانن ۽ سنمان سان نوازيو ويو . 
2015  ۾ "مهانگي مرڪ" تي کيس سينٽرل ساهت اڪاڊميء جو وڏو آوارڊ عطا ٿيو.  
اڄ مارڊن زماني سبب کاڌي پيتي رهڻ ڪهڻ جا طور طريقا بدلجي ويا آهن جنهن ڪري يوگا انسان جي زندگيء ۾ آڪسيجن جو ڪم ٿي ڪري.مايا راهيء اڄ جي مارڊن زماني ۾ اُن يوگا جهڙي آڪسيجن جي مهما سمجهندي اٺين ڏهاڪي جي عمر ۾ ب فري يوگا ڪلاسز هلائيندي آهي. جڏهن ت سنڌيت وڌائڻ ۽ساهت سرجن ڪرڻ ت هن جي ساه مثل آهي.جنهن جو ثبوت هن عمر ۾ يعنا اسي سالن جي عمر  ۾ ب سندس ڪهاڻي جي ڪتاب "ديسي لوڪ پرديسي سپنا" ڇپيو سندن جذبي کي منهنجا کوڙ کوڙ سلام ,شل خدا کيس صحتمند جيون ۽ وڏي اورجا بخشي

Good Wishes